پنو عاقل (ن سنڌيار)مدرسي ۾ مولوي طرفان قرآن پڙهڻ لاءِ آيل معصوم شاگرد سان بدفعلي جي تصديق ٿي وئي. نينگر جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ جاري، اسپتال انتظاميا چيو آهي ته شروعاتي طور ٿيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگر سان بدفعلي جي تصديق ٿي آهي، جوابدار لطف الله سومرو ۽ متاثر نينگر جي ڊي اين اي جُزا ڄامشورو ليبارٽري اُماڻيا ويا آهن، حتمي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو.










