تاج محمد ابڙو هڪ ادارو هو، غريبن لاءِ جدوجهد ڪئي، مقرر

نوابشاهه/نوشهروفيروز(اي ڪي ڏاھري ۽ منظور ملڪ)سنڌ جي ناليواري اديب، دانشور، سياستدان، جج، وڪيل، سماج سڌارڪ، ليکڪ ۽ بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 96 هين سالگره نوابشاهه ۽ مورو ۾ ملهائي وئي. نوابشاهه ۾ شاهه سچل سامي فائونڊيشن طرفان منتها هال ۾ ملهائي وئي. سالگره جي تقريب جا مهمانِ خاص ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيدبينظيرآباد مير نادر علي ابڙو هئا. سالگرهه تقريب ۾ شاه سچل سامي فائونڊيشن چيف ايگزيڪيٽيو آفيسر لالا ارشد، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي صابر حسين قريشي،عبدالرحمن خاصخيلي،سنڌ ادبي سنگت جي بادل خان لرا، ستار سندر، امداد علي مغيري،عاشق علي شاهه،نعمت الله، سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي، محمد اسماعيل ڊومڪي، منظور ٻگھيو، اي ڪي ڏاهري، ، دانش علي وٽو ، ايم عارف ٻگھيو ، وقار آرائين ، عبدالسلام ڏاھري ، عامر لاشاري ،رسول بخش رند، عبدالفتاح رند، اصغر بابو رند،فرحان گل، غلام حسين رند، استاد عرض محمد رند، رفيق مسافر رند،سجاد رند،منصوررند مهتاب ڏاهري،الله وڌايو ابڙو، وزير انڙ،دانش وٽو،فراز ميمڻ،نويد هاليپوٽو،ساحل سليم رند،سيد سبطين شاهه خان محمد مري،ذيشان لاشاري سميت شاعرن،اديبن،ڪلمڪارن،شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي مير نادر علي ابڙو چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو هيرو هيو جنهن هر ميدان ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو،دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گھٽ هوندا آهن جيڪي ٻين ڪاڻ جيئندا هجن، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٻين لاءِ جيئندڙ ڪردار هيو. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جتي پنهنجي زندگيءَ جو سمورو شعوري عرصو غريب، مظلوم، پورهيت ۽ هاري عوام لاءِ عملي جدوجهد ڪندي گذاريو، اڄ مان جيڪو ڪجهه به آهيان پنهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ڪري آهيان، ان جي ڪيل هدايتن ۽ رهبري واري واٽ تي هلي رهيو آهيان، ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته شاه سچل سامي فائونڊيشن هميشه ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ياد رکيو آهي. سالگره يا ورسي تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ڀيٽا ڪرڻ تي شاه سچل سامي ۽ لالا ارشد کي جس پيش ڪيان ٿو. لالا ارشد چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا ڪردار سدائين امر رهڻا آهن، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو حقيقي ڪردار ۾ سنڌ جو سچو سپوت ٿي ڏيکاريو، جنهن هارين، مذدورن لاءِ ڪوششون ورتيون، قلم سان ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون سنواريون. محمد اسماعيل ڊومڪي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جدوجهد جي علامت هئا اهڙا ڪردار تاريخ ۾ سدائين ياد رهڻا آهن، سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جهڙا امر ڪردار صدين تائين جيئرا رهندا، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو غريبن ۽ بيپهچ ماڻهن جو آواز هيو. امداد مغيري، الله وڌايو ابڙو ۽ ٻين پڻ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي تي روشني وڌي.

Photo Sindhyar

****مورو نيشنل پريس ڪلب جي آفيس ۾ به سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماھر ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 96 ھين سالگره ملھائي وئي صحافين وڪيلن ۽ استادن جي شرڪت ڪئي. مھراڻ ڊگري ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر محمد سليمان سيال مشھور قانوندان ليکڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب مورو جي قانوني مددگار ايڊووڪيٽ امر امتياز ميمڻ ايڪس جج علي گل خاصخيلي بيباڪ ۽ دلير صحافي استاد علي شير ڏيپر ايڊووڪيٽ سيد زاھد شاھ ايڊووڪيٽ احمد ظفر خاصخيلي مختيار ڪار جاويد انور ڪورائي صحافي گلاب خان بھڻ صحافي تيمور احمد راجپوت صحافي محمد امين چوھاڻ صحافي علي اصغر انور ڪورائي عامر خان ڪورائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي سالگره تقريب ۾ مقررن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي زندگي تي روشني وجھندي ۽ خوبصورت لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو بيباڪ صحافي ھيو ھن پنھنجي قلم سان ڪيترن ئي غريبن ۽ بي پھچ ماڻھن جا مسئلا حل ڪرايا ۽ جج ھئڻ واري دور ۾ انصاف ڀريا فيصلا ڪيا جيڪي تاريخ ۾ سونھري اکرن ۾ لکيا ويندا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ھڪ فرد نه پر ادارو ھو. اسان ثقافت کاتي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سالگره سرڪاري طور تي ملھائي وڃي ۽ ليڪچر پروگرام ڪرايا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو