ڪرڪٽ دوران بال گهر ۾ ڪرڻ تان جهيڙو 6 زخمي

گهوٽڪي ( عرفان علي سومرو) ريلوي اسٽيشن لڳ معمولي ڳالهه تان لاکا ۽ ڪولاچي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا هڪ عورت مائي عزيزان ڪولاچي سميت 6 ڄڻا سجاد علي لاکو , فدا حسين لاکو , نديم علي ڪولاچي , ڪفايت الله ڪولاچي , غلام مرتضيٰ ڪولاچي ۽ سجاد علي ڪولاچي زخمي ٿي پيا. جن کي ٿاڻي مان ليٽر ملڻ بعد تعلقه اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي . معلوم ٿيو آهي ته ڪرڪيٽ کيڏڻ تان بال گهر ۾ ڪرڻ تان جهڙو ٿي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو