مسجد جو پيش امام مسجد اندر مئل حالت ۾ هٿ

ميرپورخاص(سيد بشير شاھ) ڳوٺ جلال ابڙينگ جي عائشا مسجد جو پيش امام ڳوٺ ڪامارو شريف ضلع بدين جو رهواسي 28 ورهين جو شعبان علي ولد دوست علي لغاري مسجد اندر مئل حالت ۾ پيل ڏسي ڳوٺاڻن ڊگهڙي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي تفصيل معلوم ڪيا. ڳوٺاڻن موجب فوتي مسجد ۾ پيش امام هيو ۽ ٻارن کي قرآن پاڪ پڻ پڙھائيندو هو اڄ فجر جي ٻانگ ڏيڻ بعد سندس طبيعت خراب هئڻ ڪري سمهي پيو جڏهن کيس ماني ڏيڻ لاءِ ڇوڪرو مسجد ويو ته کيس مئل حالت ۾ ڏٺائين. فوتي جا وارث سندس ماما صادق لغاري، بادل خان لغاري ۽ ٻيا فوتي جو مڙھ قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان بغير ڳوٺ کڻائي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو