علوي آرڊيننس رد، پي ايم ڊي سي ۽ پراڻا ملازم بحال

اسلام آباد (اياز مهر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪميشن آرڊيننس کي غير قانوني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ برطرف ڪيل ملازم ۽ ڪائونسل کي بحال ڪرن جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني جي عدالت ملازمن جي پٽيشن تي ٻڌڻي بعد اهڙو مختصر فيصلو جاري ڪيو. عدالتي حڪم بعد برطرف ملازمن هڪٻئي کي عدالتي ڪمري ۾ ئي مبارڪباد ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو. گذريل سال آڪٽوبر ۾ صدر عارف علوي جيڪو پاڻ به ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، تنهن پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل يعني پي ايم ڊي سي کي ٽوڙي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن يعني پي ايم سي قائم ڪرڻ بابت آرڊيننس جاري ڪيو هو. جنهن بعد پراڻن ملازمن کي فارغ ڪيو ويو هو. جنهن بعد نيشنل هيلٿ سروسز ۽ اسلام آباد پوليس، ختم ڪيل ڪائونسل جي 220 ملازمن کي چيو ته آفيس هفتي لاءِ بند رهندي. اهڙي صورتحال بعد ملازمن هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي جيڪا 30 آڪٽوبر تي ٻڌڻ لاءِ منظور ٿي. جنهن ۾ رجسٽرار برگيڊيئر (ر) ڊاڪٽر حفيظ الدين ۽ 31 ملازمن موقف رکيو هو ته پارليماني ايڪٽ ذريعي حڪومت کي پي ايم ڊي سي ختم ڪرڻ جو اختيار آهي پر ان هوندي به هڪ سال تائين نئين چونڊ ذريعي قائم ٿيندڙ باڊي تائين صدر، نائب صدر ۽ ايگزيڪٽو ڪميٽي ڪم ڪندي رهندي ۽ ان کي ختم نٿو ڪري سگهجي. پٽيشن ۾ چيو ويو هو ته بنا جواز جي پراڻن ملازمن کي برطرف ڪرڻ غير قانوني آهي ۽ نوان ملازم ڀرتي ٿيڻ سان ڪم متاثر ٿيندو ۽ پراڻن ملازمن جي حق تلفي به ٿيندي. عدالت سندن موقف جائز قرار ڏيندي صدارتي آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏيندي پي ايم ڊي سي بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. ياد رهي ته سومر تي جاري ڪيل ان تڪراري آرڊيننس جي ٻيو ڀيرو مدت وڌائڻ بابت قومي اسمبلي مان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو جنهن تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو