ايندڙ هفتي تيل جي عالمي قيمتن جو جائزو وٺنداسين: ملڪ

ايندڙ هفتي تيل جي عالمي قيمتن جو جائزو وٺنداسين: ملڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته هن هفتي پيٽرول ۽ ڊيزل جي عالمي قيمتن جي اشارن جو جائزو وٺنداسين،
پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن بابت بيان ۾ پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت نه ڪنهن شعبي کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن شعبي تي غير ضروري بار وجهي رهي آهي، حڪومت پنهنجي بين الاقوامي ذميوارين جي دائري ۾ رهندي صارفين (عوام) تائين هر ممڪن فائدو پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته وزيراعظم هينئر تائين ڊيزل جي قيمت ۾ 200 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 155 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري چڪو آهي، هن هفتي پيٽرول ۽ ڊيزل جي عالمي قيمتن جي اشارن جو جائزو وٺنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو