سراج منير عباسي…
اڳ ۾ *Monthly Basis** تي ڪنهن به هڪ يا ٻه ڏينهن تي *Biometric Assistant* ايندو هو بايوميٽرڪ ٿيندي هئي تنهن کان پوءِ استادن کي کلي ڇوٽ هوندي هئي. ته اهو ٻيا ڏينهن ڀلي غيرحاضر رهي ان رڪارڊ جي خبر نه پوندي هئي جنهن مان ڪي استاد ٻين جي پاران ڊيوٽي به ڪندڙ هئا ڪي وري ويزا تي ويل هئا جنهن جي ڪري تعليمي نظام ۾ تمام گهرو اثر پئجي رهيو هو. جنهن سڄي مسئلي کي نظر ۾ رکندي وزير تعليم سردار علي شاھ سنڌ جي تعليمي نظام ۾ “نئين ٽيڪنالاجي” ذريعي” هڪ اهم قدم کنيو آهي. سنڌ صوبي جي اسڪولن ۾ هاڻي *FRAMES* يعني *Facial Recognition Attendance and Monitoring Evolution* *System* حاضري وارو جديد نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد تعليمي ادارن ۾ شفافيت، وقت جي پابندي، ۽ حاضري جي بهتر نگراني کي يقيني بڻائڻ آهي استاد پنهنجي موبائيل ايپليڪيشن ذريعي پنهنجي چهري جي سڃاڻپ سان حاضري لڳائيندو. هن ايپ ۾ جيو فينسنگ *Geofencing* جو Feature * به شامل ڪيو ويو آهي جيئن استاد پنهنجي اسڪول جي چوڌاري ۾ حاضري لڳائي سگهندو ۽ هي موبائيل ايپليڪيشن آف لائين موڊ ۾ به ڪم ڪندي. روزاني حاضري جو سمورو رڪارڊ اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪليو ويندو. *هن ايپليڪيشن ۾ “Blink Detection” (اک ڇنڀ جي سڃاڻپ وارو نظام) پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي جعلي تصوير يا وڊيو استعمال ڪري حاضري لڳائڻ کي روڪيو ويندو.. جون ۽ جولاءِ مهينن دوران سڀني ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ ملازمن جي *Face **Recognition* *ذريعي* *رجسٽريشن ڪئي ويندي* تعليم کاتي موجب هر ملازم لاءِ لازمي هوندو ته هو پنهنجي بايوميٽرڪ ۽ چهري جي سڃاڻپ واري عمل کي مڪمل ڪري، ڇو ته رجسٽريشن نه ڪرائيندڙ ملازم جي پگهار بند ڪئي ويندي.آگسٽ مهيني کان سڄي صوبي ۾ روزاني ٻه ڀيرا حاضري لازمي قرار ڏني ويندي. سڀني ملازمن کي اسڪول اچڻ وقت *Clock-In* ۽ موڪل جي وقت *Clock-Out* ڪرڻو پوندو. ان نظام ذريعي نه رڳو ملازمن جي وقت سر موجودگي کي يقيني بڻايو ويندو، پر اسڪولن جي انتظامي ڪارڪردگي ۾ پڻ سڌارو ايندو.تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل هدايتن موجب جيڪڏهن ڪو ملازم مهيني ۾ ٻن ڏينهن کان وڌيڪ موڪلون ڪندو ته اضافي موڪلون سرڪاري رڪارڊ ۾ شمار ڪيون وينديون، جنهن جو اثر *Leave Balance* يا پگهار تي به پئجي سگهي ٿو.ان کان علاوه، روزانو دير سان اچڻ يا حاضري نه لڳائڻ واري ملازمن جو رڪارڊ سڌو سنئون *_Treasury_کان AG Sindh *سان ڳنڍيو ويندو، **جنهن بعد پگهار مان ڪٽوتي جو عمل خودڪار طريقي سان ڪيو ويندو. هن نظام جو مقصد غيرحاضري، دير سان اچڻ ۽ فرضن ۾* *لاپرواهي کي گهٽائڻ** *آهي.** تعليمي ماهرن موجب *Face Recognition* سسٽم جي نفاذ سان اسڪولن ۾ نظم ۽ ضبط بهتر ٿيندو، استادن جي حاضري وڌيڪ يقيني بڻبي ۽ تدريسي عمل ۾ بهتري ايندي. ڪيترن ئي حلقن هن قدم کي *“تعليمي انقلاب”* قرار ڏيندي ڀليڪار ڪيو ويو آهي جيڪو به ملازم ڄاڻي واڻي رجسٽريشن نه ڪرائيندو، ان کي غير تصديق ٿيل ملازم تصور ڪيو ويندو. انهن ملازمن جي رجسٽريشن جي ذميواري” “لاڳاپيل انتظامي آفيسرن، جن ۾ *DEOs* ۽ *TEOs* اسڪول جي هيڊماستر جي هوندي ۽ هي رجسٽريشن نه ڪرائيندڙ ملازم جي پگهار روڪي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن علائقي، شهر، ڳوٺ، سگنل نه هجڻ جي صورت ۾ ايپ آف لائن به ڪم ڪندي ۽ جيئن هي *Network* اچي ويندو ته حاضري ٿي ويندي. سنڌ جا سڀئي استاد ايجوڪشن منسٽر سردار شاهه *Secretary* ايجوڪيشن زاهد عباسي کان مطالبو ڪن ٿا ته هني آن لائن حاضري واري ايپ جي وانگر استادن جي سڄي سروس آنلائن ڪئي وڃي، جن ۾ سيلري بل، جوائننگ، سينيارٽي، پروموشن، ريٽائرمينٽ **Treasury* جا ڪم ڪار، جي پي فنڊ، موڪلون، شامل آهن جيئن استاد ايجنٽ مافيا جي چڪرن نه اچي سگهن.










