سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ): وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب مصنوعي ذهانت (AI) جي مدد سان ٺاهيون ويندڙ جعلي وڊيوز، جن کي عام طور تي “ڊيپ فيڪ” چيو ويندو آهي، جي خلاف هڪ اهم قدم کڻندي پنهنجو نئون “AI لائڪنيس ڊيٽيڪشن ٽول” (AI Likeness Detection Tool) تمام بالغن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.طريقه ڪار: يوٽيوب ڪمپنيءَ موجب هاڻي 18 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارو هر يوٽيوب واپرائيندڙ (صارف) هن فيچر تائين پهچ حاصل ڪري سگهندو. هن اوزار جي ذريعي پليٽ فارم تي موجود اهڙين وڊيوز جي نشاندهي ڪري سگهبي جن ۾ ڪنهن شخص جي شڪل شباهت کي AI ذريعي نقل ڪيو ويو هجي. هي فيچر صارف جي چهرڙي جو سيلفيءَ وانگر اسڪين وٺندو آهي ۽ پوءِ يوٽيوب تي اپلوڊ ٿيندڙ وڊيوز کي مسلسل مانيٽر ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن وڊيو ۾ صارف سان ملندڙ جلندڙ شڪل نظر آئي ته يوٽيوب فوري طور تي لاڳاپيل شخص کي آگاهه ڪندو، جنهن کانپوءِ هو چاهي ته وڊيو هٽائڻ جي درخواست ڏئي سگهي ٿو.محدوديتون ۽ اصول: يوٽيوب جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ هيءَ ٽيڪنالاجي محدود پيماني تي صرف ڪانٽينٽ ڪريئيٽرز، سياستدانن، سرڪاري اختيارين، صحافين ۽ شوبز جي شخصيتن لاءِ هئي، پر هاڻي ان جو دائرو عام واپرائيندڙن تائين وڌايو پيو وڃي. طنز ۽ مزاح يا پيروڊي (Parody) تي ٻڌل مواد کي ڪجهه حالتن ۾ ڇوٽ هوندي. هي ٽول صرف چهرڙي جي سڃاڻپ تائين محدود آهي، پر اواز يا ٻين خصوصيتن کي مانيٽر نه ڪندو.










