راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان جي غير حاضري ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
26 نومبر جي احتجاج تي پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عليما خان ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا.عدالت عليما خان جي غير حاضري تي سندس خلاف غير ضمانتي وارنٽ جاري ڪندي چيو ته عليما خان جي غير حاضري جو ڪو به جواز ناهي ۽ نه ئي کيس استثنا حاصل آهي.
ٻڌڻي دوران، اين سي سي آءِ جي سلمان نياز کي شاهد طور شامل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪئي وئي.
اي ٽي سي عليما خان جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










