حاڪم علي چانڊيو
اڳي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ اوطاقون هونديون هيون سادين ديوارن، کليل دروازن ۽ وسيع دلين سان. اهي اوطاقون صرف سرون ۽ ڪاٺ جا ٺهيل ڪمره نه هيون، پر سنڌي سماج جي ڌڙڪندڙ دل هيون. شام لهندي ئي اوطاق آباد ٿي ويندي هئي، مچ ٻرندو هو، باهه جي تپش سان گڏ لفظن جي گرمي به وڌندي هئي. هتي مسافر اجنبي نه رهندو هو، مهمان الله جي رحمت سمجهيو ويندو هو، ۽ ميزباني فرض نه، فخر هوندي هئي. سنڌي مهمان نوازي اوطاقن ۾ ساهه کڻندي هئي، جتي روٽي، رستو ۽ دل ٽئي کليل هوندا هئا.
اوطاق ۾ عمر جو فرق ديوار نه بڻبو هو. بزرگ پنهنجي تجربي سان ڳالهائيندا هئا، نوجوان پنهنجي تجسس سان سوال ڪندا هئا، ۽ ٻار اوطاق جي ڪنڊن ۾ ويهي انهن ڳالهين کي ساهه سان گڏ جذب ڪندا هئا. هتي وڏو به وڏو، ننڍو به ننڍو، سڀ هڪ ئي مچ جي چوڌاري ويهندا هئا. ڪو پاڻ کي مٿانهون سمجهندو نه هو، ڇو ته اوطاق برابريءَ جو درس ڏيندي هئي. ڳالهائڻ ۾ لحاظ، ٻڌڻ ۾ صبر ۽ اختلاف ۾ به احترام هوندو هو.
ڪچهريون اوطاقن جو روح هونديون هيون. ڳجهارتن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي، لفظن سان ذهن آزمائبا هئا، عقل ۽ حاضر جوابي جي واکاڻ ٿيندي هئي. کل ڀوڳ سان گڏ دانائي به هلندي هئي، طنز به مهذب هوندو هو ۽ مذاق به حدن ۾. هتي ماڻهو هڪٻئي کي کلائيندا هئا، پر ڪنهن جي دل نه ڏکائيندا هئا. اوطاق اها جاءِ هئي، جتي ڳالهه چُڀندي نه هئي، پر سوچ پيدا ڪندي هئي.
اوطاق ۾ رڳو کل نه، پر ڏک به ونڊبا هئا. ڪنهن جو قرض هجي، ڪنهن جو وڇوڙو، ڪنهن جي پوک سُڪي وئي هجي يا ڪنهن جي گهر ۾ خوشي اچي هجي سڀ ڪجهه اوطاق تائين پهچندو هو. ڏک گڏ ونڊجڻ سان هلڪا ٿيندا هئا، ۽ خوشيون گڏ ملڻ سان ٻيڻيون ٿي وينديون هيون. اوطاق ماڻهن کي سيکاريندي هئي ته زندگي اڪيلي نٿي هلي، گڏ هلڻ سان ئي سُهڻي لڳي ٿي.
رواداري، سهپ ۽ برداشت اوطاقن جي فضا ۾ شامل هوندي هئي. اختلاف هوندا هئا، پر دشمني نه ٿيندي هئي. بحث ٿيندو هو، پر تذليل نه ٿيندي هئي. بزرگ اختلاف کي سلجهائيندا هئا، لفظن کي سنواريندا هئا، ۽ اوطاق سماج کي ٽٽڻ بدران جوڙڻ جو ڪم ڪندي هئي. اخلاق اوطاق جو قانون هو، ۽ لحاظ ان جي سڃاڻپ.
اهي اوطاقون سنڌي سماج جي غير لکيل يونيورسٽيون هيون، جتي ڪتابن کان سواءِ به انسان بڻجڻ سيکاريو ويندو هو. اڄ جڏهن وقت بدلجي چڪو آهي، ۽ سماج نون رستن تي بيٺل آهي، تڏهن به اوطاق جي اها ياد، اها خوشبو ۽ اهو قدر ذهن ۾ زنده آهي ۽ اهو ئي احساس اڳتي هلي اهو سوال اٿاريندو ته وقت سان گڏ اوطاق جو ڪردار ڪيئن بدلجي ويو، ۽ اها گڏيل روشني ڪهڙي ريت آهستي آهستي مدهم ٿيڻ لڳي…
وقت جڏهن اڳتي وڌيو ته اوطاق پنهنجي جاءِ تي بيٺل رهي، پر ان جو روح آهستي آهستي لڏي ويو. اوطاقون ويران ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن، ۽ انهن مان سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته سماج بدلجي ويو آهي، پر اسان ان تبديلي کي سمجهڻ بدران ان ۾ گم ٿي وياسين. ڪٿي اوطاق جي جاءِ تي هوٽلون اچي ويون آهن، جتي ڪچهري بدران بل ايندو آهي، ۽ مهمان نوازي بدران ڪاروبار هلي ٿو. ڪٿي وري اوطاق جي جاءِ موبائل فون والاري ورتي آهي هڪ ننڍڙو اسڪرين، جنهن وڏين محفلن کي ٽڪرن ۾ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
اوطاقون اڄ به موجود آهن، ديوارون اڃا بيٺل آهن، ڇتيون اڃا ڇانوَ ڏين ٿيون، پر اُتي اُهي ماڻهو ناهن رهيا، جيڪي اوطاقن کي آباد ڪندا هئا. اُهي چهرا، اُهي آواز، اُهي لفظ سڀ وقت جي وهڪري سان گڏ وسري ويا آهن. اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين آهن، جيڪي جيءَ کي جياريندا هئا؛ سي لاهوتي لڏي ويا آهن. نه اُهي بزرگ رهيا، جن جي ڳالهه ۾ وزن هوندو هو، نه اُهي نوجوان رهيا، جن جي سوالن ۾ اميد هوندي هئي. اوطاق اڄ به آهي، پر سماج ان کي خالي ڪري ڇڏيو آهي.
اڄ اوطاق تي ماڻهو ته آهن، پر گڏ هوندي به هڪٻئي کان پري آهن. هرڪو پنهنجي پنهنجي موبائل فون جي اسڪرولنگ ۾ مشغول آهي. آڱريون هلن ٿيون، پر لفظ نٿا نڪرن. اکين سامهون ماڻهو ويٺل آهن، پر ڌيان ڪنهن ٻئي جهان ۾ آهي. ڪچهري جو شور خاموشيءَ ۾ بدلجي ويو آهي، ۽ مچ جي گرمي اسڪرين جي ٿڌ ۾ وسري وئي آهي. اهو گڏجڻ، جيڪو ڪڏهن دلين کي ويجهو آڻيندو هو، اڄ رڳو جسماني موجودگي تائين محدود ٿي ويو آهي.
اوطاق جو اونداهو پاسو به وقت سان وڌيڪ نمايان ٿيو آهي. جتي اڳ رواداري هئي، اتي هاڻي ضد آهي. جتي سهپ هئي، اتي هاڻي انا آهي. ڪٿي اوطاق طاقتور جي ذاتي درٻار بڻجي وئي آهي، جتي رڳو چاپلوسي قبول آهي ۽ اختلاف جرم سمجهيو وڃي ٿو. ڪٿي اوطاق فيصلي بدران سازش جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جتي لفظ سماج کي جوڙڻ بدران ٽوڙڻ لڳا آهن. اهڙي اوطاق نه رڳو ويران آهي، پر سماج لاءِ خطرناڪ به آهي.
هڪ وقت هو جڏهن اوطاق ماڻهن کي گڏ رکندي هئي، اڄ اها ماڻهن جي الڳ الڳ ٿيڻ جي علامت بڻجي وئي آهي. هوٽلن جي چمڪ، موبائل جي لت، مصروفيتن جو بار، ۽ لاپرواهيءَ جو رويو—اهي سڀ گڏجي اوطاق کي آهستي آهستي بي روح ڪري ڇڏيو آهي. مسئلو اوطاقن جو نه آهي، مسئلو انهن ماڻهن جو آهي، جيڪي اوطاقن کي وساري ويٺا آهن.
سوال هاڻي اهو ناهي ته اوطاق ٻيهر تعمير ٿي سگهي ٿي يا نه؛ سوال اهو آهي ته ڇا اسان پاڻ کي ٻيهر انسان بڻائڻ لاءِ تيار آهيون؟ ڇو ته اوطاقون تڏهن آباد ٿينديون آهن، جڏهن دلين ۾ ڳالهائڻ جي سگهه، ٻڌڻ جو حوصلو، ۽ گڏ ويهڻ جي ضرورت زنده هجي ۽ اهو فيصلو اڃا به اسان جي هٿ ۾ آهي.










