برساتن کان پوءِ ڪراچي جي خراب روڊن جي مرمت جو فيصلو

برساتن کان پوءِ ڪراچي جي خراب روڊن جي مرمت جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) برسات کان پوءِ شهر جي خراب ٿيل روڊن جي مرمت جو فيصلو ڪيو آهي.ڪي ايم سي جي ترجمان موجب، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ان حوالي سان ڊي جي ٽيڪنيڪل سروسز کي به حڪم جاري ڪيا آهن.ڪراچي جي ميئر چيو آهي ته برساتن سبب روڊن تي پيل دراڙن کي هنگامي بنيادن تي ڀريو وڃي، ۽ شهر قائد ۾ روڊن جي بحالي جو ڪم 14 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو.مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي جي انتظام هيٺ 106 روڊ آهن، ۽ خراب ٿيل روڊن جي مرمت کي يقيني بڻايو ويندو.ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته جيڪي ٺيڪيدار معياري ڪم نه ڪندا انهن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو