روس- ايران کي ڪڏهن به اڪيلو نٿو چڏي سگهي!

روس- ايران کي ڪڏهن به اڪيلو نٿو چڏي سگهي!

طفيل مگسي 
روس وچ اوڀر ۾ هينئر تائين ساڍا ٽي دوست ڪمايا ۽ ٺاهيا آهن۔پنجاھ جي ڏهائي جي شروعات ۾ مصر ۽ شام عالمي جهڳڙن ۾ غيرجانبدار رهڻواري پاليسي اختيار ڪئي۔1956ء ۾ جمال عبدالناصر  مصر جو صدر ٿيو ۽ ان جي صدر بنجڻ سان ئي قاهره ڪريملن جي ويجو ٿيڻ شروع ٿيو۔اٽڪل ساڳئيء زماني ۾ دمشق به روس سان دوسٿي جي شروعات ڪئي۔1958ء ۾ مصر ۽ شام هڪ ملڪ جي صورت ۾ تبديل ٿيا  ۽ اهڙي ريت گڏيل عرب جهموريه جو قيام عمل ۾ آندو ويو۔قاهره گادي جو هنڌ جڏهن ته جمال عبداناصر ان نئين ملڪ جو صدر ٿيو۔اهو اتحاد 1961ء تائين برقرار رهيو۔سن اڻويھ سو ايڪهٺ ۾ شام ۾ فوج اقتدار تي قبضو ڪيو ته اتحاد پنن جيان وکري ويو۔مگر ٻنهيء ملڪن جي سوويت يونين سان دوستي نه ٽٽي سگهي۔1970ء ۾ انور سادات مصر جي صدارت واري محل ۾ داخل ٿيو ته روس سان دوستي جي موم بتي اجهامي وئي۔ هنن مغرب خاص طور تي امريڪا سان تعلقات مضبوط ڪرڻ شروع ڪيا،مگر شام روس جي ڪيمپ ۾ ئي رهيو ۽ اهو اهڙو دور هو جڏهن وچ اوڀر ۾ سوويت يونين جو هڪ ئي اعتماد ڀريو دوست هو ۽ اهو هيو شام،جيڪا دوستي ڊگهي عرصي تائين رهي۔گذريل سال۾ بشارالاسد جي حڪومت واري عمارت ڊهي پٽ ٿي ته گڏ ئي روس سان دوستي جا لاڳاپا به ٽٽي ڀور ڀور ٿي ويا۔ان سڄي عرصي ۾ ايران مغرب نوازي جو علمبردار رهيو ۽ اها  انقلاب جي دروازي کڙڪائڻ تائين رهي۔1979ء کانپوء ايران ۽ مغرب خاص طور تي امريڪا جي وچ ۾ مفاصلا وڌندا ويا،اهوئي اهڙو سال هو جڏهن سوويت يونين آمو دريا پار ڪري افغانستان ۾ داخل ٿيو هو۔ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جيان ايران کي به ڊپ هو ته ڪٿي ڳاڙهو رچ هن کي ڀه نه ڳهي وڃي۔ جيتوڻيڪ روس ۽ ايران جي وچ ۾ ڏورين جي خليج وڌندي وئي،هاڻي ايران ۽ مغرب ۽ روس جي وچ ۾ پنڊولم جيان هو،نه هيڏابهن نه هوڏانهن۔15فيبروري 1989ء روس جو آخري دستو به افغانستان جي سرزمين کان موڪلايو ته پاڪستان جيان ايران به سک جو ساھ کنيو۔هاڻي خوف جو سبب باقي نه رهيو۔جيتوڻيڪ روس ۽ ايران هڪ ٻيئي جي ويجهو اچڻ لڳا ۽ اها دوستي وقت سان گڏوگڏ ڳوڙهي ٿيندي وئي۔روس ايران کي هٿيار ڏيڻ لڳو ۽ تهران به وڏي پيار سان ڪريملن جي ڳچيء ۾ ٻانهون وجهي چڏيون۔هاڻي وري کان روس جي دوستن جو انگ ٻه ٿي چڪو هو۔روس جي ٽن دوستن جو ذڪر ٿي چڪو،اڌ دوست عراق جو به ذڪري ضروري آهي۔ستر جي ڏهائي ۾ عراق جو شمار به روس جي ويجهن دوستن ۾ ٿيندو هو۔1979ء۾ صدام بغداد جي تخت تي ويٺو ته عراق جي سياسي پاليسي به بدلجي وئي۔صدام پاسيري پاليسي اختيار ڪئي يعني نه امريڪا جو جگري يار،نه ئي روس جو جيل وارو دوست،عراق ايران جنگى ۾ روس صدام کي بي انتها هٿيار ڏنو ۽ اها اسي جي ڏهائي هئي۔روس جي ٽٽڻ کانپوء عراق ۽ روس جي وچ ۾ مفاصلا وڌيا۔1992ء ۾ خليجي جنگ کانپوء جڏهن اوام متحده عراق تي پابنديون مڙهيون ته روس به انهن پابندين جي حمايت ڪئي۔سن 2000ء ۾ هڪ ڀيرو وري صدام حسين ۽ روس جي وچ ۾ ڪجه دوستي جي رسي وڌي ،مگر ان کانپوء ٽن سالن جي اندر امريڪا بدمست هاٿي جيان عرق تي چڙهي پيو۔2011ء تي شام ۾ عرب بهار جي باھ ڀڙڪي پئي ته دمشق تي دٻاء وڌيو ته روس ۽ ايران ٻئي جنگ ۾ ڪڏي پيا ۽ بشارت جي حڪومت کي سنڀاليائون۔روس جنگ جو ان ڪري به حصو بڻيو ته شام  ۽ ايران سان دوستي هئي ۽ ان ڪري به ته شامي سرزمين تي هن جا ٻه فوجي اڏا هئاجنهن جي بدولت روم سمنڊ سميت افريقا تائين به هن جي پهچ سولائي سان ممڪن ٿي پيئي سگهي هئي۔2022ء ۾ سنروس يوڪرين تڪرار شروع ٿيو،يوڪرين وٽ ترڪي جا ڊرون هئا ۽ روس ايراني ڊرون ڪتب آڻي رهيو هو۔اهو هن ڳالھ جو چٽو اعلان هو ته روس ايران سان گڏ بيٺو آهي۔وقت جي وهڪري وچ ايشيا جي نقشي کان  هڪ هڪ ڪري روس جا سمورا دوست چني ورتا۔اڳ ۾ مصر ويو پوء عراق ۽ پچاڙي ۾ دمشق دشمنن جي صف جو نصيب بڻيو۔ان جو مطلب هو ته وچ اوڀر ۾ روس جي اثر وارو دائرو مسلسل سوڙهو ٿي رهيو هو،روم جي سمنڊ وارو ڪنارو ويو ته يورپ تي اثرانداز ٿيڻ جو سلسلو به ويو۔وچ اوڀر جي وچ  کان به نڪرڻ مقدر بڻيس،هاڻي اثر جو دائرو سوڙهو ٿيندو ٿيندو خليج فارس جي ڪناري تي اچي پهتو آهي۔علائقي ۾ تهران آخري قلعو آهي،جنهن کي وڃائڻ جو حوصلو روس ۾ ناهي تهران جو وڃائجي وڃڻ روس جي گهيراء جي برابر هوندو۔روس ۽ امريڪا جي وچ ۾ جيڪڏهن وفاداري ۽ دوستي ۾ سچي هئڻ جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته روس جو رڪارڊ نهايت بهتر آهي۔امريڪا جون ڪلٽيون ۽ قلابازيون تمام مشهور ء حقيقتون آهن۔روس 1970ء جي پاڪ-ڀارت جنگ ۾ کليل نموني سان انڊيا جو ساٿ ڏنو هو۔جڏهن ته امريڪا جو سامونڊي ٻيڙو پري بيٺو واچون ٽيڙي پاڪستان جي بيوسيء تي مرڪي رهيو هو۔شاما سرزمين تي امريڪا جي موجودگي جي باوجود روس لٿو ۽ فيصلي وارو ڪردار نڀايائين۔جڏهن ته ان دوران امريڪا ڪرد علائقي ۾ موجود رهيو۔روس دوستي ۽ دشمني ۾ نهايت انتهاپسند آهي۔جنهن جي هڪ تجلي 1962ء ۾ ڏسڻ ۾ آئي،جڏهن روس فيڊل ڪاسترو جي حمايت ۾ امريڪا جي بلڪل ڪک ۾ ڪيوبا جي سرزمين تي جوهري ميزائيل لانچ ڪري چڪو هو۔ڀارت روس جو دوست هوندي به يوڪرائن جهڳڙي ۾ هن جي چٽي حمايت کان پري رهيو،جواب ۾ روس به پاڪ ڀارت چڪتاڻ ۾ غير جانبدار رهيو،ايران يوڪرائن جنگ ۾ ساٿ ڏنو آهي ۽ روس به هن جي احسان کي ڪڏهن وساري نٿو سگهي۔ مغرب جي ڪجه دلالن ميڊيا ته اهي خبرون ٿي هلايون ته روس ايران-اسرائيل جهڳڙي ۾ نٿو پوڻ چاهي،مگر منهنجي خيال ۾ اها مغربي سامراج جي روس-ايران خلاف ڏار وجهڻ جي ناڪام ڪوشش هئي۔نيٺ روسي پرڏيهي وزير ٻن لفظن ۾ امريڪا کي چيو آهي ته هو اسرائيل کي سڌو سنئون فوجي مدد ڏيڻ  يا ان جي باري ۾ سوچڻ کان به پاسو ڪري۔اها واشنگٽن کي کليل ڌمڪي آهي۔ايران امريڪا جي ڌمڪين ۽ جنگ ۾ بي حساب نقصان جي باوجود به جيڪڏهن ميدان ۾ سندرو ٻڌيون بيٺو آهي ته ان جو هڪ خاص ڪارڻ پٺ ۾ روس جو هئڻ آهي،هاڻي اهو امڪان پنهنجي جاء تي اٽل بڻجي چڪو آهي ته امريڪا ڌمڪين کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نه ڪندو ۽ اها صورتحال تل ابيب جو رت خشڪ ۽ پتو پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاء ڪافي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو