واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران ۾ حڪومت جي تبديلي نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جي تبديلي انتشار آڻيندي آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ بيان ۾ چيو ته ايراني سٺا ۽ ڪاروباري ماڻهو آهن، ايران وٽ تيل جي دولت آهي، ۽ ايراني ٻيهر پاڻ کي سنڀالي سگهن ٿا.ٽرمپ چيو ته هو ايران ۾ حڪومت جي تبديلي نٿو چاهي، حڪومت جي تبديلي انتشار آڻيندي آهي، ۽ هو چاهي ٿو ته شيون جلد کان جلد پرسڪون ٿين.










