غزه )ويب ڊيسڪ)غزه تي اسرائيل جا وحشياڻا حملا جاري آهن، تازن حملن ۾ 80 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب، اڱاري ڏينهن غزه ۾ اسرائيلي فوج امداد لاءِ گڏ ٿيندڙ ماڻهن تي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي، جڏهن ته بي گهر فلسطينين تي بم ڪيرايا. غزه جي اسپتالن جي طبي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز ۽ ڊرونز اڱاري جي صبح کان وٺي غزه ۾ گهٽ ۾ گهٽ 86 فلسطيني مارجي ويا آهن، جن ۾ 56 بي گهر ماڻهو به شامل آهن جيڪي امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ايسوسيئيٽڊ پريس نيوز ايجنسي موجب، ڏکڻ غزه پٽي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ماڻهو مارجي ويا ۽ 140 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان 62 جي حالت نازڪ آهي.ٻئي طرف خان يونس ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي حملي ۾ 3 اسرائيلي فوجي مارجي ويا. ايراني نيوز ايجنسي موجب، اسرائيلي فوج جي بکتر بند گاڏي تي حملي سبب باهه لڳي وئي، جنهن جي ڪري اسرائيلي فوج کي مدد لاءِ هيليڪاپٽر طلب ڪرڻو پيو. ان دوران، قطر اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ غزه جنگ بندي جون ڳالهيون ٻيهر شروع ٿينديون، جڏهن ته حماس اسرائيلي جارحيت جي مڪمل خاتمي جي آڇ تي ڳالهين لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي.










