تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا، ڪيستائين وڃي سگهي ٿي؟

تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا، ڪيستائين وڃي سگهي ٿي؟

طفيل مگس
عالمي سياسي ۽ معاشي نظام (war industry )جو پوئلڳ ٿي چڪو آهي،جرمن ڪمپني( Rheintmetall )هن وقت سڄي دبيا ۾ هٿيار وڪرو ڪري رهي آهي ۽ خاص طور تي يوڪرائين جنگ هن بي انتها نفعي ڪمائڻ جا موقعا ميسر ڪيا آهن۔مثال جي طو تي نيويارڪ ٽائيمز جي مطابق 2022 ۾ يوڪرائين روس جنگ کان وٺي ڪري هيننر تائين ان ڪمپني جي اسٽاڪ جي قيمت ۾ 1000سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي ۽ صرف 2024 ۾ هن ڏھ ارب ڊالرز جو بزنس ڪيو آهي۔
2025 ۾ ان ڪمپني جي اڳڪٿي آهي ته اها پنهنجو نفعو وڌيڪ 40 سيڪڙو وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي۔ان جي پڻيان يورپي ملڪن جي طرف کان اهو اعلان آهي ته اها 800ارب يورو خرچ ڪري پنهنجي”دفاعي صلاحيت“ کي مضبوط ڪندي۔
ٽرمپ جي طرف کان۔روس يوڪرائين جنگ تي يورپي نقط نظر کي رد ڪرڻ جي سبب کان يورپ ۾ بجراني ڪيفيت ڏٺي وڃي ٿي۔ 1945ع کان وٺي ڪري هينئر تائين يورپ کي امريڪا جي طرف کان دفاع جي گارنٽي هئي۔جيڪا هاڻي ختم ٿي رهي آهي جنهن جي سبب کان يورپ هڪ ڀيرو وري پنهنجي جنگي صلاڃيت کي مضبوط ڪرڻ پيو وڃي۔اها حيران ڪندڙ ڳالھ آهي ته اهو يورپ جنهن 2008جي عالمي مالياتي بحران کانپوء چيو ته هن وٽ مفت ٿعليم۔صحت ۽ روزگار سان گڏوگڏ ،مهاجرن کي ،اني کارائڻ جا پئسا به موجود ناهن۔هن هڪدم سان جنگي جنون کي هواء ڏيڻ جي لاء يورو جي بجيٽ ڻاهي ورتي آهي۔اهو پسئو هو فلاحي منصوبن کان کڻي ڪري ۽ بينڪن کان وڌيڪ قرض وٺي ڪري Rheinmetall جهڙين ڪمپنين کي ڏيندا ۔جنهن جي وسيلي جنگي جنون نفع ۾ تبديل ٿيندو۔يعني walfarvstate جي جڳھ هاڻي يورپ ۾ warfare states ٺھندا جيڪي ٻين ملڪن سان گڏوگڏ پنهنجي عوام جي مستقبل کي نفعي وارين جنگين جي حوالي ڪندا۔
اهو هڪ خوفناڪ منظرنامو آهي۔چوته نه صرف ان سان روس ۽ يورپ جي وچ ۾ سڌي سنئين ويڙھ جو سبب بڻبو بلڪ يورپ ۾ غربت ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيندو ۔جنهن جو سڌو سنئون فائدو نسل پرست تنظيمن کي ٿيندو۔ هن وقت جرمني کان وٺي ڪري برطانيا ۽ فرانس کان وٺي ڪري اٽلي تائين نسل پرست فاشسٽ تنظيمون اليڪشن ۾ پهرين يا يئي نمبر تي آهن۔لبرل ۽ ڪجه بيوقوف ليفٽ جا ماڻهو“يوڪرائين جي آزادي“ جي نالي تي ان جنگي جنون کي هواء ڏئي ڪري رجعتي قوتن جي لاء رستو صاف ڪري رهيا آهن۔جيڪي هڪ اهڙي يورپ ۾ اقتدار ۾ ايندا جيڪو نه صرف جنگي جنون ۾ ٻڏل هوندو ڀلڪ جنهن جي فوجي صلاحيت ماضي جي مقابلي ۾ وڌي چڪي هوندي۔اها جرڪت لبرل پهرين امريڪا ۾ ڪري چڪا آهن جتي اوبامه جنگي بجيٽ وڌائڻ سان گڏوگڏ surveillance انڊسٽريز کي سگھ بخشي ۽ هاڻي اهو خوفناڪ فوجي انفرا سٽرچڪر ٽرمپ ۽ ايلون مسڪ جي هٿ لڳي ويو آهي۔
اهو ضروري آهي ته warfare states r جي قيام کانپوء ڪجه نڪتن کي سمجهيو وڃي۔پهرين ڳالھ ته اها آهي ته هاڻي فري مارڪيٽ جو فلسفو پنهنجي آخري انجام تي پهچندو۔ ۽ سرمائيداري ۾ هڪ ڀيرو وري مرڪزي ڪردار رياست ادا ڪندي۔هٿيارن جي ڪمپنين کي اربين ڊالر جا ٺيڪا ملندا جيڪي رياست بينڪن کان قرض وٺي ڪري ادا ڪندي۔ياد رهي ته ان رياستي ڪنٽرول کي سوشلڏم نٿو سڏي سگهجي۔ چوته سوشلزم ۾ رياست جي معشيت کي پلان ڪرڻ جو بنادي نشانو عوام جي فلاح هوندو آهي۔جڏهن ته warfare states ۾ رياست جو رول بينڪن ۽ هٿيارن جي ڪمپنين جي لاء نفعي بخش جنگين جي ڳولا هوندي آهي۔ان جو هڪ مٽال امريڪا کان ملي ٿو۔1929ع ۾ نيويارڪ کان۔شروع ٿيڻ واري مالي بحران امريڪي انڊسٽري کي تباه ڪري چڏيو هو۔ان بحران کان۔امريڪا ٻي جنگ عظيم وسيلي نڪتو چوته جنگ جي گهرج هئي ته عتي پيداوار هڪ ڀيرو وري وڌائي وڃي۔1945ع کانپوء هٿيارن جي انڊسٽري کي خاص اهميت آهي۔جيڪا گذريل 80 کان امريڪي معشيت جي انجڻ جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي۔اڳوڻي امريڪي صدر Dwight Eisenhower 1961ع ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ۾ امريڪي عوام کي وارننگ ڏني ته ان ني ملڪ ۾ هڪmilitary industrial complex بڻجي ويو آهي۔يعني صنعت هاڻي مڪمل طور تي فوجي سيڪٽر سان ڳنڍجي وئي آهي۔ان جو هڪ مطلب مطلباهو آهي ته جيڪڏهن جنگ ختم ٿي ته صنعت تباه ٿي ويندي ۽ ان خطري جي سبب امريڪا جي لاء لازمي آهي ته هو مسلسل جنگين ۾ مصروف رهي ۔ويٽنام يا عراق۔يا لبيا جيان سڏن سنون فوجي حملن جي وسيلي يا سڄي دنيا ۾ پنهنجن 800 فوجي اڏن جي وسيلي يا وري پاڪستان ۽ هندستان جهڙن ملڪن کي هٿيار وڪڻڻ جي صورت ۾.
صنعتي ترقي جو اهوئي رستو هينئر يورپ اپنائيبدو پيو وڃي۔يوڪرين هڪ ننڍڙو بهانو آهي۔جڏهن صنعت جنگ جي پوئلڳ ٿي ويندي ته جنگيون وٽهڻ ۽ جنگي علائقن ۾ هٿيار وڪرو ڪرڻ يوروي حڪومتىجي معاشي و سياسي مجبوري بڻجي ويندي۔جنهن کان هٿيار ٺاهڻ واريون ڪمپنيون جهجهو پسئو ڪمائينديون اها پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاء به خطرناڪ۔ڊيولپمنٽ آهي۔چاجاڻ ته هاڻي جنگ جو ڪاروبار دنيا ۾ وڌندو ۽ ان جي سڀ کاناهم گرڪن منجهان پاڪستان آهي1953 کان ئي SEATO ۽ CENTO جهڙڻ فوجي معاهدن کانپوء پاڪستان پنهنجي قسمت امريڪا جي military industrial complex سان گڏ جوڙي هئي۔جنهن جي سبب کان ملڪ ۾ جهموري قدر ڪمزور ٿيا۔ان سان گڏوگڏ 1980ع جي افغان” جهاد “۽ 20014ع کانپوء war on terror ۾ پاڪستان انهيء مغربي انڊسٽري جي لاء ٻارڻ بڻيو جن کان ڪجه جنرلن نفعو ڪمايوجڏهن ته هزارين لکين پاڪستاني ماريا ويا ۽ افغانستان سميت سمورو خطو بربادي ڏانهن وڌيو۔چين جي خلاف محرب جي وڌندڙ مغربي جارحيت جي مدد ڪرڻ ڪرڻ جي لاء پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي اندر هڪ۔مضبوط لاڙو اڄ به موجود آهي جيڪو هڪ ڀيرو وري غيرن جي جنگين کي سگھ ڏئي سگهي۔
لبرل هن وقت جنگي جنون ۾ مبتلا ٿي ڪري war industry کي مڪمل تحفظ ڏئي رهيا آهن۔ليڪن يورپ جي اندر هڪ وڌندڙ ترقي پسندن ۽ ليڦٽ جو لاڙو موجود آهي۔جيڪو نسل پرستن جي نفرت ۽ لبرلز جي بيوقوفي جي ڀيٽ ۾ اهو کليل چئي رهيو آهي ته اسان جو دشمن ڪو غير ملڪي ناهي بلڪاهي ڪمپنيون آهن جيڪي جنگي جنون کي واڌ ڏئي ري اسان جي عوام کي ڦري رهيون آهن۔اها تحريڪ بينڪن ۽ هٿيارن جي انڊسٽري جي مخالفت سان گڏوگڏ يورپ جي اندر امن صنعتي ترقي ۽ فلاحي رياست جي مضبوطي جي ڳالھ ڪري رهيا آهن۔پاڪستان م به سڀ کان بنيادي ويڙھ سياست ۽ معشيت Demilitarization آهي يعني پاڪستان کي وڌندڙ عالمي war industry جي پوئلڳ ٿيڻ کان بچائڻ ۽ معشيت کي فوجي ڦرلٽ کان بچائي ڪري هڪ پرامن صنعتي ترقي جي رستي تي وجهڻ۔سنڌ ۾ گرين green pakistan initiative جنهن ۾ دريائن۔پهاڙن۔معدنيات ۽ زرعي رمينن۔ڪارپوراٽ ڪرڻ۔۽ خطي ۾ چين جي رستا روڪ ڪرڻ جا منصوبا شامل آهن۔مگرانهن جي خلاف وڌندڙ تحريڪ جيڪا هاڻي پنجاب جي هارين ۽ گلگت و بلتستان جي نوجوانن ۾ به مقبول ٿي رهي آهي۔هڪ تمام سٺي ڳاله آهي۔ان تحريڪ کي اسان جي خطي ۽ خاص طور پختون بيلٽ ۾ ڊالري جنگين کان بچائڻ وارين تحريڪن سان گڏ ڳنڍڻ لازمي آهي ته جيئنdemilitarization کي هڪ حقيقت بڻائي سگهجي۔
اڄ جو بنيادي عالمي ٽڪراء سرمائيداري militarised capitalism ۽ امن پسند ۽ ترقي پسند قوتن جي وچ ۾ ٿيندو يعني هڪ پاسي انسانيت جا دعويدار ۽ ٻيئي پاسي موت جا سوداگر ۔ان جنگ ۾ نيوٽرل رهڻ ناممڪن آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو