طارق راڄپر
ٻولي زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. دنيا جي مختلف ملڪن، صوبن ۽ خطن ۾ مختلف ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. پر سڀ کان پياري ٻولي، ان کي تسليم ڪيو ويندو آھي، جيڪا مادري ٻولي ھوندي آھي. اها رڳو ڳالهائڻ جو ذريعو نه، پر هڪ پوري ثقافتي سڃاڻپ جو حصو هوندي آهي. ٻوليءَ سان تاريخ جڙي ٿي، قومن جي سونهن نروار ٿئي ٿي ۽ احساسن کي اظهار ملي ٿو. ٻوليءَ سان قوميت جي شناخت پڻ ٿئي ٿي. دنيا ۾ ٻولين تي ۽ انھن جي سماجي استعمال تي تحقيقون ٿي رھيون آھن. وقت جي وھڪري سان ٻولين ۾ بدلاڻ اچي ٿي. انگريزي ٻولي جيڪا چوڏھين صديءَ ۾ لکي وئي ھئي، اڄ ان طريقي سان نہ ٿي لکجي. ڇاڪاڻ تہ وقت جي لحاظ سان ان ۾ بدلاءُ ايندو رھي ٿو. ٻولي زندگيءَ جو حصو آھي ۽ ٻوليءَ جي بنا زندگي گونگي جيان آھي. ٻوليون قومن جو قيمتي سرمايو آھن. مادري ٻولين جي اھميت ڄاڻڻ لاءِ 21 فيبروري کي يونيسڪو 17 نومبر 2000ع مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي لاءِ ڏينهن مقرر ڪيو. ھي عالمي ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ ملھايو ويندو آھي. دنيا ۾ تقريبن 8,324 اٺ ھزار ٽي سو چويهه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. جن مان ڪيترين ئي ٻولين کي سماجي ۽ دنياوي سببن جي ڪري مسئلا درپيش آھن. ائين کڻي چئجي تہ خطري ۾ آھن. ھن سال مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي ملھائڻ کي پنجويهون سال يعني سلور جوبلي مڪمل ٿيندي. ھن ڏھاڙي کي عالمي ڏهاڙي ملھائڻ جي پويان سڌو يا اڻ سڌو بنگلاديش جي بنگالي شاگردن ۽ بنگالي ٻوليءَ جي تحريڪ (52-1950) جو ڪردار آھي. ھن عالمي ڏهاڙي ملھائڻ جو بنيادي مقصد پنھنجي مادري ٻوليءَ جي بقا، ان جو دفاع ڪرڻ، پيش ايندڙ خطرن کان محفوظ ڪري اپاءَ وٺڻ ۽ پنھنجي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ آھي.
اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي دؤر ۾ ٻولين کي ڪيترائي خطرا درپيش آھن. ھڪ تہ انگريزي ٻولي دنيا جي لنگوا فرئنڪا (گلوبل لئنگئيج) ٻولي بڻجي، دنيا تي راج ڪري رھي آھي. ايستائين جو پاڪستان جي نادرا ڪارڊ کان معمولي شين تي بہ انگريزي لازمي لکيل ھوندي آھي. جيڪڏھن مادري زبان وارا پنھنجي ٻولي ڳالھائڻ ڇڏي ڏين، پنھنجي ٻوليءَ کي ڇڏي ٻي ٻوليءَ کي اھميت ڏين، تہ اھڙي ٻولي زوال پذير ٿي ويندي. اھڙي طريقي سان ٻولين جو وجود دنيا تان ختم ٿي ويندو. اھڙي ٻولين کي لئنگئيج ڊيٿ جي موضوع سان رکيو ويو آھي. جنھن تي تحقيقون ٿيون آھن ۽ ھلن پيون، مقالا لکيا ويا آھن، تہ ڪھڙن سببن جي ڪري ٻوليون پنھنجو وجود وڃائي ويھي رھن ٿيون.
سنڌي ٻولي اسان جي مادري ٻولي آھي. اڄ جديد ٽيڪنالوجي دؤر ۾ بہ ماجد ڀرڳڙي جھڙن جوانن جي ڪوششن جي ڪري، اسين فخر سان چئي سگھون ٿا تہ اسان جي مادري ٻولي گوگل، مصنوعي ذھانت جھڙن سافٽويئرن جھڙوڪ چيٽ جي پي ٽي، ڊيپسيڪ ۾ شامل آھي ۽ ايندڙ سافٽويئر پڻ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم ڪندا. پر ھڪ بدقسمتي اها بہ آھي جو اسان پنھنجو پاڻ کي ماڊرن ڪرڻ جي چڪر ۾ پنھنجي شاھوڪار ۽ وسيع مادري ٻوليءَ کي ڪنھن حد تائين وڃائي رھيا آھيون. اسان پنھنجي ٻوليءَ جا پاڻ ئي خطرو بڻيل آھيون. جڏھن تہ لسانيات جا ماھر پڻ ان ڳالھ کي اھميت ڏين ٿا تہ پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ جيترو سکڻ ۽ سمجھڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي، ايتري ڪنھن ٻي ٻولي منجھ نہ ٿي ٿئي. جڏھن تہ اسان جي مادري ٻوليءَ ۾ لفظن جو اڻ کٽ خزانو آھي. جنھن ۾ ھڪ شيءِ کي ڪيترن لفظن سان پڪاري ۽ لکي سگھجي ٿو، جيئن مڙس، ور، خاوند ۽ گھر وارو وغيره. سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ حسناڪي جو ڪمال جو اندازو توھان لطيف جي رسالي مان ئي لڳائي سگھو ٿا. آڪاش انصاري سنڌ جو مزاحمتي شاعر بہ سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪيل خدمتن جي ڪري مشھور ٿيو ۽ ماڻھن جي دلين ۾ قيد ٿيو. ھاڻي پاڻ تہ ناھي رھيو پر سندس جون سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻھن لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏھن بہ نہ وسرنديون. سنڌي اخبارن، مئگزينن، رسالن ڇپڻ وارن ۽ ليکڪن جون خدمتون پڻ قابل ذڪر ۽ تعريف آھن.
مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي ملھائڻ کي سلور جوبلي ٿيڻ جي موقعي تي اسين پنھنجي مادري سنڌي ٻوليءَ تي فخر ڪيون ٿا، ان کي ترجيح ڏيون ٿا ۽ ڪوشش ڪيون ٿا تہ وڌ کان وڌ پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڳالھايون، لکون، پڙھون ۽ ان کي ترقي وٺرايون.
پنھنجي ٻوليءَ ۾، ميان جي تون چوندين ماءُ ،
توکي اھڙو ساءُ ڏيندي، ٻي ٻولي ڪٿي. (شيخ اياز)










