عمران خان خلاف  توشه خانه 2 ڪيس،درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد

عمران خان خلاف توشه خانه 2 ڪيس،درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جي توشه خانه II ڪيس کي فوري طور تي ٻي بينچ ڏانهن موڪلڻ جي درخواست هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪئي وئي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني جي توشه خانه II ڪيس کي فوري طور تي ٻي بينچ ڏانهن موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي،هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي وڪيل کي ڪيس ۾ وڌيڪ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جا فيصلا آخري هوندا آهن، اعتراض جي صورت ۾ جج کي پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته بينچ کان الڳ ٿيڻو آهي يا نه،اعتراض جي نقطي تي وڌيڪ مدد جي درخواست ڪندي ٻڌڻي غير معینہ مدت تائين ملتوي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو