مڊنائٽ آپريشن: پي ٽي آء جو احتجاج فلاپ يا ڪامياب؟

مڊنائٽ آپريشن: پي ٽي آء جو احتجاج فلاپ يا ڪامياب؟

غلام حسين لغاري
پي ٽي آء اڊيالا جيل ۾ سال ٻن کان قيد پنهنجي سربراهه جي آزادي لاء 24 نومبر کان ڊي چوڪ ڏانهن جيڪو مارچ شروع ڪيو هو سو نيٺ آخر ڪالهه رات ڊي چوڪ اسلام آباد پهچڻ تي مڊنائيٽ آپريشن وسيلي في الحال ڪال آف ٿي چڪو آهي هن مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ بشرا بي بي ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پنهنجيون جانيون بچائي خيريت سان واپس پشاور پهچي ويا آهن۔چيو وڃي ٿو ته ڪجهه حلقن کين ڳجهو اطلاع ڏنو هو ته سندن ڪنٽينر تي ڪجهه گهڙين اندر حملو ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ جيئن ڪنٽينر مان ٻاهر نڪتا ته هٿياربندن ڪنٽينر کي باهه ڏني جيڪو ڪجهه ئي لمحن ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو ۽ رات جي وڳڙي هجڻ ڪري انڌاڌنڌ شيلنگ ۽ فائرنگ شروع ٿي وئي جنهن سان هٿين خالي مظاهرين پنهنجو سڀ ڪجهه اتي ڇڏي جانيون بچائڻ ۾ لڳي ويا پوء به وڏي انگ ۾ مظاهرين فوت ٿيا يا زخمي ٿيا جيڪي گهڻي دير تائين ڊي چوڪ تي بي يارومددگار تڙپندا رهيا۔اهڙي طرح مظاهرين جي گاڏين کي به نقصان پهچايو ويو جيڪي گاڏيون اتي ڇڏي ميدان خالي ڪري هليا ويا اهڙي طرح حڪومت جي خاص ڪري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي اها دعوي سچ نڪتي ته ڪو به مظاهرين ڊي چوڪ کان بچي نه نڪرندو۔اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڊي چوڪ جي آس پاس عمارتن ۾ خاص سنيپر ويهاريا ويا هئا جن وجهه وٺي بي رحمانه فائرنگ ڪئي جنهن کان اڳ پورو علائقو خالي ڪرايو ويو هو ته جيئن مقامي ماڻهن جو ڪو به نقصان نه ٿي سگهي۔پي ٽي آء سربراهه جي آخري ڪال ڪامياب ٿي يا فلاپ ٿي اهو به هڪ سوال آهي جنهن ۾ اهو مطالبو کڻي ٻاهر نڪتي هئي ته اهي عمران خان کي آزاد ڪرائي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا پر هتي ته معاملو ئي ٻيو ٿيو جو ڪي پي ڪي جا پٺاڻ پنجاب جا پنجابي بلوچستان جا بلوچ ۽ سنڌي رانديگر هٿين خالي واپس هليا ويا ۽ محسن نقوي في الحال ڪاميابي ماڻي پر پوري دنيا پي ٽي آء احتجاج کي ڪامياب سڏي رهي آهي جو مظاهرين اٽڪ پل ۽ ٻيون رڪاوٽون هٽائي ڊي چوڪ تي پهچڻ وارو عزم پورو ڪيو ۽ پهچڻ ۾ ڪامياب ويس اها الڳ ڳالهه آهي ته طاقت جو استعمال ڪيو ويو جڏهن ته مظاهرين بي هٿيار هئا۔ جيڪڏهن وٽن هٿيار هجن ها ته وڏو نقصان ٿئي ها جنهنجي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ن ليگ جي وزيرن دعوي ڪئي هئي پر مڊنائٽ آپريشن دوران هٿيارن جي موجودگي جو ڪو به اهڙو واضح ثبوت نه مليو آهي سواء گليلن جي۔پوري دنيا هن مڊنائيٽ آپريشن تي سوال اٿاريا آهن ته اهو نه ٿيڻ گهرجي ها جنهن سان انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي آهي۔نه صرف پاڪستان ۾ پر پوري دنيا ۾ عمران خان جي آزادي لاء پرامن مظاهرا ڪيا ويا آهن۔ڊي چوڪ تي مڊنائٽ آپريشن انوقت ڪيو ويو جڏهن مظاهرين جي اڪثريت رات جي ماني کائڻ ۾ مصروف هئي يا وري ٽن ڏينهن جي ٿڪاوٽ سبب آرامي هئا ۽ اوچتو فائرنگ ۽ شيلنگ شروع ٿي وئي۔پي ٽي آء قيادت پاران الزام مڙهيو ويو آهي ته سندن وڏي انگ ۾ ڪارڪن شهيد يا زخمي ٿيا آهن۔ ن ليگ ڪڏهن به ڪا مفاهمتي سياست يا حڪومت ناهي ڪئي سواء اقتدار ۾ زور زبردستي رهڻ جي, نه وري ڪڏهن آئين قانون جو ڪو احترام ڪيو اٿس يا انصاف جي فراهمي ۽ جمهوريت جو تسلسل برقرار رکڻ لاء ڪو پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي سواء پنهنجي گلوبٽن کي اڳيان آڻڻ جي جن ڪجهه سال  اڳ به پنهنجي دور حڪومت ۾ ماڊل ٽائون وارو واقعو دهرايو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 20 کن مظاهرين شهيد ڪيا ويا هئا جڏهن ته سپريم ڪورٽ تي حملو ڪرائي ججن کي يرغمال بڻايو ويو ۽ هاڻ وري پي ٽي آء جي پرامن مظاهرين کي بربريت ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو جيڪي ٽيون ڏينهن رات جو ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ پنهنجي قائد اڳوڻي وزيراعظم جي آزادي لاء اتي پهچي چڪا هئا جيڪو سندن جمهوري ۽ سياسي حق هو۔ جمهوريت جي بقا ۽ آئين جي بحالي لاء پي ٽي آء جو 2014 کانپوء ڊي چوڪ وارو هي سڀ کان وڏو احتجاج ۽ ڌرڻو هو جنهن ۾ چئني صوبن مان پي ٽي آء ڪارڪنن جو هڪ وڏو هجوم رستي تي وڌل سخت ترين رڪاوٽون پوليس ۽ رينجرس سان مزاحمت ڪندي رڪاوٽون ختم ڪرائيندي ڊي چوڪ پهتل هو جڏهن ته حڪومت جي دعوي هئي ته احتجاجي ٽولن ۾ ڏوهاري ۽ دهشتگرد شامل آهن جن وٽ خطرناڪ هٿيار آهن جنهنڪري هڪ اڌ پوليس وارو ۽ چار رينجرس جا جوان شهيد ٿيا جڏهن ته وڏي انگ ۾ جوان مظاهرين جي هٿان زخمي ٿيا آهن۔بهرحال پي ٽي آء جا جٿا سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ڊي چوڪ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا ۔وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ان دوران بلند آواز وضاحت ڪئي ته جيل ۾ قيد پي ٽي آء سربراهه عمران خان ڊي چوڪ ڌرڻي کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو هو پر ٻي قوت عمران خان جي اهڙي خواهش تي عمل ڪرڻ لاء راضي نه هئي ان قوت جو اشارو بشري بي بي طرف هو جيڪا پشاور کان مظاهرين جي قيادت ڪري رهي هئي۔چيو وڃي ٿو ته پي ٽي آء جا ڪجهه اڳواڻ پڻ احتجاج جو رخ تبديل ڪرڻ جي حق ۾ هئا پر بشري بي بي ۽ علي امين گنڊاپور جي ضد مظاهرين کي ڊي چوڪ طرف ڌڪيو جيڪو سندن هدف ۽ عمران خان جي خواهش هئي۔حڪومت پرامن مظاهرين تي تشدد ۽ بربريت جو مظاهرو ڪري ڪو دنيا کي سٺو پيغام ناهي ڏنو جنهن سان دوست ملڪن ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن وٽ ڪو سٺو تاثر پئدا ٿيندو۔هونئن به پاڪستان جي سياست جمهوريت انصاف ۽ عدالتي ادارن لاء ڪو سٺو تاثر پئدا ٿيل ناهي جو هتي حڪومتون جمهوريت جو تسلسل ناهن رهيون اقتدار تحفي ياري سنگت ۾ ملندا آهن اهوئي سبب آهي جو پ پ پ ۽ ن ليگ جو ووٽ بئنڪ ختم ٿي چڪو آهي ۽ اقتدار ووٽن بدران ٻين ذريعن وسيلي ملي ٿو۔فيبروري وارين عام  چونڊن جا نتيجا به متنازعه بڻيل آهن۔بهرحال جن جو مينڊنٽ زوري ڦٻايو ويندو رڙيون ته ضرور ڪندا۔جيڪڏهن پي ٽي آء رڙيون ڪري ٿي ۽ احتجاج ڪري ٿي ته ان سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن تشدد واري سياست سان سياسي ڌرين جا هٿ ڪڏهن به مضبوط نه ٿيندا ۔رهيو سوال پي ٽي آء ڊي چوڪ احتجاج اهو ڪڏهن به فلاپ نه سمجهيو ويندو جو حڪومتي آپريشن لڪ چوري رات جي وڳڙي ۾ هٿين خالي مظاهرين تي ڪيو ويو۔حڪومت پنهنجي شڪست تسليم ڪري ۽ اڃا به وقت ناهي ويو پي ٽي آء سان ڳالهيون ڪري سياسي مسئلي جو حل سياسي ۽ جمهوري طريقي سان ڪڍيو وڃي جو ملڪ غيرمستحڪم ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو