شام تي اسرائيل جو هوائي حملو، 23 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جو چوڻ آهي ته ان جي جنگي جهازن شام ۾ ايراني فورسز ۽ شامي فوجين کي نشانو بڻايو آهي جڏهن ته مبصرين جي گروهه جو چوڻ آهي ته ان هوائي حملن ۾ 23 ماڻهو مارجي چڪا آهن. شام ۾ آپريشن جي تصديق ڪندي اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن اسرائيل تي 4 راڪيٽ حملا ڪرڻ جي رد عمل ۾ هن ايراني القدس فورس ۽ شامي فوج تي فضائي حملا ڪيا آهن. شامي مبصر براءِ انساني حقوق (ايس او ايڇ آر) جو چوڻ هو ته حملن ۾ 23 ماڻهو مارجي ويا آهن جنهن ۾ 3 غير شامي شامل آهن. واضح رهي ته ايران شامي صدر بشارالاسد جي فوج سان گڌ ملڪ ۾ 8 سالا اندروني ويڙهه ۾ گڏ رهي آهي. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪو به اسان کي نقصان پهچائيندو اسان ان کي نقصان پهچائينداسين. فوج جي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس جو چوڻ هو ته سڀ کان اهم هدم دمشق جي مرڪزي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو ڪنٽرول تنصيبات کي نشانو بڻائڻ هو هي اها عمارت هئي جنهن کان ايران جي پاسداران انقلاب ساز و سامان جي ايران کان شام ۽ شام کان اڳتي منتقل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندي هئي. ياد رهي ته اسرائيل شام ۾ 2011 ۾ شروع ٿيندڙ گهرو ويڙهه کانپوءِ مسلسل فضائي ۽ ميزائل حملا ڪيا آهن پر تمام گهٽ ان حوالي سان بيان ڏنا. ايران جي سرڪاري خابرو اداري ثنا مطابق شامي اينٽي ايئر ڪرافٽ ڊيفنس دمشق تي اسرائيلي جنگي جهازن جي وڏي حملن جو جواب ڏنو. جنهن جي اسرائيلي فوج تصديق ڪندي چيو ته ان جهازن پاران ميزائل حملا ڪيا ويا هئا پر ڪو به جهاز ميزائل جو نشانو نه بڻجي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو