فاـٔينل ڪال

فاـٔينل ڪال

حبيب ٽالاڻي
باني پي ٽي آـٔي عمران خان پاران پنھنجي آزادي لاء 24 نومبر تي اسلام آباد طرف فاـٔينل ڪال جو سڏ ڏنو ويو آھي پي ٽي آـٔي قيادت اسلام آباد طرف اعلانيل مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاء ڪاميٽيون به جوڙي ڇڏيون آھن عمران خان فاـٔينل ڪال جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ پي ٽي آـٔي قيادت پنھنجي جلسن سميت ھرپليٽ فارم تي فاـٔينل ڪال بابت باقاـٔدا ھڪ مھم ھلاـٔي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور ته اھو به چوندو رھيو ته عمران خان جي ڪال بعد سرن ڪفن سان ٻڌي نڪرنداسين ۽ عمران خان کي آزاد ڪراـٔي واپس اينداسين عمران خان پاران ڏنل فاـٔنل ڪال ۾ ھڪ شـٔي ته بلڪل واضع آھي ته اعلانيل فاـٔينل ڪال ۾ صرف ھڪ نقطو شامل آھي ته عمران خان جا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو ڪيو وڃي ان کان سواء ٻيو ڪو به مطالبو ناھين ڪيو ويو ھاڻي ھن سڄي سياسي وايومنڊل ۾ سوال اھو ٿو پيدا ٿـٔي ته ڇا فاـٔيـنل ڪال کي پي ٽي آـٔي قيادت ڪامياب ڪراـٔي سگھندي؟ ان حوالي سان ڏسجي ته ڪنھن به مارچ جي ڪاميابي ۾ جيڪا اھم شـٔي ضروري ٿيندي آھي اھا شـٔي آھي عوام جو شريڪ ٿيڻ توڙي جو ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناھين ته ملڪ ۾ـپي ٽي آـٔي وٽ اسٽريٽ پاور موجود آھي پر وري ھتي اھو ڳالھ اھا ٿي ٿــٔي ته ڇا ان سياسي اسٽريٽ پاور کي پي ٽي آـٔي قيادت گڏ ڪري منظم نموني سان ٻاھر ڪڍي سگھندي يا وري حڪومت اھڙي اسٽريٽ پاور جي رستا روڪ نه ڪندي؟ ان سوال جو جواب ڳولھڻ کان اڳ اسان کي اھو ڏسڻو پوندو ته پي ٽي آـٔي مارچ ۾ شامل ٿيڻ لاء ماڻھو نڪرندا ڪٿان؟ ان حوالي سان ڏسجي ته پي ٽي آـٔي جي زور ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ آھي سنڌ ۾ پي ٽي آـٔي صرف ڪراچي شھرتاـٔين محدود آھي ان ڪري پي ٽي آـٔي قيادت جي اھا ڪوشش ھوندي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان ماڻھو آڻجن ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آـٔي جي پنھنجي حڪومت آھي اتان وڏي انگ ۾ ماڻھو ٻاھر ڪڍي آڻڻ پي ٽي آـٔي قيادت لاء ڪو مسـٔلو نه ھوندو رھي ڳالھ پنجاب جي ته پنجاب ۾ پي ٽي آـٔي وٽ اسٽريٽ پاور موجود آھي پر ڳالھ وري به ساڳيـٔي ته انھن کي ٻاھر ڪڍڻ ۽ ڪي پي ڪي مان ايندڙ مک ريلي تاـٔين پھچاـٔڻ جو ھوندو اھو ڪم پي ٽي آـٔي قيادت لاء وڏو مسـٔلو ھوندو ھاڻي سوال اھو به پيدا ٿـٔي پيو ته ڇا وفاقي حڪومت آرام سان پي ٽي آـٔي جي مارچ کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندي سو به اھڙي مارچ کي جنھن بابت وزيراعلي ڪي پي ڪي علي امين گنڏاپور چوندو رھيو ته عمران خان جي فاـٔينل ڪال تي جڏھن نڪتاسين ته سرن سان ڪفن ٻڌي نڪرنداسين مطلب ته ڪجھ به ٿي پوي عمران خان جي آزادي تاـٔين واپس نه ورنداسين اھڙن اعلانن کان پوء سو به ھڪ صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو پاران ته پوء اھو ڪيـٔن ممڪن آھي ته وفاقي حڪومت پي ٽي آـٔي جي ريلي کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندي توڙي جو علي امين گـنڊاپور اڳ ۾ ريلين دوران اسٽيبلشمنٽ جو مھمان بڻيو ھو ۽ ھاڻي به علي امين گنڊاپورجا اسٽيبلشمنٽ سان رابطا آھن ان ڪري اھا ڳالھ شڪ ۾ وجھي ٿي ته ڇا علي امين گنڊاپور واقعي حقيقي طرح سان عمران خان جي فاـٔينل ڪال واري ريلي جي ڪاميابي جي ڪوشش ڪندو؟ جيڪڏھن علي امين گنڊاپور ھن ڀيري اسٽيبلشمنٽ سان ٻٽ بڻيل رھيو ته پوء ٺيڪ ريلي خلاف ھلڪو سلڪو ھٿ رکيو ويندو بس ماڻھـن جي شرڪت روڪڻ لاء روڊ رستا بند ڪيا ويندا جي واقعي علي امين گنڊاپور ھن ڀيري عمران خان جي آزادي لاء ريلي کي ھرصورت ۾ اسلام آباد آڻڻ جي ڪوشش ڪـٔي ۽ اسٽيبلشمنٽ جي ان ۾ رضامندي شامل نه ٿي ته پوء حالتون ريلي کي روڪڻ کان گھڻو اڳ تي نڪري وينديون حڪومت ھر صورت ۾ ريلي کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيـڻ کان روڪيندي ان لاء پنجاب ۾ پي ٽي آـٔي خلاف سخت ڪارواـٔي ٿيندي ڪراچي شھر مان پي ٽي آـٔي کي ٻاھر نڪرڻ جي اجازت نه ملندي رھي ڳالھ ڪي پي ڪي جي ته اتي پي ٽي آـٔي جي حڪومت آھي ان ڪري ڪي پي ڪي ۾ وفاقي حڪومت پي ٽي آـٔي جي حڪومت ھوندي پي ٽي آـٔي ڪارواـٔي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه ھوندي ان ڪري طاقتور ڌريون پاڻ علي امين گنڊاپور کي پاڻ ھينڊل ڪندا جيڪڏھن ھو راضي ٿيو ته ٺيڪ نه ٿيو ته پوء فاـٔينل ڪال کان اڳ ۽ علي اميـن گنڊاپور جي رستاروڪ لاء قدم کنيا ويندا جنھن ۾ پھريون ۽ آخري آپشن گورنر راڄ ھوندو پر ان جو دارو مدار پي ٽي آـٔي قيادت توڙي علي امين گنڊاپور تي ڇڏيل آھي ته اھي اسٽيبلشمنٽ سان گڏجي کيڏڻ چاھن ٿا يا وري ھن ڀيري واقعي ڪجھ ڪرڻ جي موڊ ۾ آھن اھو ته ڪجھ ڏينھن اندر واضع ٿيندو پر ھڪ پاسي جتي پي ٽي آـٔي فاـٔنل ڪال جي تياري ۽ ڪاميابي پويان ڊوڙي رھي آھي اتي پي ٽي آـٔي جي اندر به اختلاف نظراچن پيا پي ٽي آـٔي ۾ ڪجھ ماڻھو روڊن تي فيصلا ڪرڻ جي موڊ ۾ آھن ته ڪي اڳواڻ وري عدالتن ذريعي ۽ پرامن احتجاجن وسيلي عمران خان جي آزادي لاء ڪوششون ڪرڻ جي ڳالھ ڪري رھيا آھن پر ھڪ ڳالھ ضرور آھي ته پي ٽي آـٔي ووٽ بـٔنڪ توڙي اسٽريٽ پاور عمران خان وٽ ـٔي آھي عمران خان جيڪو اعلان ڪندو ڪارڪن ان پويان ھوندا ھن سڄي سياسي وايون منڊل ۾ سوال اھو ٿو پيدا ته عمران خان جي احتجاج واري سڏ کي فاـٔينل ڪال ڇو سڏيو پيو وڃي؟ ڇا ھي فاـٔينل ڪال واقعي پي ٽي آـٔي جي فاـٔينل ڪال ھوندي؟ جو پي ٽي آـٔي قيادت توڙي عمران خان پاڻ ھن ڪال فاـٔينل ڪال سڏيو آھي ان جو مطلب ته پي ٽي آـٔي قيادت يا وري خود عمران خان کي اھا پڪ آھي ته ھي فاـٔينل ڪال آھي ھـن احتجاج جي نتيجي ۾ ھي حڪومت ھلي ويندي ھن کي جيل اندر سلامي ڏيـٔي ٻاھر آندو ويندو موجودا حڪومت جا ڪردا ڌرتا ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويندا ملڪ اندر ھڪ وڏو انقلاب ايندو بلڪل اـٔين جيـٔن بنگلاديش ۾ ٿيو آھي ان ڪري ته پي ٽي آـٔي اڳواڻ چون پيا ته وزراعلي پنجاب مريم نواز شريف کي ملڪ اچڻ جي ضرورت ـٔي نه پوندي پي ٽي آـٔي قيادت کي فاـٔينل ڪال يا احتجاج جي ايتري ڪاميابي جو يقين ھجڻ موجودا صورتحال ۾ ھن کي ھڪ خوبصورت خواب ـٔي سمجھي سگھجي ٿو پر ان جو حقيقت سان گھٽ ۾ گھٽ ھن مھل پري جو واسطو به نظر ڪو نه ٿو اچي عمران خان ۽ پي ٽي آـٔي قيادت جيڪا فاـٔينل ڪال جو سڏ ڏيـٔي ملڪ ۾ بنگلاديش جھڙي صورتحال جا خواب ڏسي رھيا آھن اھا مشڪري کان وڌيڪ ڪجھ به ناھين ان ڪري ته بنگلا ديش ۾ حڪومت سان جيڪا ڪجھ ٿي ان ۾ فوج احتجاج ڪندڙن سان گڏ بيٺي ھـٔي گڏ بيھڻ مان مطلب ته فوج مظاھرين خلاف ڪارواـٔي ڪرڻ کان انڪار ڇڏي ھـٔي ان ڪري بنگلاديشي حڪومت فرار ٿي وـٔي ھتي اسان وٽ فاـٔينل ڪال جي شڪل ۾ انقلاب جي سوچ رکڻ وارن کان پڇيو وڃي ته ڇا ملڪي اسٽيبلشمنٽ حڪومت کان الڳ بيٺي آھي؟ ڇا سڀاڻي پي ٽي آـٔي وارا لکين ماڻھو وٺي اسلام آباد طرف اچن ۽ حڪومت فوج مقرر ڪري ته ڇا فوج انڪار ڪندي؟ قطعي به نه ان ڪري ملڪ ۾ بنگلاديش واري صورتحال پياد ٿيڻ جا ڪي به امڪان ناھن نه وري ھي پي ٽي آـٔي جي فاـٔينل ڪال آھي اڃان فاـٔينل ڪال جو نه ماحول جڙيو آھي ۽ نه وري سياسي حالتون اھڙيون آھن جو ھي پي ٽي آـٔي جي فاـٔينل ڪال ھجي اصل ۾ ھن فاـٔينل ڪال جا ڏور آمريڪي صدارتي اليڪشن سان ملن ٿا ٽرمپ جي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي بعد پي ٽي آـٔي سوشل ميڊيا آمريڪا ۽ عمران خان کي خانداني دوست ظاھر ڪرڻ لاء وسان نه گھٽايو ان ڪري پي ٽي آـٔي قيادت کي پڪ ٿي وـٔي آھي ته آمريڪا بھادر اسان جي مدد ڪندو پر اڃان ته ٽرمپ صدارت واري ڪرسي تي ويٺو ـٔي ناھين پي ٽي آـٔي وارا اڳ ۾ ـٔي خوش فھمي ۾ مبتلا ٿي ويا آھن خير اھا انھن جي مرضي پر آمريڪا ھن وقت فاـٔينل ڪال واري وقت ھنن جي مدد نه ڪندو نه وري ھن ڪال جي نتيجي ۾ بنگلاديش واري صورتحال پيدا ٿيندي پر پي ٽي آـٔي کي ھڪ فاـٔدو ضرور ٿيندو ته پي ٽي آـٔي خلاف طاقت جي استعمال سان پرڏيھي سطح تي عمران خان جي حمايت ۾ اضافو ضرور ٿيندو باقي ھي فاـٔينل ڪال فلاپ ثابت ٿيندو عمران خان لاء آساني ھڪ صورت ۾ ممڪن آھي جڏھن اسٽيبلشمنٽ چاھيندي ۽ ان جو طريقو ھڪ اھو ته عمران خان اسٽيبلشمنٽ سان حالتن کي بھتر بڻاـٔي يا وري اسٽيبلشمنٽ مٿان ٻاھران پريشر پوي ته پوء وڃي عمران خان لاء آسانيون پيدا ٿي سگھن ٿيون ٻي صورت ۾ موجودا حالتن مان ٻاھرنڪرڻ عمران خان لاء انتھاـٔي مشڪل ڪم آھي ڀل فاـٔينل ڪال مٿان وري فاـٔينل ڪال ڏني وڃي ڪجھ به نه ٿيندو بس ملڪي حالتون خراب ٿيڻ کام وڌيڪ ڪجھ ٿيڻ جو آسرو ڪرڻ ٻٻر کان ٻير گھرڻ برابر ھوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو