شاهدراڄپر
اسان آخر ڪهڙي طرف وڃي رهيان آھيون ۽ هي ڪهڙو واء گهليو آھي جو ڪا خبر ئي نه پئي پوي ته آخر هتي ڇا ٿي رهيو آھي ، ڪنهن کي ڪا به خبر نه پئي پوي ته هو چوڻ ڇاٿو چاهي ۽ چئي ڇا پيو ؟ ۽ ڪرڻ ڇا پيو چاهي ۽ ڪري وري ڇا پيو ؟
افسوس جو عالم آھي جو سنڌ ڌرتيء تي وڌندڙ بد امني ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ چانھ پاڻي جي آڙ ۾ ھلندڙ ڪرپشن بجائي سنڌي قوم کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جي راند رچي وئي آھي ۽ ڪو وڏو ماسٽر مائينڊ آھي ۽ اهو هي ڪا وڏي گيم کيڏي رهيو آھي جيڪا سنڌي قوم کي پاڻ ۾ ويڙھائي يا ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو يا وري سنڌ تي پنهنجو قبضو قائم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته ھي سڄي فلم ڪنهن ٺاهي ۽ ڪنهن ڊائريڪشن پئي ڏنا پر خدارا سنڌ واسيو اوهان پاڻ کي فيسبڪي دانشورن کان بچايو ۽ جيڪي جعلي ايف بي آئيڊيون ٺاهي گار گند ڪن ٿا اهي نه مسلمان آھن نئي سنڌي آھن ڇاڪاڻ ته اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآليه وسلم ڪنهن مسلمان کي ته ڇا پر ڪنهن غير مسلم کي به گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان منع ڪيو آھي ۽ اهڙي اسان سنڌين جي امڙين پنهنجي ٻچن کي به حضور اڪرم صلي الله عليه وآليه وسلم جي ڏسيل واٽ تي هلڻ ۽ ڪنهن کي گارگند ۽ گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان ۽ انسان ذات کي رنجائڻ کان منع ڪئي آھي ڏٺو وڃي ته جڏهن کان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي مبينا جعلي مقابلي ۾ مارڻ کان پوء سنڌ کي هٿ وٺي بد امني طرف ڌڪيو پيو وڃي ۽ ڪي دوست ملن کي ته ڪي دوست قومپرست ڌرين کي نازيبا لفظ استعمال ڪري رنجائي رهيا آھن ۽ اهو سڀ جعلي فيسبڪ آئيڊين وسيلي ڪيو پيو وڃي، مذھب جي آڙ ۾ ڪي ڌريون انتهاپسندي کي هٿي ڏئي رهيون آھن وري ڪجھ مفادي ٽولا قومپرستي جي آڙ ۾ سنڌي نوجوانن کي اڪسائي رهيا آھن جيڪو عمل سراسر غلط ۽ سنڌي قوم توڙي سنڌ ڌرتيء لاء نقصانڪار آھي جنهن لاء سڄاڻ ڌرين کي اڳتي وڌي قدم کڻڻ جي ضرورت آھي ڇا ڪاڻ ته هينئر سنڌي قوم کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جي وڏي سازش ڪئي وئي آھي ڇاڪاڻ ته هتي مولوي به سنڌي آھن ته قومپرست به آھن ۽ ٻيون ڌريو يا ته خاموش تماشائي بڻجي تماشو ڏسي رهيون آھن يا وري فيسبڪ تي جعلي اڪائونٽ ٺاهي نفرت آميز مواد شيئر ڪري رهيون آھن جڏهن ته سوچڻ جي ڳالھ ھيء آھي ته هن وقت سنڌ ۾ مذھبي ۽ قومپرستي واري انتهاپسندي پکيڙي آخر ڪير فائدو وٺڻ ٿو چاهي هتي قانوني ادارا ويٺا آھن انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو ۽ ڪنهن هڪ ماڻهونء جي ذاتي مسئلي کي مذھبي يا قومي رنگ ڏئي هوا نه ڏني وڃي ڪٿي سڄي سنڌ جلي نه پوي ان لاء سنڌ سرڪار سميت پاڪستان جي قانون وارن ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪري مولوي عمر سرهندي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو مسئلو قانون مطابق حل ڪري سنڌ ۾ وڌيل بيچيني ختم ڪئي وڃي جڏهن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر وڊيو بيان ۾ واضع ڪيو ته ان کان قانوني ادارا ڇنڊڇاڻ ڪن ۽ اگر هو ڏوهي نڪري ٿو ته ادارا ڪجھ به ڪن ۽ اگر پير عمر سرهندي واقعي کي هوا ڏئي ماڻهن کي مڇرائي اهڙو ڪم ڪيو آھي ته ان کان به پڇاڻو ڪيو وڃي هينئر ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر هن دنيا ۾ ته ناهي پر مولوي عمر سرهندي ته آھي ان کان قانون جي دائري ۾ اندر رهي جانچ ٿيڻ گهرجي ته پير عمر سرهندي يا ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر وچ ۾ ڪنهن معاملي تان رنجشون ته نه هنيون يا وري ڊاڪٽر شاهنواز ۽ پير عمر سرهندي جي ڪنهن عزيز جو مسئلو ته ناهي جو آخر ايتري شدت ڇو پيدا ڪئي وئي ۽ جڏهن ڊاڪٽر شاهنواز گرفتاري ڏني هئي ته ان وقت ڪاوائي ۾ موجود سڄي پوليس عملي جا موبائيل نمبر ٽريڪ ڪري ڏٺا وڃن ته عملدار آخر تائين ڪنهن ڪنهن سان رابطي هئا ۽ ڪنهن جي ڊائريڪشن تي ڊاڪٽر شاهنواز جو بيرحماڻو قتل ڪري سڄي انسان ذات کي غمزده ڪري ڇڏيو ۽ ضرورت ان ڳالھ جي به آھي ته اهڙن واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاء قانون آندا وڃن ته بنا ڪنهن ثبوت يا بنا ڪنهن ڏوھ جي ڪنهن تي اهڙو ظلم نه ڪيو وڃي ۽ اگر ڪو ڪنهن ڌر تي اهڙو الزام هڻي ٿو ۽ اهو ڪوڙو ثابت ٿئي ٿو ته الزام مڙھن واري کي ان لڳايل الزام واري ئي سزا ڏني وڃي جيئن اڳئي آئنده ڪير به ڪنهن تي ڪوڙو الزام نه مڙھي
هينئر ڏٺو وڃي ته فيسبڪ تي هرڪو مفتي به لڳو پيو آھي ته جج به لڳو پيو آھي ۽ فتوا به اهو ٿو ڏئي ته سزا به اهو ئي ٿو ٻڌائي ۽ ڪجھ وري اسان جا دوست ايترا ته نادان ۽ ساده آھن ته ان پوسٽ کي وٺ وٺان ڪري شيئر ڪرڻ ۾ رڌجي ٿا وڃن ۽ جذبات ۾ اچي انتهائي قدم کڻڻ کان به نٿا مڙن ۽ ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي ٿا پون جنهن لاء انهن نادان دوست کي به التجا عرض آھي ته هر ڪنهن کي ڪنهن نه ڪنهن جي ضرورت هوندي آھي ان لاء برائي مهرباني ڪنهن جي ڌوڪي ڌولاپ ۾ اچڻ بجائي ايترو ضرور سوچيو ته جنهن تي الزام مڙھيو ويو آھي ان جو ڪردار ۽ سماج ۾ ڪيتري عزت آھي ۽ هو اهڙو ٿي سگهي ٿو جيڪو ان تي الزام مڙھيو ويو آھي ۽ گڏو گڏ الزام مڙھڻ واري جي ڪردار ۽ ساخ کي به پرکڻ گهرجي ته ان جي سماج ۾ ڪهڙي حيثيت ۽ ڪردار آھي ، هو ڪو لڪل وياجي يا منشيات فروش ۽ منعافي خور ته ناهي يا وري جنهن تي الزام لڳايو اٿس ان سان يا ان جي ڪنهن عزيز سان سندس رنجش ته ناهي ۽ اگر هو صحيح آھي ته به الزام هيٺ آيل ڌر کي پنهنجو بيان پيش ڪرڻ جو پورو حق ڏبو آھي ته ڇا واقعي تو اهو عمل ڪيو آھي ، اگر ڪيو آھي ته ڇو ڪيو آھي ، ڪنهن توکان اهڙو عمل زوري يا دوستي جي آڙ وٺي ته نه ڪرايو آھي، اگر هو مڃي به ته هن اهڙو ڪڌو عمل عمل ڪيو آ ته ان کي مذھب مطابق سڌرڻ جو هڪ موقعو ڏنو وڃي سخت تنبيھ سان ته اگر آئنده اهڙو غلط عمل ڪيو ويو ته ان جي سخت سزا ڏني ويندي ۽ ان کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي اسلامي طرز تي سزا ڏني وڃي ۽ اگر الزام ڪوڙو ثابت ٿئي ٿو ته الزام مڙھڻ واري کي ساڳي سخت سزا ڏني وڃي ڇا ڪاڻ ته ان ڄاڻي واڻي گناه ڪيو آ ،
جڏهن ته موجوده حالتن مطابق سڄاڻ ڌرين کي جلد کان جلد قدم وڌائڻ جي سخت ضرورت آھي ته ڪٿي سنڌ ۾ سنڌي نه پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا ويري بڻجي ڌرتيء کي ٽامون بڻائين ۽ اهڙين حالتن کي اڀارڻ وارن کي ۽ نفرت آميز مواد فيسبڪ سميت سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تي شيئر ڪرڻ وارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي گڏو گڏ سنڌ ڌرتيء تي امن امان جو بندوبست ڪري شھرين جي جان و مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي سخت ضرورت آھي ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ڪير به اصلاح طرف نه بلڪه تنقيد برائي تنقيد طرف گهڻو وڃي رهيو آھي ۽ جيڪي ڀٽڪيل آھن انهن کي راھ راست تي آڻڻ بجائي رستي تان جبري هٽايو پيو وڃي جيڪو پڻ اسان لاء ۽ اسان جي ڌرتيء لاء لمحہ فڪريہ آھي سنڌ ڌرتيء تي رسول اڪرم ٻنهي جهانن جي سردار جي دور کان اسلام ڦھليل آھي ۽ ڪوبه سنڌي اهڙو نه آھي جنهن کي آقا دو جهان صلي الله عليه وآليه وسلم سان محبت نه هجي سنڌ ڌرتي سموري عاشقان رسول صلعم سان ڀري پئي آھي پر پڇيو ته انهن کان به وڃي جيڪي ميلاد نبي صلعم ملهائڻ کي بدعت قرار ڏيندا هئا ۽ هاڻي جڏهن غيرملڪين افغاني نام نهاد ملن کي نيڪال ڪرڻ جي التجا بلند پئي ٿئي ته اهي ڇو مذھب جو استعمال ڪري سنڌ کي انتهاپسندي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري سنڌين هٿان سنڌين کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھن پاڪستان سرڪار سميت سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ ۾ مذھبي انتشار ڦھلائيندڙن ۽ مذھبي آڙ ۾ وڌندڙ فسادن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء اپاء ورتا وڃن ۽ اهڙن عملن ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪرڻ سميت جيڪي توهين رسالت جا اصل پيروڪار آھن انهن کي قانون جي دائري ۾ رهي ڪري عبرت جو نشان بڻايو وڃي ۽ سنڌ کي امن ڀري ڌرتي بڻائي سنڌ ۾ وڌيل بيچيني ختم ڪئي وڃي










