سنڌ،زراعت توجھ جي گھرجائو

سنڌ،زراعت توجھ جي گھرجائو

رحمت الله ٻرڙو
پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن دوران عوام سان ڪيترائي واعدا وچن ڪيا ھئا.جن ۾ سستي بجلي ۽ سولر انرجي کي ھٿي وٺرائڻ کان ويندي زرعي انقلاب ۽ ھارين لاء ڪسان ڪارڊ جھڙا نعرا پڻ عام چونڊ جو وڏو حصو ھئا.عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت جون وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جيئن ئي واڳون سنڀاليون ته ھن زراعت کي ھٿي وٺرائڻ لاء ھڪ پراجيڪٽ (موو ايبل سولر ٽرالي) پڻ متعارف ڪرايو.ھن پروجيڪٽ ذريعي پاڻيء جي کوٽ کي منھن ڏيڻ لاء ۽ بجليءَ جي ڳورن بلن کان بچڻ خاطر سنڌ حڪومت جي سبسڊي جي بنياد تي سولر موو ايبل ٽرالي مھيا ڪئي پئي وڃي سو پڻ ھڪ زرعي پيداوار کي ھٿي ڏيڻ لاء ھڪ وڏو انقلابي قدم چئجي ته پڻ غلط نه ھوندو.گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ زراعت ۽ آبپاشي کاتي جو هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ زراعت کي جديد لاڙن سان متعارف ڪرڻ بابت۽ زرعي پيداوار کي بهتر ڪرڻ لاء اهم قدم کڻڻ لاء اپائن تي ضرور ڏنو ويو.ان سلسلي ۾ آيل خبرن موجب سنڌ صوبي ۾ زرعي سڌارن لاء ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي زرعي سامان،مشنري،سولر ۽ ٽيوب ويل جهڙن پروگرامن تي سنڌ حڪومت پاران سبسڊي ڏني ويندي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو کي هدايت ڪندي چيو ته ننڍن آبادگارن ۽ هارين جا تفصيل فوري مهيا ڪيا وڃن ته جيئن انهن کي حڪومت پاران زرعي سامان ۽ مشنري پڻ مهيا ڪئي وڃي.سنڌ حڪومت هن وقت وڏي وزير جي صورت ۾ سنڌ جي زراعت تي جيڪا توجھ ڏئي عملي قدم پڻ کڻي رهي آھيسو عمل ساراھ جوڳو آھي.ان جي باوجود به سنڌ جي زراعت جنهن کي تمام وڏو مسئلو زرعي پاڻيء جي کوٽ ۽ آبپاشي کاتي جي وقت سر توجھ نه ڏيڻ ۽ پاڻيء جي جوڳي ورڇ نه ٿيڻ وارو جيڪو مسئلو آھي سو انتهائي وڏو غور طلب پڻ آھي.ان جيباوجود گذريل ڪافي ڏينهن کان وٺي سنڌ حڪومت زراعت جيبهتريء لاء جيڪو سولر موو ايبل ٽراليپروگرام ترتيب ڏئي آبادگارن ۽ هارين کي ڏيڻجي شروعات ڪئي آھي سو ڪافي هڪ وڏو اهم قدم آھي.جنهن سان سنڌ ۾ آبادگار کي جيڪا مدد ملندي ۽ سنڌ جي زراعي فصلن ۽ زراعت جي شعبي کيهٿي ملندي تنهن جا فائدا پڻ هيٺ ڏجن ٿا.سولر ٽرالي پروجيڪٽ، زراعت کاتي، سنڌ حڪومت پاران، پائيدار زرعي طريقن کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ اقدام آهي.هتي پروجيڪٽ جا فائدا آهن.قابل تجديد توانائي،شمسي توانائي سان هلندڙ ٽراليون فوسل فيول تي انحصار کي گھٽائي ٿي، ڪاربن جي اخراج کي گھٽائي ٿي ۽ ماحول دوست زراعت جي طريقن کي فروغ ڏئي ٿي. پاڻيءَ جو بچاءُ، سولر ٽراليون ڊريپ ايريگيشن سسٽم سان ليس هونديون آهن، پاڻيءَ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽ ڪندي ۽ پاڻي جي استعمال کي بهتر ڪندي.وڌايل فصل جي پيداوار، شمسي ٽرالين ذريعي بروقت ۽ درست پاڻي جي فراهمي فصلن جي واڌ ويجهه ۽ پيداوار کي وڌائي ٿي.گھٽايل مزدوري خرچ،مشيني آبپاشي نظام مزدورن جي ضرورتن کي گھٽائي ٿو، هارين جو وقت ۽ پئسا بچائي ٿو.بهتر پاڻي جو انتظام،سولر ٽراليون هارين کي پاڻي جي وسيلن کي وڌيڪ موثر طريقي سان منظم ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي، مٽي جي لوڻ ۽ ٻوٽي کي گھٽائي ٿي.وڌايل معيشت، فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۽ لاڳت گھٽائڻ سان، هارين جي معيشت بهتر ٿي، غربت جي خاتمي ۾ مدد ڪري ٿي.ماحولياتي لچڪ،سولر ٽراليون هڪ قابل اعتماد ۽ پائيدار آبپاشي حل فراهم ڪندي هارين کي موسمياتي تبديلين سان مطابقت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.گورنمينٽ سپورٽ،پروجيڪٽ هارين جي مدد ڪرڻ ۽ پائيدار زراعت جي طريقن کي فروغ ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو مظاهرو ڪري ٿو.
انهن فائدن هوندي به زراعت جو شعبو جيڪو پڻ ڪيترن ئي شعبن تي مشتمل آھي.جيڪو سڌارن جو گهرجائو آھي.مثال طور زرعي تحقيق وارو شعبو،زرعي ورڪشاپ وارو شعبو،زرعي توسيع واري شعبي سميت کوڙ سارا زرعي کاتي جا ونگز آھن جيڪي پڻ پنهنجي عملي صورت ڄڻ ته وساري ويٺا آھن.هوڏانهن سنڌ سيڊ ڪارپوريشن آھي جنهن جي ماتحتيء ۾ هزارين ايڪڙ مختلف زرعي جنسن يا فصلن جي پوکائي ٿئي ٿي پر نتيجو بلڪل به ٻڙي آھي.هن وقت سنڌ جو وڏو وزير جنهن کي سنڌ سموريء جي دردن جي دوا ڳولھڻ جي همٿ ڪرڻ کپي.سو سندس جي زراعت جي شعبي سان خاص دلچسپي ڏسي خوشي ٿي آھي.هن وقت زرعي شعبي کي بلڪل به سولر پروجيڪٽ تحت جديد زرعي گهرجن تحت کي سامهون رکي آبادگارن ۽ هارين لاء جيڪيعملي ڪم ٿين ٿا سي پڻ قابل تحسين آھي.خاص طور تي ايگريڪلچر انجنيئرنگ ونگ جي ڪوشش سان متعارف ڪرايل مووايبل سولر ٽرالي پروجيڪٽ جنهن ۾ حڪومت سنڌ پاران 75 فيصد سبسڊي ڏئي ۽ 25 فيصد آبادگار جي سيڙپ سان جيڪو پروگرام شروع ڪيو ويو آھي ان سان ڪيترائي زرعي پيداوار کي فائدا ٿيڻ جا چٽا امڪان آھن جن کي مٿي بيان ڪيو آھي.ايگريڪلچر انجنيئرنگ ونگ جي زميوار ذريعن جو چوڻ آھي ته موبائيل موو ايبل سولر ٽرالي واري ورڇ جيڪا آبادگارن کي ٿيڻي آھي ۽ ٿي رهي آھي سا پڻ 80 فيصد ٿي چڪي آھي.جنهن جا فائدا ۽ نتيجا تمام جلد اچڻ شروع ٿي ويندا.ان کان علاوه وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه زرعي کاتي جي اعلي اختيارين کي جيڪي هدايتون ڪندي تفصيل گهريا آھن جن جو مٿي ذڪر ڪري چڪا آھيون،سي جيڪڏهن زرعي کاتي جون اعلي اختياريون خاص دلچسپي وٺي تفصيل سنڌ جي وڏي وزير کي پهچائي وٺن ٿيون ته اميد ٿي ڪجي ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاه پنهنجي پارٽي قيادت جي اليڪشني واعدن کي عملي جامو پارائڻ ۾ دير نه ڪندو.ڇو ته بقول وزير اعلي سنڌ ته سنڌ ۾ هڪ زرعي انقلاب آڻي ثابت ڪبو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت عوامي امنگن مطابق قدم کڻي عوامي خدمت ۾ يقين رکي ٿي.هونئن به گذريل 16 سالن کان مسلسل پيپلز پارٽيء جي سنڌ ۾ حڪومت رهي آھي ۽ هنن ئي 16 سالن اندر جيڪا پوري دنيا ۾ موسمياتي تبديلي آئي آھي ان دنيا جي ڪيترن ئي شعبن کي جتي متاثر ڪيو آھي اتي زراعت جو شعبو پڻ وڏو متاثر ٿيو آھي.خاص طور 2021 22۽ واريون برساتون ۽ برساتي ٻوڏ سنڌ جو تمام وڏو زرعي نقصان ڪيو جنهن جو هن وقت تائين جوڳو ازالو ناهي ٿي سگهيو.ان ڪري ضرورت بلڪل به ان ڳالھ جي آھي ته جيئن سنڌ حڪومت جي خاص توجھ سان سنڌ ايگريڪلچر کاتي جي انجنيئرنگ ونگ جي خاص دلچسپيء سان جيڪو موبائيل موو ايبل سولر ٽرالي پروگرام متعارف ٿيو آھي ايئن ئي جيڪڏهن زراعت کاتي جا ٻيا پاسا يا حصا سرگرم ٿيا ته زرعي انقلاب آڻڻ ايڏو وڏو ڏکيو ڪم ناهي.ان لاء وزير اعلي سنڌمراد علي شاه،وزير زراعت ۽ سيڪريٽري زراعت رفيق احمد ٻرڙو جن کي ڏينهن رات محنت ڪري خاص توجھ ڏئي سنڌ زراعت کاتي جي مختلف 8 شعبن کي سرگرم ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو