تخليقي قوت.غلط فهميون ۽ حقيقت

تخليقي قوت.غلط فهميون ۽ حقيقت

طفيل مگسي

دنيا ۾ ڪروڙين نه بلڪ اربين انسان عام قسم جي زندگي گهاريندا رهن ٿا ته جن منجهان اڪثريت کي اهو اندازو ئي ته هوندو آھي ته قدرت انهن کي ڪا نه ڪا خاص قوت ڏني آھي.مگر انهيء قوت کي اهي استعمال ڪرڻ ۾ انهيء لاء ناڪام رهن ٿا ته ڪيتريون ئي غلط فهميون انهن جي ذھنن کي پنهنجي ڃار ۾ ڦاسائي ڇڏين ٿيون ۽ اها حقيقت به عالم آشڪار آھي ته جڏھن ذھنن ۾ غلط فهميون گهر ڪري ويهي رهن ته عمل جي رستي ۾ چين جي ڀت جهڙيون ڊگهيون ڀتيون اڀيون ٿي وڃن ٿيون.
ڊيوڊ برڪس پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙين ڏھن غلط فهمين کي بيان ڪيو آھي.جيڪي تخليقي صورت ۾ ڀتيون بڻجي ڪري رهجي وڃن ٿيون.
پهرين غلط فهمي –
جيڪڏھن اوهان درست جاء يا درست وقت تي هجو ته حالتون ڪجه اهڙيون شڪليون اختيار ڪنديون ته اوهان جي صلاحيت پاڻھي پاڻ ظاهر ٿي ويندي ۽ اوهان سنجهي به نه سگهندو ته ائين ڪيئن ٿي ويو.
حقيقت ۾ تخليقي قوت رکڻ وارا سمورا فرد ڪجه خاص مرحلن کان گذرن ٿا.انهن جي ذھنن ۾َ جيڪڏھن ڪو خيال جنم وٺي ٿو ته ان کي ڪامل بڻائين ٿا.تدبر ڪن ٿا ۽ پوء جيڪي ڪجه سوچين ٿا ان جي عمل جي مرحلي کان گذرن ٿا.تخليقي قوت محض تحفو ناهي بلڪ غير معمولي مصروفيت ۽ مشقت جو نتيجو آھي.
ٻين غلط فهمي.
-تخليقي صلاحيت پيدائشي هوندي آھي.انسان تخليقي صلاحيت جي لائق هوندو آھي يا ناهي هوندو يعني تخليق قوت جي وراثت جو نتيجو آھي.
حقيقت ۾ ڪنهن به انسان جي شخصيت جي جوڙجڪ ۾ پنج عمل بنيادي يا خاص ڪردار ادا ڪن ٿا.يعني اهڙي ذات کان نڪري ڪري شين کي ڏسڻ.باضميري يعني هن دنيا کي ڪجه ڏيڻ جي حوالي کان پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻ .ٻين سان غيرمعمولي هڪجهڙائپ پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي قبول ڪرڻ .دل ودماغ جي ٻاهرين سوڇ يعني پنهنجي ذات کان هٽي ڪري جيڪي ڪجه به آھي ان کي قبول ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي ان جي مطابق پوئڻ جي لاء تيار رهڻ ۽ ڪنهن قدر عضوون جي شدت يا اڻبراري کي برداشت ڪن ٿا.
شخصيت جي جوڙجڪ ۽ تخليقي قوت کي سگه ڏيڻ وارن ۾ همت ئي صرف اهڙي وصف آھي.جيڪا وجود جي باطنيت کان ھٽي ڪري آھي يعني ٻاهر جو مامرو آھي.ماهر ٻڌائين ٿا ته بيباڪي کان ڪنهن حد تائين سکي سگهجي ٿو.ان کي ڪشادگي ڏئي سگهجي ٿي.بهرحال تخليقي قوت جو وراثت سان ڪو تعلق ناهي بلڪ اها وصف انسان ذھن جي سگه ۽ محبت کان سکي ٿو.
ٽين غلط فهمي.
هرعظيم خيالڪنهن جي منفرد تخليق آھي.حقيقت ۾ ڪو به وڏو خيال ڪنهن هڪ فرد جي ذھن ۾ نٿو ٽڪي بلڪ سڄي دنيا ۾ ماڻھو سوچي رهيا هوندا آھن ۽ سوچ جي مطابق محنت به ڪن ٿا.ڪيترائي ئي عظيم تصور گذريل زماني جي سوچ جو نتيجو به قرار ڏئي سگهجن ٿا.ٽيليفون.ريڊيو.ڪيلڪيوٽرز.پرسنل ڪمپيوٽر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون جن جو خيال هڪ ئي وقت ڪيترين ئي شخصيتن جي ذھن ۾ اڀريو.
چوٿين غلط فهمي.
ڪنهن به شعبي ۾ غيرمعمولي قابليت جي لائق فردن جي ذھنن ۾ نون ۽ منفرد خيالن جي ٽڪڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آھن.دلچسپ ۽ڪساري حقيقت اها آھي ته ڪنهن به شعبي ۾َ قابليت رکڻ وارن جي لاء اها مشڪلات ضرور اچي ٿي.جڏھن اهي نئين سوچ جي قابل نٿا رهن.غير معمولي قابليت جي لائق فردن جي سوچ محدود ٿيندي وڃي ٿي ۽ اهي پنهنجي فڪر و عمل جي اعتبار کان سست ۽ تبديلي کان انڪاري ٿيندا وڃن ٿا.ڪنهن به شعبي ۾ تمام گهٽ ڄاڻ .گهٽ تجربو يا قابليت رکڻ وارا وڌيڪ کلي ڪري ۽ ھمت سان گڏ ڪم ڪن ٿا.ڪا نراسائي.گهٻراهٽ.خوف يا مونجه محسوس نٿا ڪن.
پنجين غلط فهي.
تخليقي قوت نج انفرادي ڪارڪردگي جو مامرو آھي.جڏھن ڪو ڪنهن منفرد تصوراتي جنوني انداز سان ڪم ڪري ٿو ته دنيا کي تخليقي قوت جي عملي شڪل ڏسڻ جي لاء ملي ٿي.
حقيقت اها آھي ته ٿامسن ايڊسين ۽ مائيل نجيلو وٽ وڏيون ٽيمون هيون.جيڪي انهن جي مختلف تصورن تي ڪم ڪنديون هيون.ٻئي عظيم شخصيتون جيڪي ڪم.ڪنديون هيونانهن کي عملي ويس اوڍرائڻ جي لاء وڏي انگ ۾ قابلير رکڻ واريون هيون.مائيڪل نجيلو جي فن جا ڪيترائي نمونا ٽيم.ورڪ جو نتيجو هئا.ان حوالي کان اسيين چيپل جي ڇت مثال ڏئي سگهجي ٿو.ڪيترائي ئي عظيم.تصور مختلف گروهن جي مختلف قسم جي تجربن جي روشني ۾ اڀرن ۽ ٺھن ٿا.
ڇهين غلط فهمي.
هر منفرد خيال کان ڪيفيت جو رستو نڪري ٿو ۽ وڌ کان وڌ منفرد خيال سان ڪاميابي کي سو سيڪڙو يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
حقيقت ۾ رين اسٽارمنگ (ذھن جي پيالي ۾ طوفان کنيون)يعني وڌ کان وڌ خيالن جي باري ۾ سوڇڻ سان تخليقي عمل کي سگه ملي ٿي.مگر سموري تخليقي عمل جو سهارو برين اسٽارمنگ کي نٿو ڏئي سگهجي.
ستين غلط فهمي.
تخليقي قوت جي ڪارڪردگي جو ڪارڻ سگه ۽ تحريڪ جي وسيلي وڌائي سگهجي ٿي.
حقيقت ۾.مطالعي.مشاهدي ۽ تحقيق کان اها ڳاله ثابت ٿي ڇڪي آھي ته غير معمولي خواهش ۽ تحريڪ کان تخليقي صلاحيتون وڌڻ جي بجاء گهٽجي وڃن ٿيون.
اٺين غلط فهمي-
عظيم.تصور انهن شين جي تصور کان اچڻ ٿا.جيڪي مڪمل هڪجڙائپ سان ڪم ڪري رهيا هجن.گڏ ئي گڏ اهو به شرط آھي ته انهن سڀني کي تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.
حقيقت ۾ مشاهدي ۽ تحقيق کان اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته هر اعتبار کان منظم برابر ٽيمون مڪمل هججهڙائپ سان گڏ ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ تخليقي عمل کي وڌ کان وڌ 25 سيڪڙو جي حد تائين بهتر بڻائين ٿيون.
نائين غلط فهمي.
تخليقي قوت کي حآصل ڪرڻ جي لاء اهڙي آزادي گهربل هوندي آھي .جنهن جي رستي ۾ ڪٿي ڪا رڪاوٽ نه هجي ۽ اهو ته ڪنهن ريت جي پابندي پڻ حقيقي عمل کي گهٽو ڏئي ڇڏي ٿي.
حقيقت ۾ تخليق کان اندازو ٿيئي ٿو ته فطري هجي يا هٿرادو .هڪ اڌ پابندين کان تخليقي قوت کي سگه ملڻ جو موقعو ملي.ان جو نهاير ئي چٽو مثال 1219ع جو ميوزيڪل اسڪيل آھي.جيڪو موسيقي جي حوالي کان عظيم ترين انقلاب جو دشمن بڻيو.
ڏھين غلط فهمي.
ان کي سگه به ڏياري هجي.دنيا ان ڏانهن نوڙندي .قبول ڪندي ۽ اکين جي ڀنبڙين تي ويهاريندي.
حقيقت ۾َڪافي ماڻھن کي ڪنهن به خيال .نظريي يا فلسفي ۾ افاديت ڳولڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون .حقيقت ۾ شروعات کان ئي تصورن ۽ خيالن کي رد ڪيو وڃي ٿو.
هينئر سوال اهو آھي ته اوهان کي بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ کان ڪهڙي شيء روڪي رکيو آھي.ڪهڙي غلط فهمي آھي.جيڪا اوهان جي پيرن جي زنجير بڻجي ڪري رهجي وئي آھي.هارپرڊ بزنس اسڪول جي پروفيسر ٿريزالائي جو چوڻ آھي ته تخليقي قوت جي صلاحيت تي چار مامرا اثر انداز ٿين ٿا.
*شعبي جي باري ۾ قابليتون.
*تخليقيت يا تخليقي عمل جي باري ۾ مرحلا.
*لاڳاپيل فرد يا فردن جو معاشرتي ماحول.
انهن چئني مامرن ۾ صرف معاشرتي ماحول.جيڪو لاڳاپيل فرد يا فردن جي وجود کان ٻاهر جي شيء آھي باقي سڀ ڪجه انسان جي اندر ئي هوندو آھي.
ڪنهن به مامري ۾ تخليقي صلاحيت يا لاڙي جو لائق هئڻ خاص مشڪل ڪم آھي.تخليقي صلاحيت جي لائق هئڻ جو مطلب اهو آھي ته اوهان کي ٻين کان هٽي ڪري وڌيڪ حقيقت ۽ ڪشادگي سان گڏ ڪم ڪرڻو آھي.جڏھن به ڪا تخليقي قوت اڀري ٿي بيشڪ اها.اندر کان ئي مزاحمت جي روپ ۾ اڀري ٿي ۽ اها مزاحمت ان ڪري اڀري ٿي ته سڀئي پنهنجي پنهنجي ڪمفرٽ زون ۾َ زندگي گهاريندا رهن ٿا ۽ معمول کان هٽي ڪري ڪو به ڪم ڪرڻ آسان ناهي هوندو.هر انسان جي ڪوشش اهائي هوندي آھي ته ان جي معمول ۾ ڪجه خاص فرق واقعي نه ٿيئي ۽ زندگي ۾ چٽو فرق ڏيک ڏيئي.اها خواهش ۽ ڪوشش فطرت جي اصولن جي انڪاريت آھي.جنهن کي رزق پيدا ڪرڻو هجي ان کي لازمي طور تي پنهنجي معمول ۾ تبديلي آڻڻي پوي ٿي ۽ گهڻو ڪجه ڪرڻو پوي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو