پاڪستان جو تعليمي نظام ۽ ان جا مسئلا

پاڪستان جو تعليمي نظام ۽ ان جا مسئلا

طفيل مگسي
تعليمي نظام ڪنهن به ملڪ جي لاء ريڙھ جي هڏيء جهڙي حيثيت رکندو آھي.ڪنهن به ملڪ جي خوشحالي وترقي جو اندازو هن ڳاله کان احسن نموني سان لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ملڪ پنهنجي تعليمي نظام ۾ ڪنهن حد تائين جديد ٽيڪنالوجي ڪورس ۾ شامل ڪري ٿو.گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ ايجادن ۽ معلومات کان نوجوان نسل کي ڄاڻ ميسر ڪرڻ نهايت ضروري آھي ته جيئن مستقبل ۾ اهي پنهنجي ملڪ وقوم جي لاء اهم ڪردار ادا ڪري سگهن..
اڄ اسان جي پياري وطن پاڪستان جو  ڳاڻيٽو انهن پٺتي پيل ملڪن ۾ ٿيئي ٿو.جيڪي ترقي وخوشحالي جي ڊوڙ ۾ نهايت ئي پوئتي رهجي ويا آھن.(جڏھن ته ڪرپشن ۾ خاص طور تي پاڪستان دنيا ۾ نمبر ون تي آھي)پاڪستان انهن ڪجه ملڪن جي فهرست ۾ شامل آھي .جيڪي هن ڳاله کان بلڪل اڻواقف ۽ لاتعلق آھن ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ڪورس ۾ تبديلين ۽ نئين ايجادن جي باري ۾ ڄاڻ ۽ معلومات نوجوان نسل جي لاء ڪنهن حد تائين ضروري آھي.مگر ان جو هڪ افسوسناڪ ۽ درد ڀريو سبب اهو به آھي ته پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ اڄ به ڪيتريون ئي اهڙيون لاپراهيون ۽ اقربا پروريون موجود آھن ۽ جنهن جي سبب لان هتان جو تعليمي نظام ڪنهن کٽ پيل ضعيف ۽ ڪمزور انسان جيان آھي.جيڪو ڪجه به ڪري نٿو سگهي .اسان جي ملڪ جي تعليمي نظام جو اهو پڻ وڏو الميو رهيو آھي ته هتي اڄ تائين شڪور جي دور جو نصاب پڙھايو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ تاريخ هن ڳاله جي شاهد آھي ته جيڪي ملڪ پنهنجين حالتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن.تاريخ ۾ انهن جو نانء و نشان ئي نٿو رهي.حقدقت ۾ ٿيڻ ائين گهرجي ته تعليمي ڪورس ۾ تبديليون سالياني بنياد تي ڪيون وڃن ته جيئن نئين معلومات جي ميسري نوجوان نسل جي ڄاڻ ۽ شعور جي بيداري ۾ اهم رول ادا ڪري سگهن.
پاڪستان جي تعليمي نظام پيش ايندڙ مسلئن جي فوري حل جي لاء ڪجه نيڪ نيتي سان قدم کڻڻ گهرجن.مثلا نمين ڪورس کي شامل ڪرڻ سان گڏوگڏ پراڻي ڪورس جي نئين سر کان جانچ پڙتال ۽ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال وڻ ضروري آھي۽ گڏوگڏ تعليم سان لڳاپيل عملي جي تربيت ۽ نگراني جي به سخت ضرورت آھي.
اڪثر ڪري شاگردن لي روٽ ميمورائزيشن جي وسيلي سبق سيکاريو وڃي ٿو.جنهن ڪري شاگرد نظرياتي ڄاڻ ۽ ان کي عملي طور تي استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا.
مقصد ته پاڪستان ڀلي چاهي ڪيتريون ئي ڪوششون ڪري .ليڪن اهو ان وقت تائين ترقي و خوشحالي جي راه تي راهي نٿو ٿي سگهي.جيستائين هن جي تعليمي نظام ۾ بهتري نٿي آندي وڃي؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو