اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف يوم القدس تي قوم کي ملڪ گير احتجاج جي اپيل ڪندي چيو آهي ته سويڊن سانحي تي پوري امت مسلمه پريشان آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اي منهنجا هم وطنو! جڏهن قرآن جي ڳالهه ڪجي ته قوم هڪ آهي، سويڊن سانحي تي پوري امت مسلمه پريشان آهي.وزيراعظم چيو ته اڄ جمعي جي نماز کانپوءِ بدقسمت شخص جي هٿان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي دلخراش واقعي تي پنهنجي جذبات ۽ جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ اڄ يوم القدس جي عنوان سان ملڪ گير احتجاج ڪنداسين. پاڪستاني مسلمانن جا سمورا طبقا قرآن پاڪ جو جهنڊو بلند ڪري پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا.شهباز شريف چيو ته قرآن اسان جي دل ۾ آهي ۽ قرآن اسان جي لاءِ نه رڳو تلاوت آهي پر زندگي گذارڻ جو طريقو آهي.










