واٽس ايپ جو هڪ نئون فيچر متعارف

واٽس ايپ جو هڪ نئون فيچر متعارف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ نوان فيچر متعارف ڪرائڻ جاري رکي ٿو.ميٽا جي ملڪيت واري ميسيجنگ ايپ تازو ئي ڪيترائي ٻيا فيچر متعارف ڪرايا آهن جن ۾ پيغامن جي ايڊيٽنگ، چيٽ لاڪ ۽ چينلز شامل آهن.هاڻي واٽس ايپ ۾ هڪ نئون فيچر شامل ڪيو پيو وڃي جيڪو اڳ هن ميسيجنگ پليٽ فارم تي موجود نه هو ۽ صارفين ان کي تمام گهڻو پسند ڪندا.وڊيو ميسيجنگ فيچر واٽس ايپ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي هن فيچر تحت صارف 60 سيڪنڊن جي مختصر وڊيو رڪارڊ ڪري پنهنجي دوستن کي پيغام جي طور تي موڪلي سگهندا، جيئن آڊيو پيغام موڪلڻ وانگر آهي ويب بيٽا انفو جي هڪ رپورٽ موجب وڊيو ميسيجنگ فيچر واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ آئي او ايس ۽ اينڊرائيڊ لاءِ موجود آهي.هي نئون فيچر آئي او ايس بيٽا ورزن 23.6.0.73 ۽ اينڊرائيڊ بيٽا ورزن 2.23.8.19 ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.رپورٽ موجب وڊيو پيغامن کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن ذريعي محفوظ ڪيو ويندو، مطلب ته موڪليندڙ ۽ وصول ڪندڙ کان سواءِ ٻيو ڪو به وڊيو پيغام تائين رسائي نه ڪري سگهندو.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وڊيو پيغام کي فارورڊ نه ڪيو ويندو پر اسڪرين رڪارڊنگ ذريعي فون ۾ محفوظ ڪرڻ ممڪن هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو