چنڊ تي لهڻ وارو ڀارت جو خواب وري چڪنا چُور

نئين دلي (ڊيسڪ نيوز) چنڊ تي لهڻ واري ڀارت جي ڪوشش ٻيو ڀيرو به ناڪام ٿي وئي، چنڊ تي لينڊنگ کان ستت پوءِ ئي خلائي مشن سان رابطو ڪٽجي ويو. انهيءَ صورتحال کان مايوس ٿي نريندر مودي خلائي مرڪز مان خاموشيءَ سان هليو ويو. ابتدائي رپورٽن مطابق ڀارت پاران چنڊ ڏانهن اماڻيل ”چندريان ٽو“ جيئن ئي چنڊ تي لينڊنگ ڪئي ته ڀارتي خلائي اداري جو رابطو خلائي مشن سان ڪٽجي ويو. ڀارتي خلائي اداري جي سربراهه انهيءَ معاملي متعلق چيو آهي ته ”وڪرم لينڊر“ معمول مطابق مشن تي هيو پر انهيءَ خلائي گاڏيءَ سان اسانجو رابطو ان وقت ختم ٿي ويو جنهن وقت فاصلو صرف 2.1 ڪلوميٽر باقي بچيو هو. رپورٽن مطابق ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي خلائي مشن جي چنڊ تي لينڊنگ جا منظر ڏسڻ لاءِ خلائي اداري جي مرڪزي آفيس پهتو هيو. جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته خلائي مشن سان رابطو ختم ٿي ويو آهي ته نريندر مودي مايوس ٿي خلائي مرڪز مان هليو ويو. برطانيه جي نشرياتي اداري بي بي سيءَ پاران ڏنل خبر مطابق ”ڀارت جو چنڊ ڏانهن اماڻيل مشن بظاهر ناڪام ٿي ويو آهي. ڀارت چنڊ جي ڏاکڻين قطب تي لينڊنگ ڪندڙ پهرين ملڪ وارو اعزاز حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هيو. ان کان پهريان ڀارت طرفان 2008 ۾ اماڻيل خلائي مشن به ناڪام ٿيو هو. جڏهن ته آمريڪا، روس ۽ چين چنڊ تي ڪامياب لينڊنگ ڪرڻ وارا ملڪ آهن“. ٻئي طرف اهڙي خبر ملڻ بعد پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ ڀارتي حڪومت لاءِ طنزيه جملا چيا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ٽوئٽر“ تي جاري ڪيل پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي وزير فواد چوڌريءَ چيو آهي ته ”مودي سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن بابت ليڪچر اهڙيءَ ريت ڏيندو رهيو آهي ڄڻ ته هو ڪوئي خلاباز هجي. پنهنجي ملڪ جي غريب عوام جا 9 سو ڪروڙ روپيا ضايع ڪرڻ تي ڀارتي لوڪ سڀا کي موديءَ کان پڇاڻو ڪرڻ گھرجي“. وفاقي وزير اهو پڻ چيو آهي ته ڀارتي ٽرولر مونکي ڌمڪيون ايئن ڏئي رهيا آهن ڄڻ ڀارت جي چنڊ واري مشن کي مون ناڪام ڪيو هجي. انهن نالائقن کي ڇا اسان چيو هو ته 900 ڪروڙ روپيا لڳائين؟ هاڻي کين صبر ڪري، ننڊ ڪرڻ گھرجي. فواد چوڌريءَ اهو پڻ چيو آهي ته جيڪو ڪم نه ايندو هجي ان سان کئونس نه ڪرڻ گھرجي. چنڊ بجاءِ ڀارتي رانديڪو ممبئيءَ ۾ لهي پيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ڀارت جي چنڊ تي ويل مشن جي ناڪام ٿيڻ تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئٽر وسيلي ڏنل طنزيه ردعمل ۾ جنرل آصف غفور چيو آهي ته ”هاڻي ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏيندا؟ پابندين ۾ جڪڙيل والاريل ڪشمير جي معصوم عوام کي؟ ڀارت جي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي؟ ڀارت ۾ هندوتوا خلاف آواز اٿاريندڙ باشعور آوازن کي يا وري آءِ ايس آءِ کي؟؟“ آصف غفور اهو پڻ لکيو آهي ته ”هندوتوا توهان کي ڪٿان جو به رهڻ نه ڏيندي. ان ڪري چنڊ کي اڪيلو ڇڏي ڏيو“.

پهنجو تبصرو موڪليو