لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي مچين جي سيريز جي شيڊول ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ سيريز جي شيڊول ۾ معمولي ڦيرڦار ڪئي آهي، شيڊول ۾ تبديلي ٻنهي بورڊن جي گڏيل راضپي سان ڪئي وئي آهي.هاڻي پاڪستان افغانستان ٽي ٽوئنٽي سيريز 24 هين مارچ کان شروع ٿيندي، ٻي ميچ 26 ۽ ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ 27 هين مارچ تي شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.ان کان پهريان ميچون 25، 27 ۽ 29 هين مارچ تي شيڊول هيون.افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته سيريز جي شيدول ۾ ڦيرڦار هاڪ آءِ ٽيڪنالوجي نه هئڻ سبب ڪئي آهي.










