9 سالن جي ڇوڪرين کي ڪينسر کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائبي

9 سالن جي ڇوڪرين کي ڪينسر کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائبي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته صوبي ۾ 9 سالن جي ڇوڪرين کي سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي ويڪسين لڳائڻ جو منصوبو آهي.ھن ڳالهائيندي چيو ته خانگي شعبي وٽ سروائيڪل ڪينسر جي ويڪسين ناهي، هر ملڪ ۾ 9 سالن کان مٿي عمر جي ڇوڪرين لاءِ سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ لاءِ ويڪسين موجود آهي.هن چيو ته اهي تعليم کاتي سان گڏجي هڪ منصوبو ٺاهي رهيا آهن ته نئين سيشن ۾ ايندڙ 9 سالن جي ڇوڪرين کي ويڪسين ڏني ويندي. سروائيڪل ڪينسر جي ويڪسين جو هڪ دوز ڪافي آهي. ڊبليو ايڇ او پڻ تصديق ڪئي آهي ته 15 سالن کان مٿي عمر جي ڇوڪرين کي به ويڪسين لڳائي سگهجي ٿي.ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ وبا جي حوالي سان اڳواٽ تياريون ڪيون ويون آهن. اسان وٽ ٽائيفائيڊ ۽ ٻين وبائي مرضن لاءِ دوائون وافر مقدار ۾ موجود آهن. ضلعي سطح تي دوائن جو اسٽاڪ پهچي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو