13 منٽن ۾ موبائل چارج ڪندڙ چارجر

شنگهائي(م ڊ) سمارٽ فونز جو استعمال وڌي وڃڻ سبب سڀني جو مسئلو بيٽري جو آهي ته اها هرڪلاڪ ٻن بعد چارج ڪرڻي پوي ٿي جيڪو ظاهر آهي ته ڪنهن کي به پسند ناهي هوندو. ٻيو ته سنڌ جهڙن علائقن جتي بجلي جو آزار آهي انهن لاءِ خوشخبري آهي ته هاڻي اوهان پنهنجي موبائل ڪجههچند منٽن م چارج ڪري سگهندا. ڇو ته 120 واٽ فاسٽ چارجنگ ٽيڪنالاجي متعارف ٿيڻ واري آهي، چيني ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته هو 26 جون تي شنگهائي ۾ شيڊول موبائل ورلڊ ڪانگريس ۾ اها تيز ترين چارجنگ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندي. جنهن سان 4000 ايم اي ايڇ بيٽري کي صرف 13 منٽن ۾ مڪمل چارج ڪرڻ ممڪن هوندو، جڏهن ته 5 منٽن ۾ 50 سيڪڙو چارج ٿي سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو