طفیل مگسي
هاڻي اها راء سچ ثابت ٿي چڪي آھي ته ٻارڙن کي مڪمل طور تي گهر ۾ ئي تعليم ڏيڻ کپي.لاڪ ۽ روسو جهڙن چوٽيء جي فلسفين پنهنجن ڪتابن ۾ ان نقط نظر جي حمايت ڪئي هئي ۽ سڪندر اعظم .بني بال.ايستائين ته مشھور برطانوي مفڪرجان اسٽورٽ مل جي تعليم پڻ گهر ۾ ئي ٿي هئي.ڳاله هيء آھي ته ان قسم جي تعليم صرف اميرن جي لاء ئي ممڪن آھي ۽ محض ان حوالي سان اسان کي ان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ضرورت ناهي.جيتوڻيڪ اهو مسئلو جائز طور تي بحث جو گهرجائو آھي ته گهر ۽ اسڪول ۾ ڪهڙو رشتو هئڻ کپي ۽ هي ته ٻارٽن کي ڪهڙي عمر ۾ اسڪول وڃڻ کپي.يورپ جي اڪثر ملڪن ان راء کي تسيلم ڪيو آھي ته محنت ڪشن جي اڪثر ٻارڙن کي ڇهن کان چوڏھن سالن جي عمر تائين اسڪول وڃڻ کپي.ان طبقي جي وڌيڪ قابل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي وظيفا ڏئي ڪري ان عمر کانپوء به تعليم جاري رکڻ جي اجازت ڏني ويندي آھي.جيستائين امير والدين جو تعلق آھي انهن جا پٽ يا ڌيئرون خير ڪافي عرصي تائين وڃن به ٿا.ان جي باري ۾ اتفاق واري راء موجود ناهي ته عمومي تعليم کي ڪنهن عمر جي حد تائين جاري رکڻ پسنديده آھي.
انهيء ريت اهو مامرو به طئي ٿيل نآھي ته ٻارڙن جي تعليم جي لاء عام اسڪول بهتر آھن يا رهائشي اسڪول.لڳي ٿو ته اها هڪ عام راء بڻجي چڪي آھي ته جنهن شيء کي اسان سٺو گهر سڏيون ٿا يا چئون ٿا اهو بورڊنگ اسڪول کان بهتر آھي.گڏ ئي اسان اهو به سمجهون ٿا ته گهرن جو هڪ بنا مقرر اهڙو به آھيجن کي اسان سٺا گهر نٿا چئي سگهون.منهنجي خيال ۾ اهو هڪ مشڪل مسئلو آھي.ڇوته ان جي مختلف پاسن تي ٺوس دليل موجود آھن.اصل ۾ ان مسئلي جا ٻه حصا آھن.پهريون اهو ته ٻار کي ڪهڙي عمر ۾ اسڪول وڃڻ کپي ۽ ٻيو اهو ته ان اسڪول.کي عام اسڪول.هئڻ کپي يا رياستي اسڪول.اچو ته اسان واري واري سان انهن سوالن تي ويچار ڪيون.
اسڪول.وڃڻ جي عمر جي شروعات ڪڏھن ٿيئي؟
ٻار کي ڪهڙي عمر ۾ اسڪول وڃڻ کپي.؟ان جي جواب جو دارومدار لازمي طور تي گهر تي ٿيڻ کپي.ان جو مطلب گهر جي جغرافيائي نمونو ناهي بلڪ ان جو مطلب اخلاقي يا نفسياتي آھي.مثلا جيڪڏھن ڪو ٻار ڳوٺ ۾ رهي ٿو ته رسمي تعليم جي لاء ضروري هئڻ واري عمر کان اڳ هو پنهنجو وقت خوشي سان ۽ فائدي سان راند روند ۾ جانورن جو مشاهدو ڪرڻ .بنه جي تياري کي ڏسڻ .فصل لڻڻ.انهن کي صاف ڪرڻ ۽ ھر ڪاهڻَ۾ ڪري سگهي ٿو.شھري ٻار جي لاء مامرو بلڪل مختلف آھيجنهن ۾ پيء ماء سوڙھن ۽ اونداهن گهرن ۾ رهن ٿا.ان ڪري اسڪول.آزادي وارين فضائن ۾ وڃڻ جو نالو آھي.جتي هن کي چرپر جي.گوڙ ڪرڻ جي ۽ دوست ٺاهڻ جي آزادي ميسر آهي. بهرحال مون کي طبي ڌنڌي سان لاڳاپيل اهڙن ماڻھن سان ملڻ جلڻ جو موقعو مليو آھي.جيڪي ان جي لاء نرسري اسڪولن جي مخالفت ڪن ٿا ۽ انهن جي ويجهو هر اسڪول کي محض اهڙي جاء تي هئڻ کپي جتي مقرر سبق پڙھايا وڃن ٿا.مناسب قسم جي نرسري اسڪول ۾ پڙھائڻ جو ڪم صرف انهيء قدر هئڻ گهرجي جيترو ته ٻارڙن وندرائڻ ۽ انهن کي ڌيان رکڻ جي لاء ضروري هجي.جيتوڻيڪ ٻارڙن تي وزن وجهڻ جي بجاء نرسري اسڪول کي کپي ته اهو ٻارڙن لي ان اجائي نگراني ۽ مداخلت کان ڇوٽڪارو ڏياري جيڪا ننڍڙن شهرن ۾ گهٽ وڌ نا ممڪن نه هوندي آھي.
غريب والدين جي شھري ٻارڙن جون ڪو وقت اهڙيون جسماني ۽ نفسياتي ضرورتون هونديون آھن جن کي گهر تي پورو نٿو ڪري سگهجي.انهن منجهان پهرين ضرورت ته روشني ۽ ھواء جي آھي.تعليم جي هڪ ماهر عورت مارگريٽ ميڪمل جو مشاهدو آھي ته هن جي نرسري اسڪول ۾ داخلا وٺڻ وارا ڪافي ٻار جڏھن پهرين آيا هئا ته سوڪهڙي جي بيماري جو شڪار هئا .ليڪن کليل هواء ۾ رهڻ سان انهن جي اها بيماري ويندي رهي.
ٻي ضرورت جو تعلق مناسب خوراڪ سان آھي.ان قسم جي خوراڪ گهڻي مهانگي ناهي هوندي ۽ اسان چئي سگهون ٿا ته اها گهر ۾ ئي ميسر ڪري سگهجي ٿي.جنهن ڳاله مناسب خوراڪ جي حاصلات کي مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي اهو اڻڄاڻائي ۽ کائڻ پيئڻ جي مامري ۾ جو رواج آھي.
ٽين ضرورت ڪشادي فضا آھي جنهن ۾ ٻار کيڏي سگهن.نهايت غريب ماڻھن جي ٻارن کي ان قسم جي جڳه گهٽين ۾ ملي ٿي.جڏھن ته ٻين کي ائين ڪرڻ جي هوندي آھي.بهرحال گهٽيون کيڏڻ جي لاء بهترين جڳهون ته قطعي ناهن.
چوٿين ضرورت گوڙ ڪرڻ جي آھي.ٻارڙن کي گوڙ ڪرڻ کان روڪڻ زيادتي آھي.ليڪن اهو به آھي ته جيڪڏھن ڪنهن گهر ۾ ڪافي ٻار گڏجي ڪري گوڙ ڪرڻ شروع ڪن ته وڏن جي لاء اهو گهر دوزخ ئي بڻجي وڃي ٿو.ٻارڙن جي پنجين ضرورت هڪ جيترن سان ميڪ ميلاپ جي آھي.اها ضرورت ٻار عمر جي ٻيئي سال جي خاتمي جي ويجهو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.پوء اها ضرورت تيزي سان وڌڻ لڳي ٿي۔
پنجين ضرورت والدين جو ڌيان ۽ دلچسپي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آھي.انير ماڻھن جي ٻارڙن کي ان جي وڌيڪ ضرورت محسوس ٿيندي آھي.غريبن جو مامرو مختلف آھي.غريب والدين کي محنت مزدوري کان ايتري واندڪائي نٿي ملي ته اهي هر وقت ٻارن جي نگهباني ڪري سگهن.
ڇهين ضرورت اهڙو ماحول آھي.جنهن ۾ ٻار جي دل وندرائڻ جي لاء مناسب سامان موجود هجي ۽ گڏ ئي گڏ ان ماحول کي مصنوعي طور تي محفوظ به بڻايو ويو هجي .مثلا ان ۾ پٿر جون ڏاڪڻيون.چهنباري ڪنڊون ۽ قيمتي نازڪ شيون موجود نه هجن.جن ٻارن جي ڇهن سالن جي عمر تائين اهي ضرورتون پوريون نه ٿي سگهن اهي عام طور تي بيمار .بنا حوصلي وارا ۽ بي آرام رهن ٿا.
وڏن شھرن ۾ ننڍڙن ٻارن جي سارسنڀال جي مسئلي تي جديد حڪومتن اڃا تائين مناسب ڌيان ناهي ڏنو.ان مامري ۾ صرف وي آنا جي ميونسپلٽي جو مامرو مختلف آھي.وڏي حد تائين ان مسئلي جو تعلق تعمير جي فن سان آھي.هئڻاهو کپي ته شھرن ۾َاڪثر غريب ماڻھن جي علائقن ۾ رهڻ جا ڪمرا هڪ کليل اڱڻ جي ٽن طرفن ۾ ٺاهيا وڃن ۽ ڏکڻ جي کليل جڳه کي اس جي لاء ڇڏيو وڃي.مرڪزي جڳه ٻارن جي لاء خاص هئڻ گهرجي جيڪصا اتي وڏن جي نگراني ۾ کيڏڻ جي لاء ڏيو ۽ کاڌو کائين ۽ سمهڻ جي لاء والدين وٽ واپس هليا وڃن.ان سان هڪ پاسي ته مائرن کي سڪون ملندو ۽ ٻارڙن کي تمام گهڻو فائدو به ملندو.باوجود ان جي اسان جي مپجوده صورتحال اها آھي ته اسان الڳ گهرن ۾ رهڻ چاهيون ٿا.اسان جي اهائي خواهش تعمير جي فن تي به اثرانداز ٿيئي ٿي.
منهنجي خيال ۾ ھي ڳاله لازمي فرض ڪري سگهجي ٿي ته امير ماڻھو پنهنجن ٻارڙن کي ان قسم جي گڏيل راند جي ميدانن وارين خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندا.باوجود ان جي غريب ماڻھن جي ٻارڙن جيان اميرن جي ٻارڙن کي به ڏينهن جو ڪافي حصو آزادي جي فضائن ۾ گهارڻ جي ضرورت هوندي آھي.ڪو شھري گهر چاهي ڪيترو ئي شاندار ڇو نه هجي اهو ٻارڙن جي صحتمند ذھني ۽ جسماني پرورش جي لاء گهربل سامان ميسر نتو ڪري سگهي.وڏيون وڏيون فيسون ادا ڪري سماجي فرق کي جيتوڻيڪ برقرار رکي سگهجي ٿو .باوجود ان جي هر سماجي طبقي جي لاء ڪنهن نه ڪنهن قسم جو نرسري اسڪول ضرور هئڻ گهرجي.
هينئر تائين اسان هن ڳاله تي ويچار ڪندا آيا آھيون جنهن کي اسڪول وڃڻ کان اڳ جو سال سڏيو ويندو آھي.جيئن جيئن ٻار وڏا ٿيندا آھن.بورڊنگ اسڪولن جي حق ۾ دليل به مضبوط ٿيندا وڃن ٿا.مضبوط دليل ته اهو آھي ته بورڊنگ اسڪول ٻھراڙي وارن علائقن ۾ ته قائم ٿي سگهن ٿا.جتي انهن کي بهترين ماحول ميسر ٿيئي ٿو.ان جي ڀيٽ ۾ عام اسڪول ته شھرن جي اندر ئي قائم ٿي سگهن ٿا.هڪ ٻيو دليل جيڪو تمام سهي به بلڪ اڪثر صورتن ۾ صادق اچي ٿي اها آھي ته گهر جيتوڻيڪ اهشي جڳه آھي جنهن ۾ ٻار جي عضوون تي دٻاء پوڻ جو ڊپ هوندو آھي.مثلا ممڪن آھي ته والدين پاڻ ۾ جهيڙو جهٽو ڪندا هجن.ماء گهڻي نرم هجي.پيء سخت هجي يا پوء وڌيڪ پيارو ڀاء يا ڀيڻ ھجيجيڪي ٻين ٻارن جي لاء ساڙ جو ڪارڻ بڻجندا هجن.ماء پيء منجهان ڪو هڪ وڌيڪ مهربان ٿي سگهي ٿو.خير ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان گهر اڪثر پقت وڌيڪ ئي جذباتي جڳه هوندي آھي.ان ڪي مقابلي ۾ ٻارڙن سڪون ڀري ۽ خاموش زندگي جي ضرورت هوندي آھي.يعني اهڙي زندگي جنهن ۾ خوشيون ۽ سرگرميون ته هجن.ليڪن شديد قسم جا جذبا گهٽ هجن.انهن ڳالهين جي برخلاف منهنجي خيال ۾ اسان کي لازمي هي به تسيلم ڪرڻ کپي ته ٻار جي لاء ماء پيء جي ڪنهن حد تان ڏاهپ واري محبت سٺي هوندي آھي ۽ انسان هئڻ جي حيثيت کان ان جي قدر وقيمت جو احساس ڏداري ٿي.انهن ٻنهي نختلف ڳالهين جي وچ ۾ قائم ڪرڻ آسان ناهي.۔
اسڪول ۽ گهر جي فرق جو مسئلو اهڙو ناهي ته ان تي انداز ۾ بحث ڪرڻ آسان هجي.ڳاله اها آھي ته جيڪڏھن اسان مثالي گهرن جي ڀيٽ حقيقي اسڪولن سان ڪريون ته ٻيئي پاسي ڏانهن پڙ جهڪي پوي ٿو.خير منهنجي پنهنجي ذھن ۾ ان باري ۾ ڪو شڪ ناهي ته مثالي اسڪول مثالي گهر کان بهتر هوندو آھي.گهٽ ۾ گهٽ مثالي شھري گهر کان ته اهو ضرور ئي بهتر هوندو آھي ڇوته ان ۾ وڌيڪ روشني.هواء .گهمڻ ڦرڻ جي آزادي ۽ ساٿين جي وڌيڪ دوستي ميسر ٿيئي ٿي.ان هوندي منهنجي هن ڳاله کان اهو نتيجو نه ٿيندو حقيقي اسجول به حقيقي گهر کان بهتر هوندو آھي.والدين جي اڪثريت پنهنجن ٻارڙن سان محبت ڪري ٿي ۽ اها محبت پيء ماء جي طرف کان ٻارڙن پهچائڻ وارن نقصانن جون حدون طئي ڪري ٿي.ان هوندي تعليمي حاڪمن کي ٻارڙن سان پيار ناهي هوندو.ها وڌ کان وڌ اهو ٿي سگهي ٿو ته اهي قومي جذبي سان ٽمٽار هجن.ليڪن ان جذبي جو نشانو صرف ٻار ناهن هوندا بلڪ سڄي قوم هوندي آھي.
اڄ جي زماني ۾ گهر نوجوانن جي ذھنيت جي جوڙجڪ ۾ خاص ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ اهو ڪردار کي جيتوڻيڪ مڪمل طور تي سٺو ناهي.ليڪن ان ڪردار کان بهتر ضرور آھي جيڪو رياست ان وقت ادا ڪندي آھي جڏھن سڀ ٻارڙا ان جي انڊر ۾ ھجن ها.گهر ٻارڙن کي پيار محبت جو تجربو ڏيئي ٿو ۽ گڏئي اهڙي ڪوڙي جماعت جو تجربو به ميسر ڪري ٿو.جنهن ۾ ٻار کي اهميت حاصل هوندي آھي.
ان ريت گهر ٻار کي ۽ وڏي عمر جي فردن کي بالغ زندگي جي مصروفيات جي تجربي کان به روشناس ڪرائي ٿو.ان لحاظ کان گهر اسڪول جي مصنوعي سادگي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ فائديمند ثابت ٿيئي ٿو.
گهر جي هڪ ٻي خوبي اها آھي ته اهو فردن جي وچ ۾ کي برقرار رکي ٿو.جيڪڏھن اسان سڀني جا ناء هڪجهڙا هجن ها ته پوء شايد حاڪمن جي لاء ۽ انگ اکر گڏ ڪرڻ وارن جي دلچسپ ٿيئي ها.ليڪن ان صورت ۾ زندگي ۽ غير دلچسپ هجي ها ۽ ان جي نتيجي ۾َ نهايت ئي غير ترقي پذير معاشرو وجود ۾ اچي ها.موجوده زماني ۾ گهرن جا گڏيل فرض فردن جي گڏيل فرقن ۾ وڏي حد تائين شدت پيدا ڪري ڇڏين ٿا.ان قسم جو گهڻو فرق سماجي ادتحڪام جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو.البته تعاون جي بهترين صورت جي لاء قدري فرق جو موجود هئڻ لازمي آھي.ارڪسٽرا کي ئي وٺو.ان جي لاء مختلف صلاحيتن جي ۽ خاص حدن جي اندر مختلف شوق رکڻ وارن فردن جي ضرورت هوندي آھي.جيڪڏھن سڀ ماڻھو هڪ ئي ساز وڄائڻ تي ضد ڪرڻ لڳن ته ارڪسٽرا جي موسيقي محال ٿي وڃي.سماجي تعاون جو مامرو به ائين ئي آھي.ان جي لاء شوق ۽ ميل جول ۾ ڦڙق گهربل هوندو آھي.هاڻد جيڪڏھن ٻارن کي مڪمل طور تي هڪ جهڙن اثرن جي ماتحت رکيو وڃي ته پوء ان قسم جي فرق کي نقصان پهچي ٿو.منهنجي خيال ۾ اهو افلاطون جي ان نظريي جي خلاف مضبوط دليل آھي ته سمورن ٻارڙن جي پرورش رياست جي وسيلي ٿيڻ کپي.
اسان جي موجوده دنيا ۾ خاندان کانسواء ٻيا ٻه ادارا آھن جيڪي نوجوانن سان تعلق رکن ٿا.رياست انهن منجهان هڪ آھي.جڏھن ته ٻيو ادارو مذھب ۽ چرچ آھي.برطانيه ۾ صورتحال اها شھي ته ان جي مزدورن ڪي اٽڪل ٻن حصن جي ٻارڙن جي تعليم حڪومت جي طرف کان هوندي آھي.جڏھن ته باقي هڪ حصي وارن ٻارڙن جي تعلين.مختلف مذھبي ادارن ۽ خاص ڪري انگليڪن ۽ رومن ليٿولڪ ادارن ۾ ٿيندي آھي.ان جي مقابلي ۾ خوشحال خاندانن جا ٻار اڪثر “بهترين اسڪول انگليڪن ماحول ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا.ڇوڪرين جا اڪثر“بهترين اسڪول انگليڪن يا ڪيٿولڪ آھن“مٿين يا وچولي طبقي جي تعليم ٿي مذھب جي اجاره داري وڌي رهي آھي.
مذھب ۽ حڪومت ٻنهيء جون موجوده صورتون تعليمي جي حيثيت کان ڪن خامين جون مالڪ آھن.مختصر مان هي چوڻ چاهيان ٿو ته مذھب ۽ حڪومت ٻئي ڪن اهڙن عقيدن کي قبول ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿا ته جن کي ڪو شخص قبول نٿو ڪري سگهي.انهيء ريت اهي اهڙي اخلاقيات کي مڙھڻ چاهين ٿا جيڪا ان قدر ظالماڻي آھي ته ان کي صرف اهي ئي ماڻھو قبول ڪري سگهن ٿا جن جي انساني جذبن کي مذھبي عقيدي چٿي ڇڏيو هجي۔
هينئر اسان جن ناقابل قبول عقيدن جو ذڪر ڪيو هو.ان جي وضاحت جي لاء ڪجه مثال اسان اسان پيش ڪيون ٿا.پهريون مثال ته هي وٺو ته رومن ڪيٿولڪ چرچ جو ايمان آھي ته ڪو پادري لاطيني جا ڪجه جملا ڪپه تي ڦوڪي ڪري ان کي حضرت عيسي جي گوشت ۽ رت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.برطانوي حڪومت جي دعوي آھي ته تاج برطانيه محڪوم.قومن جي لاء ھڪ نعمت آھي.چڱوجيڪڏھن هاڻي اسان اهو چاهيون ٿا ته نوجوان ان قسم جي ڳالهين ۾ يقين رکن ٿا ته پوء انهن کي بيوقوف بڻائي رکڻ ضروري آھي.گڏ ئي انهن کي ڪن پاسن ۾ پنهنجي عقلي قوتن کي استعمال ڪرڻ جو سبق به ڏيڻ کپي.
ظالماڻي اخلاقيات جا ڪجه مثال هيء آھن روس ڪيٿولڪ چرچ.ان قسم جي قانون بنائڻ جي لاء آتو آھي ته جيڪڏھن ڪا عورت ڪنهن آتشي مرد کان ڳورهاري ٿي وڃي ته ان کي مصنوعي طريقي سان. حمل جي اجازت نه هئڻ گهرجي.ان جي بجاء ويچاري عورت کي اهڙي ٻار پيدا ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ گهرجي جيڪو ھوند نفسيات جهڙي موذي مرض جو شڪار هوندو ته جيئن اهو ٻار ڏک.۽ مصيبت جا ڪجه سال هن ڌرتي تي گهارڻ کانپوء سدائين جي لاء بزرخ ۾ رهي (شرط ته ان جا پيء ماء ڪيٿولڪ نه هجن).
برطانوي رياست جي ويجهو هر انگريز جو فرض آھي ته جڏھن به پارليامينٽ ۾ گڏ ٿيڻ وارا ڪجه بزرگ حڪم ڏين ته اهو غير انگريزن جو قتل شروع ڪري ڇڏي.
اهي ڪجه مثال هن ڳاله جي وضاحت جي لاء ڪافي آھن ته رياست ۽ مذھب عقل ۽ نيڪي جا جاني دشمن آھن.
انهن حالتن ۾ تعليم تي گهر جي اثرن کي ان وقت تامين ختم.ڪرڻ خطرناڪ آھي جيستائين اسان کي اهو معلوم نٿي وڃي ته ڪهڙو ان جي جڳه وٺندو.ها جيڪڏھن مذھبي اثرن کان پاڪ عالمي رياست وجود ۾ اڇي وڃي ته پوء شايد نوجوانن جي لاء گهر جو قدر و قيمت گهٽ ٿي ويندي ۽ اها اميد ڪري سگهبي ته والدين جي اثر ورسوخ جي خاتمي کان ٻارڙن تي بهترين اثر پوندو ۽ اهي اڳ کان وڌيڪ خوش ۽ وڌيڪ ذھين ٿي ويندا.جيستائين موجوده حالتن جو تعلق آھي.سوويت يونين کانسواء ھر هنڌ ترقي مذھب رياست جي مخالف کان پوء ئي ٿيندي آھي. جيڪا شيء به انساني ذھن تي انهن ٻنهي جي کي مضبوط ڪرڻ واري هجي ان کي ڳڻتي سان ڏسڻ گهرجي.
اهو سوال ته چئبو ٻارڙن کي والدين کان الڳ ڪرڻ کپي ۽ انهن پرورش رياست جي وسيلي ٿيڻ گهرجي هڪ اهڙو مسئلو آھي ته جنهن تي نه صرف ٻارڙن بلڪ والدين جي حوالي کان غور و فڪر ٿيڻ کپي.ماء ۽ پيء جي احساس جو عورتن ۽ مردن ٻنهيء جي ڪردار تي ڳوڙھو اثر پوي ٿو.انگ اکر موجود نه هئڻ جي سبب کان اسان اهو چوڻ جي لائق ناهيون ته ان احساس کي ختم ڪري ڇڏڻ جي صورت ۾ عورتون ۽ مرد ڪنهن قسم جا انسان بڻجي ويندا. اسان اهو عمل ضرور ڪري سگهون ٿا ته اهي وڏي حد تائين بدلجي ويندا.اهو به ممڪن آھي ته ان قسم جي حالتن ۾ عورتون ٻارڙن جي گهٽ ئي خواهش محسوس ڪنديون ۽ ٻار ڄڻڻ ھڪ اجرتي ڌنڌو ٿي ويندو.جنهن کي شايد سول سروس جي هڪ شاخ جي طور تي قبول ڪيو ويندو.گڏ ئي عورت ۽ مرد جا تعلقات بهتر ۽ سطحي ٿي ويندا ۽ ڳوڙھي شاده شده محبت غالب ٿي ويندي.هن ڳاله جو به امڪان آھي ته ان صورت ۾ مرد سخت محنت کان لنوائڻ لڳندا.ڇاڪاڻ ته اڄڪله عمر جي وچولي حصي ۾ اڪثر مرد پنهنجن خاندانن جي پرورش جي لاء ئي وڌيڪ محنت ڪن ٿا.ان جو هڪ ثبوت اهو آھي ته اهي زندگي جي نتيجي جون وڏيون وڏيون رقمون ادا ڪن ٿا.ان کان چٽو ٿيئي ٿو ته مرڻ کانپوء به انهن کي پنهنجي خاندان جو فڪر رهي ٿو.اها ڳاله شڪي ئي آھي ته جيڪڏھن خاندان جو وجود نه رهي ته عام ماڻھو پوء به پنهنجي موت کانپوء ٿيڻ وارن واقعن سان ڪا دلچسپي رکندا.ان صورت ۾ ممڪن اهو آھي ته سموري معاشري تي هڪ قسم جي بيوسي ۽ معذوري ڇائنجي ويندي.،يعني ان قسم جي ڪيفيت جيئن ماکيء جي ولر جي راڻي جي مرڻ تي ماکي جي مکن تي مايوسي ڇائنجي ويندي آھي.ان باري ۾ فيصلو بهرحال تجربي جي بنياد تي ئي ٿي سگهي ٿو ۽ اڃا تائين تجربو ناهي ٿي سگهيو.
خير انهيء مسئلي جي ٻيئي پاسي تي به گهڻو ڪجه چئي سگهجي ٿو.سمورا ملڪيتي جذبا خطرناڪ هوندا آھن.ٻارڙن جي باري ۾ انهن جي والدين جا احساس به اهڙا آھن.جيڪي احساس تمام گهڻو انفرادي ۽ هڪجڙا هوندا آھن.ڪيترائي ماڻھو جيستائين ٻارڙن کان محروم هوندا آھن.گڏيل جذبي سان سرشار رهندا آھن.ليڪن جڏھن انهن جا پنهنجا ٻار ٿي ويندا آھن ته انهن جو سمورو ڌيان پنهنجي خاندان جي فلاح و بهبود تائين ئي محدود ٿي وڃي ٿو.نجي ملڪيت جو جذبو وڏي حد تائين خاندان سان آھي.ان ڪري افلاطون جي زماني کان ڪميونسٽ بيشڪ اهو سوچي رهيا آھن ته انهن جو معاشي نظام ٻارڙن کي نجي ملڪيت جي جي خاتمي جو گهرجائو آھي.اهو ممڪن آھي ته والدين جي جذبي جي تعريف جي لائق ۽ فائديمند حصي کي ڪنهن خاص اسڪول ۾ ڪنهن ريت ٻارڙن کي شفٽ ڪيو وڃي.جيڪڏھن ائين ٿي سگهي ته اهو هڪ يقيني اخلاقي سوچ ٿيندي.مان سمجهان ٿو ته پيء ماء جو جذبو ۽ ٻين جي بنا مقصد جي خدمت جو سرچشمو آھي ۽ ڪيترين ئي بي اولاد عورتن ان حقيقت کي اجاگر ڪري ڇڏيو آھي ته جيستائين ان جذبي کي عام ڪيو وڃي ته اهو ڪنهن قدر قابل قدر ٿي سگهي ٿو.جيڪڏھن ان جذبي کي ملڪيت جي لاڙي کان آزاد ڪيو وڃي ته دنيا جي رتوڇاڻ ڪنهن حد تائين گهٽ ٿي وڃي ۽ ماڻھو صرف پنهنجي اولاد يا ڪٽنب جي بهبود کي نظر جي سامهون رکڻ جي بجاء سڀني جي ڀلائي جي خواهش ڪرڻ لڳندا.بيشڪ اهو سڀ ڪجه محض آھي.باوجود اهو هڪ اهڙو مسئلو آھي جنهن کي ذھن ۾ رکڻ گهرجي.
گهر و اسڪول جي ڀيٽ جو مسئلو اهڙو آھي ان تي ڪنهن حد تائين بنيادي سوال کڻڻ بنا محض جي بنياد تي فيصلو ڏئي سگهجي ٿو.ليڪن جڏھن اسان ان حد کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته پوء انساني نفسيات کان پنهنجي اڻڄاڻائي کان پريشان ٿيون ٿا.اسان نٿا ڄاڻون ته اسان جن احساسن جو ڪنهن قدر حصو جبلتي هوندو آھي.نه ئي اسان کي اهو پتو آھي ته جيڪڏھن اسان جي جذبن جي صورت بدلجي وڃي ته ان جي شدت ڪنهن قدر برقرار رهندي.اميد ڪرڻ کپي ته سوويت يونين ڪجه عرصي کانپوء اهڙا انگ اکر ميسر ڪري سگهندو جيڪي اسان کي ان باري ۾ جيڪي انهن مسئلن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ جي قابل بڻائي سگهندا.هن وقت تائين اڪيلو سائنسي رويو اهو آھي ته اسان پنهنجو فيصلو في الحال پينڊنگ ۾ رکون.
برٹرینڈرسل جي ڪتاب ( Home Versus School) کان ترجمو.










