ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪو وڪڻندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت جي آئيني بينچ کي گٽڪي تي پابندي جي عدالتي حڪمن تي عمل درآمد ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪمن جي باوجود گٽڪو، ماوا ۽ مين پوري جي خريد و فروخت جاري آهي.عدالت درخواست جي قابل قبول هجڻ تي دليل طلب ڪيا.عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته گٽڪو وڪڻندڙن خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي.عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.










