نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڳائڻي گيوين اسٽيفني پنهنجو ڪنسرٽ منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب 54 ورهين جي گيوين اسٽيفاني کي 17 آگسٽ تي آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ ڪنسرٽ ڪرڻو هو پر ڪينسل ٿيڻ سبب هن مداحن کان معافي گهري ورتي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب گيوين اسٽيفني زخمي هجڻ يجي ڪري هن ڪنسرٽ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي هن مداحن کان معافي گهري ۽ ايندڙ پلان بابت به ٻڌايو.آمريڪي ڳائڻي پيغام ۾ لکيو ته زخمي ٿيڻ سبب ڊاڪٽرن جي مشوري کانپوءِ هوءَ 17 آگسٽ تي ائٽلانٽڪ سٽي جي اي ٽي ارينا ۾ پرفارم نه ڪري سگهندي.گيوين اسٽيفاني پيغام ۾ اهو به لکيو ته منهنجي ٽيم ڪنسرٽ کي ري شيڊول ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، ماڻهن کي اي ميل ذريعي نئين تاريخن بابت آگاهه ڪيو ويندو.










