گوگل طرفان فيچر آسڪ فوٽو جلد متعارف ڪرائڻ جو امڪان

گوگل طرفان فيچر آسڪ فوٽو جلد متعارف ڪرائڻ جو امڪان

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گوگل طرفان آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل فيچر آسڪ فوٽو جلد متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.ان فيچر جو اعلان مئي ۾ گوگل جي سالياني ڊيولپر ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيو ويو هو جيڪو آزمائشي مرحلي ۾ آهي.گوگل جيمنائي تي ٻڌل فيچر ذريعي واهپيدار فوٽو ايپ ۾ وڌيڪ بهتر طريقي سان پنهنجو پسنديدا مواد سرچ ڪري سگهندا.گوگل طرفان اِهو فيچر واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ بابت فلحال تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا پر محدود ماڻهن ۾ ان جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.هي فيچر جنريٽيو اي آءِ کي استعمال ڪري وڌيڪ تيز رفتاري سان تفصيل گڏ ڪندو ۽ تصويرن ۾ موجود شين جي سڃاڻپ به ڪري سگهندو.فيچر ذريعي واهپيدار پڇيل سوالن جا جواب به حاصل ڪري سگهندا، هي فيچر گوگل فوٽوز جي سرچ ٽيب ۾ لڪيل هوندو ۽ ان لاءِ آسڪ بٽڻ جو وڌارو ان سروس ۾ ڪيو ويندو.ان بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ تي هڪ نئون انٽر فيس نظر ايندو جنهن ۾ مختلف سوال موجود هوندا.ڪمپني طرفان مئي ۾ ٻڌايو ويو هو ته ان فيچر سان واهپيدارن لاءِ هزارين تصويرن مان ڪنهن هڪ تصوير کي ڳولڻ انهتائي سولو بڻجي ويندو، اهڙي ريت اسڪرولنگ ۾ وقت وڃائڻ جي ضرورت نه رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو