لکي غلام شاھ (رپورٽ:نثارمنگي) ٻالڪ ادبي فورم سنڌ پاران عبدو ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري اديب ۽ شاعر گوھر سنڌي سان ھڪ ادبي رھاڻ سنڌي ٻاراڻي جي جھوني شاعر مظھر اڄڻ جي صدارت ۾ ٿي گذري جنھن جا اعزازي مھمان ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالحئي ڀٽو ۽ فيض سومرو ھئا جڏھن ته ادبي رھاڻ ۾ سنڌي ٻولي جي ناليوارن اديبن ۽ شاعرن حاڪم گل، غلام محد غازي,استاد راھي ,امتياز منگي,پريمي وقار,غني غمدل,حاڪم مھر,واحد ڪلھوڙو,مھر عبيد,غلام قادر نون,جيئد علي مھر,اورنگزيب عاجز,خادم حسين,سھيل ڀيو ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي گوھر سنڌي جي 60 ھين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو بعد ۾حاڪم گل، مظھر اڄڻ,عبدالحئي ڀٽو,فيض سومرو,غلام محمد غازي,غني غمدل,استاد راھي,امتياز منگي ٻين ڳالھائيندي چيو ت سنڌي ٻاراڻي ادب کي بچائڻ ۽ وڌيڪ سگھارو بنائڻ لاء سنڌي اديبن,شاعرن ۽ استادن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ سنڌي اخبارن کي ھر ھفتي ٻاراڻا صفحا ڪڍڻ گھرجن سنڌي وڏي ادب جو بنياد سنڌي ٻاراڻو ادب آھي ھنن وڌيڪ چيو ت گوھر سنڌي سنڌي ٻاراڻي ادب جو چمڪندڙ ستارو آھي جنھن پنھنجي سڄي زندگي سنڌي ٻاراڻي ادب کي ارپي ڇڏي آھي ھن جي تخليقن ۾ سنڌي ٻارن جا ڏک ۽ درد سمايل آھن










