گوادر ۾ ڪار حادثو،هڪ ٻار سميت 7 ڄڻا فوت، 8 زخمي

گوادر ۾ ڪار حادثو،هڪ ٻار سميت 7 ڄڻا فوت، 8 زخمي

گوادر: (ويب ڊيسڪ) مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي مانيجي جي مقام تي هڪ افسوسناڪ حادثو پيش آيو.ٻن ڪارن جي ٽڪرائجڻ سان هڪ ٻار سميت ست ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ هڪ عورت سميت اٺ ماڻهو زخمي ٿي پيا. حادثو روڊ تي بيٺل هڪ خراب ٿيل گاڏي جي ڪري پيش آيو.ٻن ڪارن مان هڪ گوادر کان ڪراچي ۽ ٻي ڪراچي کان گوادر اچي رهي هئي. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي.ريسڪيو ٽيمن فوري طور تي فوت ٿيلن جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، فوت ٿيلن جي خاندانن ۽ زخمين سان رابطو ڪيو پيو وڃي. فوت ٿيلن جي خاندانن سان رابطو ڪرڻ کان پوءِ ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو