گوادر ٽيڪس فري زون قرار

گوادر (ويب ڊيسڪ)بلوچستان حڪومت گوادر ضلعي کي ٽيڪس فري زون قرار ڏئي ڇڏيو ۽ وفاقي حڪومت کي به گوادر کي ٽيڪس فري زون قرار ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. بلوچستان حڪومت چيو آهي ته گوادر ضلعي ۾ سروسز، ايڪسائز ٽيڪس ۽ ملڪيت جي منتقلي تي ڪو به ٽيڪس نه هوندو، وفاقي حڪومت گوادر ضلعي کي اسپيشل اڪنامڪ ڊسٽرڪٽ قرار ڏئي. گوادر سان واسطو رکندڙ سينيٽر ڪهده بابر ٽيڪس فري زون بابت ڪابينا گوادر کي ٽيڪس فري زون جو درجو ڏئي پراڻو مطالبو منظور ڪري ورتو، وفاقي حڪومت به وفاقي ٽيڪسز ۾ ڇوٽ ڏئي، ٽيڪس فري زون سان گوادر پورٽ فعال سيڙپڪار راغب ٿيندا. سينيٽر ڪهده بابت چيو ته پورٽ سٽي دبئي ۽ سنگاپور به ٽيڪس فري زون هئا تڏهن ترقي ٿي، گوادر ۾ انڊسٽري لڳائڻ سان ليکن ماڻهن کي روزگار ۽ فارن ايڪسچينج به ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو