ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي،گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت پڇيو ته سرجاني ٽائون مان گم ٿيل مظفر علي بابت ڇا پيش رفت ٿي آهي؟ جنهن تي گهرو کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته گم ٿيل شهري جي خاندان کي مالي مدد لاءِ سمري منظور ڪئي وئي آهي،سرڪاري وڪيل چيو ته خاندان کي مالي مدد ڏني وڃي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته اڳ توهان چئي رهيا هئا ته 2 هفتن ۾ مالي مدد ڏني ويندي، هاڻي وڌيڪ وقت ڇو گهري رهيا آهيو؟ ڇا ادارا ماڻهن جي سهولت لاءِ ٺاهيا ويا آهن يا نه؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته اهو ٻن يا ٽن کاتن جو ڪم آهي، جسٽس ظفر احمد راجپوت پڇاڻو ڪيو ته انهن کاتن ۾ ڪو به ڪم نه ٿيندو آهي، ڇا ائين آهي؟ گذريل 2 مهينن کان توهان عدالت کان وقت گهري رهيا آهيو، 15 ڏينهن جو وقت ڏيو، ٻي صورت ۾ اسان سنڌ جي اڪائونٽنٽ جنرل کي طلب ڪنداسين، عدالت سرڪاري وڪيل کان 15 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪئي، جڏهن ته سچل مان گم ٿيل فدا حسين، ظهير ۽ عباس بابت ٻڌڻي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪئي وئي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته هن درخواست ڏيندڙ سان رابطو ڇو نه ڪيو؟ 3 ماڻهو گم آهن، گاڏي جو نمبر پڻ ڏنو ويو آهي، نه ته ماڻهو مليا، نه ئي هو گاڏي ڳولي سگهيو، درخواست ڏيندڙ سان رابطو ڪريو ۽ فوري طور تي رپورٽ جمع ڪرايو، سنڌ هاءِ ڪورٽ شهري عارف جي گمشدگي بابت پيش رفت رپورٽ طلب ڪئي، جڏهن ته عدالت گم ٿيل شهري بشير، شوڪت ۽ ٻين بابت پيش رفت رپورٽ پڻ طلب ڪئي.










