‘گريز پا موسمون ڪي خوشبو’ جي مهورت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ليکڪ ۽ صحافي سينيٽر عرفان صديقي جي شاعريءَ جي ڪتاب ‘گريزپا موسمون ڪي خوشبو’ جي رونمائي جي موقعي تي مقررن سندس شاعري جي ڪم کي ساراهيو ۽ ان کي هڪ ماهر ۽ تجربيڪار شاعر جو ڪم قرار ڏنو. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي احمد شاهه بلڊنگ ۾ حسينه معين هال ۾ تقريب جي صدارت سينيئر صحافي محمود شام ڪئي. ان موقعي تي سينيئر صحافي محمود شام، ناميارو اديب ۽ شاعر عقيل عباس جعفري، ليکڪ ۽ شاعره ڊاڪٽر فاطمه حسن، مشهور ليکڪ شڪيل عادل زاده، صدر آرٽس ڪائونسل احمد شاهه، ناليواري شاعره ۽ صحافي ناصره زبيري ۽ موجود ھئا. ليکڪ ۽ شاعره ڊاڪٽر فاطمه حسن پنهنجي خطاب ۾ 22 جلدن تي مشتمل اردو ڊجيٽل ڊڪشنري جي رليز کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي وزير عرفان صديقي جي ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپي کي ساراهيو ۽ ان ڪم کي پاڪستان جي ادب جو سڀ کان وڏو خزانو قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اهو وڏو ڪم ان وقت جي صدر ممنون حسين جي خاص هدايتن تي مڪمل ڪيو ويو هو. پنهنجي مختصر تقرير ۾ صدر آرٽس ڪائونسل احمد شاهه عرفان صديقي سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪيو جڏهن عرفان صديقي وزير هو ۽ سندس تعاون کي ساراهيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪتاب جي ليکڪ عرفان صديقي ڪراچي ۾ ثقافت ۽ فن جي واڌاري لاءِ عالمي اردو ڪانفرنس ۽ ٻين اهم گڏجاڻين جهڙيون تقريبون منعقد ڪرائڻ تي احمد شاهه جي ڪوششن کي ساراهيو. عرفان صديقي چيو ته هن ڪڏهن به ڪنهن مشاعري ۾ شاعري ناهي ڪئي پر اڄ جڏهن سندس شاعريءَ جي ڪتاب جي تقريب ٿيندي ته هو پنهنجي ڪتاب مان شعر ٻڌائيندو. هن پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب ’’گریز پاموسموں کی خوشبو‘‘ مان ڪجهه چونڊ شعر پڻ پڙهيا، جن کي سامعين طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو