سکر (ن س)سنڌ جي صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان صوبي ۾ غيرقانوني ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران سامهون آيل سنگين بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي ضلعي خيرپور سان لاڳاپيل خوراڪ کاتي جي پنج آفيسرن کي فوري طور معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اها ڪارروائي ڪمشنر سکر ڊويزن طرفان پيش ڪيل تفصيلي جاچ رپورٽ جي بنياد تي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪجهه آفيسرن تي ذخيره اندوزن سان مبينا ملي ڀڳت، سرڪاري ڪارروائين بابت ڳجهي معلومات ظاهر ڪرڻ ۽ حڪومتي آپريشنن کي متاثر ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪرپشن، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ عوامي مفادن خلاف ڪنهن به قسم جي سرگرمي بابت زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪو به آفيسر يا اهلڪار پنهنجي ذميوارين کان غفلت ڪندو يا ذخيره اندوز مافيا جي سهولتڪاري ڪندو، ان خلاف بنا ڪنهن رعايت جي سخت قانوني ۽ کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي.ڪمشنر سکر جي رپورٽ موجب ڳجهن ادارن کان مليل ڄاڻ جي بنياد تي معلوم ٿيو ته خيرپور ضلعي جي علائقي ابوالوه چوڪ، گمبٽ ۾ اڳواٽ نشاندهي ڪيل ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا گذريل ٻن ڏينهن دوران مبينا طور مختلف بااثر ماڻهن جي ملڪيت يا استعمال هيٺ موجود گودامن ڏانهن منتقل ڪيا ويا ته جيئن ضلعي انتظاميا ۽ خوراڪ کاتي جي ڪارروائي کان بچي سگهجي.رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته خوراڪ کاتي جي ڪجهه اهلڪارن مبينا طور رٿيل ڇاپن ۽ ڪارروائين بابت اڳواٽ اطلاع ڪجهه واپارين تائين پهچايو، جنهن سبب انهن سرڪاري ٽيمن جي پهچڻ کان اڳ پنهنجو غيرقانوني ڪڻڪ جو ذخيرو ٻين هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب جيڪڏهن اهي الزام ثابت ٿين ٿا ته اهو نه رڳو سرڪاري اختيارن جو غلط استعمال هوندو، پر حڪومت جي ذخيره اندوزي خلاف مهم کي نقصان پهچائڻ جي برابر هوندو.رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ فوڊ انسپيڪٽر تي انٽيليجنس برانچ جي اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪجهه واپارين کي ٻڌائڻ جو به الزام آهي، جنهن سان نه رڳو حساس سرڪاري آپريشن متاثر ٿيا، پر ڪارروائي ڪندڙ اهلڪارن جي سڃاڻپ پڻ ظاهر ٿي وئي.جاچ رپورٽ موجب ضبط ڪيل ڪڻڪ کي سرڪاري گودامن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ جاري ڪارروائين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بار بار درخواستن باوجود گهربل انتظامي سهڪار فراهم نه ڪيو ويو، جنهن سبب ذخيره اندوزي خلاف مهم جي رفتار متاثر ٿي. رپورٽ ۾ اها به نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ڪجهه واپارين پنهنجا گودام بند ڪري فرار ٿي ويا، پر ان باوجود مڪمل قانوني ڪارروائي، تلاشي ۽ ضبطگي جا قدم نه کنيا ويا.صوبائي وزير خوراڪ جي هدايت تي جن آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي، انهن ۾ شفاعت بلوچ (فوڊ سپروائيزر، نارا)، نديم احمد شيخ (فوڊ سپروائيزر، گمبٽ)، خليل احمد ميمڻ (فوڊ سپروائيزر، گمبٽ)، نصير احمد ميمڻ (فوڊ سپروائيزر، گمبٽ) ۽ وحيد احمد شيخ (فوڊ انسپيڪٽر، ڪوٽڏيجي) شامل آهن. معطلي دوران انهن سڀني آفيسرن جو هيڊڪوارٽر ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ، ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن خلاف شفاف، غيرجانبدار ۽ ميرٽ تي ٻڌل کاتيوار جاچ ڪئي ويندي.مخدوم محبوب الزمان چيو ته ذخيره اندوزي خلاف هلندڙ مهم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت، ملي ڀڳت يا ڳجهي سرڪاري معلومات ظاهر ڪرڻ هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. هن سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو مڪمل ايمانداري، شفافيت ۽ پيشه ورانه ذميواري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏين.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوامي مفادن جي تحفظ، مناسب اگهن تي اٽي جي فراهمي ۽ مارڪيٽ ۾ مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙ عنصرن خلاف پنهنجو ڪريڪ ڊائون جاري رکندي، جڏهن ته ذخيره اندوزن سان گڏ انهن جي سهولتڪاري ڪندڙ سرڪاري اهلڪارن خلاف به بنا ڪنهن امتياز جي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










