ڪپھه ۽ سارين جي آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪريو

ڪپھه ۽ سارين جي آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪريو

ليکڪ قربان علي مهر
سنڌ جي زراعت سون جي کاڻ آھي زراعت ختم ٿي تہ ملڪ ۾ ڪجھ نہ بچندو آبادگارن جي حقن لاءِ اسان سان وفاق ته ظلم ڪري ٿو پر احساس اسان جي سنڌي حڪمرانن کي نٿو اچي جيڪا صدين کان چُپ جو روضو رکيو ويٺي آھي زراعت جي حقيقي مسئلي تي سنڌ جي آبادگارن سان مسئلو اڄ جو نه آھي پر اھي ايذاءُ ڪيترن سالن کان رسايا پيا وڃن. هاڻي ته ظلم جي انتها ٿي وئي آهي جو ڪپھه، سارين ۾ به هارين ۽ آبادگارن جو استحصال شروع ڪيو ويو آهي.
موجود نگران حڪومت جو ته ملڪ جي زراعت سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ خاص ڪري سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪندڙ پاليسيون ڪپھ توڙي ٻيا فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچن ٿا ته آبادگارن کي جنسن جو موجوده ريٽ نٿو ڏنو وڃي.
پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي خوشحالي ۽ سڌاري جو دارومدار زراعت تي آهي ۽ قومي آمدني جو 70 سيڪڙو زراعت مان حاصل ٿئي ٿو جڏهن ته ملڪ جا 80 سيڪڙو ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي ريت زراعت جي ڌنڌي سان سلهاڙيل آهن پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهي زرعي ملڪ ۾ هر ايندڙ حڪومت زراعت سان پنهنجي وس آهر حشر ڪيو آهي ڄڻ هارين ۽ آبادگارن سان ڪو پراڻو پلاند رهيل هجي زرعي کاتو اڳ به صوبائي حڪومتن وٽ رهيو پر 18هين ترميم کانپوءِ گھڻي حد تائين اختيار صوبن کي مليا پر اهي اختيار ملڻ باوجود سنڌ جي صوبائي حڪومت زراعت سان ساڳي روش برقرار رکي صوبائي حڪومت زرعي سڌارا ته نه آڻي سگھي آبادگارن جي ڪيتري سخت محنت آهي فصلن تي اهو ڪڏهن سوچيو به اٿوَ؟ حڪمرانن کي ڪپھ جي اشوز تي ڌيان ڏيڻ گهرجي آبادگارن جي جنسون گهٽ اگھ تي خريداري زرعي ڀاڻ جي هٿراڌو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف ڪو ته قدم کڻو ۽ نمائندگي جو ڪجهه حق ته ادا ڪيو زراعت اسانجي ملڪ جي ريڙه جي هڏي آهي انکي به تباهي جي طرف ڌڪيو پيو وڃي آخر اهو ڪيستائين جاري رهندو
جنهن سبب آبادگار پريشان آهن سنڌ جي زراعت آبادگارن سان سدائين ائين ئي ظلم ڪيو ويندو آهي جڏهن سنڌ ۾ ڪپھ، ڪڻڪ ۽ سارين جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿيندا آهن ته ٻين ملڪن مان گهرائي سنڌ جي آبادگارن کي هٿرادو تباھ ڪيو ويندو آهي اسانجو ملڪ پاڪستان زرعي ملڪ زراعت تي مشتمل آهي ملڪ جي گهڻي ڀاڱي آبادي زراعت سان سڌي يا اڻ سڌي طرح واسطو رکي ٿي چار موسمن جي ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي آبپاشي نظام جي هوندي به اسان جي زراعت ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ صفا گهٽ آهي ڪپهه جي معاملي ۾ هر سال هارين ۽ آبادگارن کي ڪُٺو ويندو آهي ۽ ٻيو وري بدقسمتي اسان وٽ هارين کي جاهل يا غير سنجيده سمجهيو ويندو آهي ته زراعت کي پٺ تي ڪرڻ ۾ حڪومت زراعت کاتي جو وزير بالا آفيسرز ۽ جعلي ڪمپنين جي مالڪن ڊيلرن جو وڏو هٿ آهي هاڻي ڳالھ هلي ٿي آبادگارن جي فصلن جي جڏهن تيار ٿي مارڪيٽ ۾ فصل کڻي ٿا اچن ته هٿ سان ريٽ ڪيرائي ڇڏين ٿا.
هن سال شروعات ۾ ڦُٽي جو مناسب ريٽ مقرر ڪيو ويو ڏھ هزار روپيا في مڻ ڦُٽي خريد ڪئي وئي پر جڏهن عام جام ڦٽي مارڪيٽ ۾ آئي ته اوچتو ئي اوچتو ڦُٽي جو ريٽ ڇهھ کان ست هزار ڪري سنڌ جي ڦُٽين جي آبادگارن کي تباھ ڪيو ويو نه صرف ڦٽيون پر سنڌ اندر جيڪو به فصل پچي تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچن ٿا ته انهن جو ريٽ هٿ سان ڪيرائي ڇڏين ڪارخانيدارن واپارين جي هڪ هٽي قائم هجڻ ڪري ڪپھ جو فصل پوکائي گذريل ٽن سالن کان لڳ ڀڳ ستر سيڪڙو گهٽ ٿي وئي آهي پر هن سال ڪپھ جي آبادگارن سان دوکو ڪيو ويو آهي ڪو به آبادگار ڦٽي جو فصل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي هاڻي ڪاٽن فيڪٽرين جا مالڪ هاڻي ڪاٽن ملن ۾ ڪپھ جي بدران پلال جون ڳٺڙيون ٺاهن آبادگارن ڪپھ جو نعم البدل وري ساريون ۽ ٻيا فصل پوکيا مگر هن سال مافيائن هٿرادو ڪپھ سارين جو ريٽ ڪيرائي سنڌ جي اندر لکين ايڪڙن تي مهانگا ڪپھ توڙي سارين جا ٻج خريد ڪري پوکيل فصلن جا مالڪ تباھ ٿيندي ڏسي رهيا آھيون يوريا جي ٻه هزار روپيا ملندڙ ٻُوري بليڪ تي ساڍا چار هزار ڪئي وئي ۽ ڊي اي پي پنج هزار واري تيرنهن هزار ۾ ۽ اسپري جون دوائن جا ڊبل ريٽ ڪري مهانگيون ڪيون ويون آهن انهيءَ سان گڏ مهنگائي جي ڪري فصلن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کان وٺي ڪارخانن تائين سمورن وسيلن ۾ مزدوري ۾ پڻ ڊبل واڌ ڪئي وئي، سَڀني کي خبر آهي ته زراعت ملڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي، جنهن کي ڪمزور ڪري توهان پنهنجي ريڙهه جي هڏي ختم ڪري رهيا آهيو زراعت کي نقصان ٿيو ته هتي موجود هارين مزدورن ۽ پورهيت طبقن جي چيلهه چٻي ٿي ويند هِي سڀ ڪجهه سراسر عوام دشمني آهي ڏٺو وڃي ته اسان جي وطن ۾ هارين کي ٻج ڀاڻ تي سبسڊي پيڪيج کين ناهن ڏنا ويندا ،ساڳئي ئي ملڪ پاڪستان جي صوبي پنجاپ ۾ حڪومت هارين کي ڪجھه موٽ پيڪيج ڏيندي آهي پر سنڌ حڪومت ڪڏهن به زراعت جي مسئلن کي ائين سنجيده ناهي ورتو اسين سمجهون ٿا حڪومتن سان گڏ زراعت جي تباهي جا اسين سڀ پاڻ به زميوار آهيون ڇاڪاڻ ته اسين پنهنجا زرعي حق گهرڻ ڇڏي ڏنا آهن ان ۾ صرف هڪ هاري جو قصور ناهي معاشري جي هر هڪ فرد جو قصور آهي ته هو زراعت کي تباھ ٿيندي ڏسي خاموش رهي ٿو ان لاء حڪومت سنڌ ۽ هر هڪ فرد کي زراعت لاءِ سٺا اپاءَ وٺڻ گهرجن ته جيئن اسان جي زراعت بهتر ٿي سنڌ جي زراعت مڪمل نڌڻڪي بڻيل آهي جنهن جو ڪو ٻڌڻ وارو ڌڻي سائين ئي ناهي. ڏٺو وڃي ته ڪنهن به ڪاروبار م ٿورو نقصان ٿئي ٿو ته ملڪ سڄو پريشان ٿئي ٿو پر زراعت مڪمل تباهه ٿي وڃي ڪنهن کي ڳڻتي ڪونهي پر افسوس ان سڄي عمل ۾ اسان جي نگران حڪومت جو ڪو ڪردار ڪونهي هن ملڪ ۾ زراعت کاتو ڄڻ حڪومت جي ڪنهن لسٽ م شامل ڪونهي پوءِ چاهي وفاقي حڪومت ھجي يا سنڌ حڪومت پر سنڌ جي زراعت سان انهن کي ڪابه دلچسپي ناهي، پر وڌيڪ افسوس ايڏي تباھي کان پوء سنڌ جو آبادگار ھاري به سڪون سان ستو پيو آهي سندس گھر لٽجي ڦرجي وڃي ٿو پر ھو دانھن ڪرڻ لاء به تيار ڪونهي پر جيستائين آبادگار ھاري ھمٿ نه ڪندو تيستائين سندس حلال ۽ محنت جي ڪمائي تي ڌاڙا جاري رھندا ۽ حڪومت يا زراعت کاتو به سڪون سان ستل ھوندا.
سنڌ جي موجوده نگران حڪومت کي گُھرجي ته يوريا ۽ ڊي اي پي تي آبادگارن کي سبسدي ڏني وڃي ۽ ڪپھ جو في مڻ اگھ ڏھ ھزار ۽ سپر سارين جو پنج هزار، مقرر ڪري , ناجائز ٿيندڙ ڪٽوتيون بند ڪري آبادگارن هارين کي معاشي طرح تباھ ٿيڻ کان بچائي .

پهنجو تبصرو موڪليو