ڪي پي ۾  سرڪاري ملازمن کي بنا وياج  قرض ڏيڻ جو فيصلو

ڪي پي ۾ سرڪاري ملازمن کي بنا وياج قرض ڏيڻ جو فيصلو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي جي سرڪاري ملازمن کي بنا وياج کان پاڪ قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.صوبائي حڪومت ان حوالي سان هڪ خط پڻ جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق گريڊ هڪ کان 17 تائين جي صوبائي ملازمن کي آسان قسطن تي قرض فراهم ڪيا ويندا، خط ۾ چيو ويو آهي ته سيڪريٽريٽ ملازمن کي قرضن لاءِ 100 ملين رپيا ۽ ٻين ملازمن لاءِ 240 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن.خط موجب حڪومت گاڏي لاءِ 200,000 رپيا ۽ گهر ٺاهڻ لاءِ 250,000 رپيا ايڊوانس فراهم ڪندي، خط ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ هن قرض لاءِ 340 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو