ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف حافظ نعيم جي درخواست تي ٻڌڻي، ڪارروائي بنا ملتوي

ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف حافظ نعيم جي درخواست تي ٻڌڻي، ڪارروائي بنا ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف حافظ نعيم جي درخواست تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي بجلي جي بل ۾ فيول ايڊجسٽمنٽ ۽ ٽيڪس جي مد ۾ ڳري چارجز جي اڳاڙي تي ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف حافظ نعيم جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حافظ نعيم الرحمان پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ عثمان فاروق سان گڏ پيش ٿيو جماعت اسلامي جي وڪيل عدالت ۾ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي اوور بلنگ، فيول ايڊجسٽمنٽ چارجز اڳاڙي کان روڪيو وڃي ۽ سيلز ٽيڪس، انڪم ٽِڪس، ٽي وي لائسنسز، فيس ٻيا چارجز وصول ڪرڻ کان به روڪيو وڃي ايڊووڪيٽ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي اڪائونٽس جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڇي ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي غيرقانوني خاص ڪري رات جي وقت ۾ بجلي بند ڪرڻ کان روڪيو وڃي سنڌ ها3 ڪورٽ ۾د اخل درخوست ۾ چيو ويو ته وفاق سان معاهدي مطابق ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجي بجلي پيدا ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بجلي جي پيداوار ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ قدمن جو حڪم ڏنو وڃي عدالت ڪارروائي بنا ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪندي سمورين ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي تياري سان اچڻ جي هدايت ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو