ڪيوبا جي غظيم  انقلابي ليڊر فيڊرل ڪاسترو جو وڇوڙو

ڪيوبا جي غظيم انقلابي ليڊر فيڊرل ڪاسترو جو وڇوڙو

طفيل مگسي
فيڊل ڪاسترو هڪ عظيم انقلابي ۽ شخصيت هو.جنهن جي سبب کان دنيا جا ليڊر ۽ تاريخدان گڏيل سڏيل راء رکن ٿا.فيڊرل ڪاسترو جنهن جي چاهيندڙن جو چوڻ آھي ته هن ڪيوبا کي مضبوط ڪيو.جڏھن ته فيڊل ڪاسترو جي مخالفن جو چوڻ آھي ته هن هڪ جابر حڪومت کي بدلائي ڪري ٻي آمراڻي حڪومت قائم ڪئي.
ڪيوبا جي اڳوڻي صدر ۽ دنيا ۾ ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪرڻ واري 90سالن فيڊرل ڪاسترو کي دنيا جي خاص ليڊرن جي لسٽ ۾َھڪ سڃاڻپ جي طور تي ياد ڪيو ويندو.ڪيوبا جي اڳوڻي صدر فيڊرل ڪاسترو 50سالن تائين حڪومت ڪري رڪارڊ قائم ڪيو.
هن ڳاله کي پڻ مڃڻو پوندو ته فيڊل ڪاسترو پنهنجن حڪومت جي دوران پنجن ڏاهڪن کان ڪيوبا کي هڪ عظيم ملڪ بنائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ۽ ان کي سوشلسٽ اسٽيٽ بنائڻ ۾َ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو.فيڊل ڪاسترو سوويت يونين جي ٽٽڻ جي باوجود به امريڪا اثر و رسوخ جي خلاف اڪيلو بيٺو رهيو ۽ ھن ۾ ڪو شڪ ناهي ته فيڊل ڪاسترو کي ايڪويهين صديء جو هڪ اهم شخصيت جي طور تي ياد ڪيو ويندو.
فيڊرل ڪاسترو جي وفات تي جتي دنيا جي اڪثر ملڪن ۽ ليڊرن خراج تحسين پيش ڪيو.جڏھن امريڪا جي ان وقت چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو ڏيندي چيو ته “فيڊل ڪاسترو هڪ ڊڪٽيٽر هو“ڊونلڊ ٽرمپ هي پڻ چيو ته “هو اميد ڪري ٿو ته ڪيوبا هڪ آزاد مستقبل ڏانهن راهي ٿيندو.“جڏھن امريڪا جي صدر بارڪ اوباما جو چوڻ ھو ته “هاڻي وصت اچي چڪو آھي ته ٻنهي ملڪن جا ليڊر ڳاله ٻوله جاري رکن ته جيئن جي ماڻھن جي ڀلائي ٿيئي..ان کان اڳ جڏھن ته بارڪ اوباما هڪ ڪلاڪ تائين راهول ڪاسترو سان فون تي ڳاله ٻوله ڪئي.
فيڊل ڪاسترو جي جو چوڻ آھي ته هن غير منصفاڻي طرز تي حڪومت هلائي هئي ۽ ھو هڪ ڊڪٽيٽر هو.ليڪن اتي ڪافي ماڻھو هن.ڳاله جو اصرار ڪن ٿا ته فيڊل ڪاسترو ڪيوبا جي فلاح و بهبود جي لاء بهترين ڪم ڪيو.هو غريبن جي ڀلائي جي لاء سدائين اڳڀرو رهيو.160ع ۾ فيڊل ڪاسترو اقوام متحده ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته هو ڪيوبا منجهان کي هڪ سال ۾ ختم ڪري ڇڏيندو.ان کانپوء ڪيوبا ۾ 23%کان گهٽي 4%ٿي وئي.جنهن جي لاء ھن رضاڪارن کان مدد ورتي.
فيڊل ڪاسترو پنهنجي حڪومتي دور ۾ سوويت يونين کي پنهنجو دوست بڻايو هو جيڪو امريڪا کي بلڪل پسند نه هو.جنهن جو سبب ڪيوبا امريڪا جي نهايت ئي ويجهو آھي.امريڪا ڪيوبا ۽ سوويت يونين جي دوستي کان ناراض ٿي ڪري ڪيوبا تي اقتصادي پابندي هڻي ڇڏي هئي.جنهن تي فيڊل ڪاسترو ناراضپي جو اظھار ڪندي امريڪا تي غير منصفاڻي قدم جو الزام هنيو هو.
هتي هي ڳاله به دلچسپي جي آھي ته فيڊل ڪاسترو تي امريڪي ڳجهي ايجنسي( ) سي آئي اي اٽڪل 600کان وڌيڪ قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو.جنهن جو شايد هڪ سبب اهو هو ته فيڊل ڪاسترو امريڪي جي هڪ انقلابي ليڊر جي طور تي ڪيوبا کي هڪ ڪميونسٽ اسٽيٽ بڻايو هو جيڪا امريڪا جي لاء اڃا تائين مٿي جو سور بڻيل آھي.فيڊل ڪاسترو جا دشمن کيس کي بي رحم ۽ ظالم ڊڪٽيٽر سڏين ٿا.جنهن جوهڪ سبب شايد اهو هيو ته هن سوويت يونين سان گهري دوستي هئي ۽ جنهن کان هڪ ڀيرو نيو ڪليئر جي دڳ تي اچي وئي هئي.ڪاسترو ڪيوبا ۽ ٻدن حمايتي ملڪن ۾َ ھڪ عظيم انقلابي ليڊر جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو ۽ سهوئي ڪارڻ ھو ته ڪاسترو اڪيلي سر ڪيوبا تي 50سال حڪومت ڪئي هئي.
ننڍپڻ کسن ئي ڪاسترو کي ڪيوبا جي حڪومت ۽ ان جي ڪارڪردگي کان سخت سختلسف هو.هن جو چوڻ ھو ته ڪيوبا ۾ ڪسفي مسئلا آھن۽ حڪومت عام ماڻھن جي مسئلن تي ڌيان ناهي ڏئي رهي.فيڊل ڪاسترو پنهنجي هڪ فوج ٺاهيته جيئن هو ڪيوبا تي قبضو ڪري سگهي۽ ھن ڳاله جو پڪو په ڪيو ته ڪيوبا جي غريب عوام جي مدد ڪرڻ هن جو پهريون قدم هوندو.ڪاسترو هن ڳاله جو به فيصلو ڪيوته هن جي حڪومتي دور ۾ ڪا مخالف ڌر نه هوندي.نه ئي هن جي ڪو مخالفت ڪندو۽ اليڪشن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين.ڪاسترو ڪيترن ماڻھن کي جيل ۾ ۽ ڪيترن ئي ماڻھن فيڊل ڪاسترو جي مخالفت ڪئي هئي.ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويا.
فيڊل ڪاسرو جو جنم 1926ء ۾ ڪيوبا هڪ بنا شادي شده پيء ماء منجهان ٿيو.هن جو واکد اينجل ڪمند جي پوک جو تڙنگ واپاري هو ۽ ھن جي ماء لينا گونا جاليز هن جي پيء جي نوڪرياڻي هئي.ڪاسترو پنهنجي پيء جي فارم ۾( ) مزدورن سان گڏ نپيو تتيو هو ۽ ھن پنهنجي اکين سان اڻبرابري جي شڪار مزدورن کي ڏٺو هو.8سالن جي عمر ۾ ڪاسترو کي( ) جي سخت بورڊنگ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو.هڪ بخيل ڇوڪر هئڻ جي سبب کان ڪاسترو کي پنهنجين ساٿين ۽ استادن سان جهڳڙي ڪرڻو پيو.بعد ۾َ ڪاسترو کي( ) اسڪول ۾ داخلا وٺرائي وئي.جتي هو پنهنجن استادن جي ذاتي اعزاز وارن قدرن ۽ ھمت کان متاثر ٿيو. فيڊل ڪاسترو اسپورٽس جو به وڏو ماهر هو.خاص ڪري باسڪٽ بال ۾ وڏو نالو ڪمايائين.
فيڊل ڪاسترو ممتاز سياستدان ميرٿا جي ڌيء ميرٿا ڊايازي نونيز سان شادي ڪئي هئي .جيڪا ڪاسترو.جي يونيورسٽي جي ساٿين منجهان هئي.ميرٿا جي فيمليء ڪاسترو جي بنياد پرست سياست کي نا منظور ڪري ڇڏيو هو.ليڪن هن ڪاسترو کي امريڪا هني مون ملهائڻ جي لاء خرچن جي صورت ۾ تحفو ڏنو هيائين.1945ء ۾ فيڊل ڪاسترو( ) يونيورسٽي کان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي هئي.ڪاسترو کي يونيورسٽي ۾َبي انصافي ۽ جو احساس هو ۽ جنهن جي لاء هن کي يونيورسٽيء ۾ نشانو بڻايو ويندو هو.
يونيورسٽي ۾ ھٿيارن سان هٿياربند سياسي پارٽيننجو قبضو هو۽ اهي پنهنجي مرضي جي مطابق شاگردن ۾ ڪتاب وراهئڻ ۽ نيتجن جو فيصلو ڪندا هئا.
ڪاسترو شاگرد سياست ۾ قدم رکڻ جو فيصلو ڪيو.ليڪن ڪاسترو جڏھن.اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي صدر بنجڻ ۾ ناڪام.ٿيو تهو ڏاڍو پريشان ٿيو.باوجود ان جي ڪاسترو جي طوفاني تقريرن ۽ حڪومت تي ڇتي تنقيد ماڻھن کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
۔1947ء۾ ڪاسترو مشھور ليڊرڇيباس جي مصبول سماجي انصاف سان ٽمٽار سوشلسٽ پيغام ۽ ڪرپشن جي خلاف جنگ کان متاثر ٿي ڪري(Partido Ortodoxo)شامل ٿي ويو.
1951ء ۾ ڪاسترو کي ان وقت وڏو صدمو رسيو جڏھن هن جي سرپرست ڇيباس جو موت ٿي ويو.ان کانپوء فيڊل ڪاسترو ڪيوبا جي سياسي مسئلن جي حل جي لاء ڪارل مارڪس جي ڳالهين ۽ خيالن جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو.ڪاسترو.جو چوڻ ھو ته“مارڪسزم مون کي سيکسريو آھي ته معاشرو ڇا هو.مان جهنگ ۾ اکين تي پٽي ٻڌيون ڀٽڪي رهيو هوس.جنهن کي اها پروڙ نه هئي ته اتف ۽ ڏکڻ ڪٿي آھن.
1952ء ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان هن ڪيوبن ڪانگريس ۾ قدم رکيو.ليڪن هن کي ان وقت ناڪامي ٿي.جڏهن(Batista)فوجي بغاوت کانپوء ڪيوبا تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو.ڪاسترو پنهنجن هزارين ڪامريڊن جو قتل ٿيندي ڏٺو ۽ فيڊل ڪاسترو جو جهموري سسٽم کان اعتماد کڄي ويو.ان کانپوء ئي هن هٿياربند انقلاب آڻڻ تي سندرو ٻڌو.فيڊرل ڪاسترو ۽ هن جي ڀاء رائول ڪاسترو انڊر گرائونڊ انقلابي تنظيم جو بنياد وڌو ۽ پنهنجين ساٿين کي ملٽري ٽريننگ ڏيڻ شروع ڪئي.ڪاسترو ۽ ھن جي ساٿين (Batista )حڪومت جي خلاف ڄمي ڪري ويڙھ ڪئي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪافي ڇڙپون ٿيون.نيٺ 1958ء ۾ (Batista )حڪومت ڇڏي ڪري پڄي ويو.اهڙي ريت جنوري1969ء ۾ فيڊل ڪاسترو هوانا ۾ ھيرو بڻجي ڪري داخل ٿيو ۽ ڪيوبا جي ماڻھن جي لاء ھڪ انقلابي ليڊر بڻجي ڪري ڪيوبا جو صدر بڻجي ويو.50سالن جي حڪومت کانپوء ھو ضعيف عمر هئڻ سان گڏ بيمار پڻ رهڻ لڳو.جنهن دوران هن پنهنجي حڪومت جون واڳون پنهنجي ڀاء رائول ڪاسترو جي حوالي ڪيون.اهڙي ريت ٿورڙي ئي وقت ۾ يعني 25 نومبر تي هن فاني دنيا کان لاڏاڻو ڪري ويو.مگر اڄ به هو نه صرف ڪيوبن قوم جو هيرو آھي بلڪ سڄي دنيا جي سامراج دشمن عوام جو پڻ ھيرو بڻجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو