ٽورنٽو(ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا ٻن چيني ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين جي پروڊڪٽس ۽ خدمتن تي سيڪيورٽي خدشن سبب پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ڪينيڊا جي صنعت واري وزير چيو ته اهو فيصلو سيڪيورٽي ادارن پاران مڪمل جائزو وٺڻ ۽ اتحادين سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي.ان کان اڳ آمريڪا به چيني ڪمپنين کي 5G ٽيڪنالاجي تي جاسوسي ڪرڻ کان روڪيو هو.










