ڪورونا ويڪسين جي سائيڊ ايفيڪٽس جي رپورٽ جاري

ڪورونا ويڪسين جي سائيڊ ايفيڪٽس جي رپورٽ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) صحت واري وزارت ڪورونا ويڪسين جي سائيڊ ايفيڪٽس جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. صحت واري وزارت طرفان 15 مئي تائين لڳايل ويڪسين جي سائيڊ ايفيڪٽس جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.صحت واري وزارت جي رپورٽ موجب ويڪسين لڳرائيندڙ 38 لک ماڻهن مان صرف 4329 ماڻهن ۾ منفي اثر سامهون آيا جن مان منفي اثرن وارن 35.7 سيڪڙو ماڻهن کي بخار يا ڏڪڻي جون شڪايتون هيون جڏهن ته ويڪسين لڳرائيندڙ 33.1 سيڪڙو ماڻهن کي انجيڪشن لڳائڻ واري جڳهه تي تڪليف جي شڪايت هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو