ڪورونا جو قھر ۽ راشن عيوض رليل راڄ، اعجاز ممنائي

اسان وٽ غربت ھڪ وڏي گار آھي جيڪا ڪٍوبه غيرتمند برداشت نه ڪندو آھي پر ٿورو ماضي جي جهروڪي ۾ جهاتي پائجي ته  اسان جا وڏا وڏا غيرتي پٽ غربت جون گاريون سھندي ڏٺا ويا. اسان جي اتر سنڌ جتي اڃان تائين به ڪارو ڪاري جو ويل متل آھي تن جي غربت جو تماشو تڏھن دنيا ڏٺو جڏھن بارشن تباھي مچائي ھئي ۽ سمورا ماڻھو راڄڌاني شھر طرف لڏي ھليا ڪيترائي سال گذرڻ بعد ھُو پنھنجن اجهن ۾ واپس اچي آباد نه ٿي سگهيا آھن اھا بارش رحمت بجاءِ زحمت بڻجي ويئي حڪومت پاران وڏا وڏا اعلان ٿيندا رھيا ته اسان انھن کي ٻيھر آباد ڪنداسين امدادي سامان ڏيئي کين سکيو ستابو ڪنداسين پر وقت گذرندو رھيو ۽ اسان جي حڪمرانن سندن سار لھڻ ئي ڇڏي ڏني ۽ ھر ڪو پنھنجو پيٽ پالڻ لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ لڳو سندن زمينون کنڊر بڻجي ويون. ھُو اڃان مس وڃي پنھنجن پير تي بيٺا ھئا ته مٿان ڪورونا جو قھر اچي مٿن پيو حڪمرانن سڄي سنڌ کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ غريب ۽ مزدور طبقو جيڪو روز ڪمائيندو ۽ روز کائيندو ھو سو ھڪ ڀيرو ٻيھر پريشانيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجڻ لڳو آھي 15 ڏينھن مسلسل گذرڻ باوجود حڪومت جي ڪيل اعلانن تي عمل نه ٿي سگهيو آھي ھاڻي ماڻھو مجبور ٿي چڪا آھن توڙي حڪومت جو لاڪ ڊائون وارو فيصلو عوام جي ڀلي لاءِ آھي پر بک ۽ بدحالي عوام ڪيستائين برداشت ڪري ؟ ان جو به ڪو حڪومت وٽ حل ھجي ته ان تي عمل ڪري ھن مھل تائين عوام پنھنجي مدد پاڻ تحت پنھنجي غريب عوام جي خدمت توڙي مدد ڪري رھيو آھي جيئن مورو شھر جو ھڪ واقعو سامھون آيو جنھن حڪمرانن توڙي سرمائيدارن جون اکيون کولي ڇڏيون اھو قصو ھيئن ھو ته ڪالھه رات 10 بجي شراب نه ملڻ سبب صبر ۽ شڪر سان پنھنجي گھر جي دروازي جي چائنٺ تي ويٺل ھڪ شرابي پاڙي جي گھر مان اوچتو ٻارن ۽ ٻارن جي ماءُ جي زور زور سان روئڻ جا آواز ٻڌي انھن جو دروازو کڙڪائي سندن خيريت پڇي سانوري شڪل وارو ڏٻرو مزدور سڄيل اکين سان روئي شرابي کي 3 ڏينھن بک تي رھندڙ ٻارڙن جي حالت ٻڌائيندي روئيندو واپس گھر ھليو ويو، بس! پوءِ اھو شرابي بغير شراب پيئڻ جي نشي ۾ مين روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو . شھر جا تماشبين رڳو موبائيل وڊيو رڪارڊ ڪرڻ ۾ مصروف ھئا ان دوران پوليس موبائل اچي ويئي ۽ انسپيڪٽر شرابي کي روڊ کولڻ ۽ گھر وڃڻ جو حڪم ڏنو پر شرابي پنھنجي احتجاج کي جاري رکيو آخر انسپيڪٽر شرابي کان مطالبو پڇيو . شرابي مطالبو ڪيو ته پنھنجي ايم پي اي، ايم اين اي، ڊي سي، اي سي، چيئرمين، ڪائونسلر ۽ ٽي ايم او کي ھتي ھينئر جو ھينئر پيش ڪر انسپيڪٽر جو دماغ چڪرائجي ويو ۽ شرابي کي ھٿ ٻڌي گذارش ڪرڻ لڳو ته ڳالھه ڪائونسلر ۽ ٽي ايم او جي ھجي ته مان انھن کي منٿ ڪري سڏائي سگھان ٿو پر ايم پي اي، ايم اين اي، ڊي سي، اي سي ۽ چيئرمين کي سڏائڻ منھنجي وس جي ڳالھه ناھي جنھن تي شرابي انسپيڪٽر کي روڊ کولڻ کان کتو جواب ڏيندي احتجاج کي جاري رکيو آخر ۾ انسپيڪٽر شرابي کي قران جا واسطا ڏئي چوي ٿو مسئلو ٻڌاءِ ۽ روڊ کول ، مان تنھنجو مسئلو حل ٿو ڪريان شرابي پوليس سان شرط رکيو ته روڊ کولي ٿو ڇڏيان پر شرط اھو آھي ته تون مونسان منھنجي پاڙي ۾ ھلندين. انسپيڪٽر پاڙي ۾ ھلڻ جي حامي ڀري ۽ شرابي انسپيڪٽر کي ان مزدور جي گھر وٺي ويو جتي 4 نياڻيون ھڪ پٽڙو بکن ۾ پاھه نيم بيھوشي جي حالت ۾ کٽن تي پيا ھئا بس پوء انسپيڪٽر جي به اکين جا بند ٽُٽي پيا ۽ زاروقطار روئڻ لڳو بس فوري طور موبائل ۾ رکيل پوليس وارن جي ماني گھرائي انھن بکايل نياڻين ۽ ٻچڙن کي کارائي۽ انسپيڪٽر پنھنجي خرچ تي نامعلوم ماڻھن کي فون تي راشن ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا رات جو ھڪ بجي 12 ھزار جو راشن 3 ھزار روڪ رقم ان مزدور جي گھر ڏنا ۽ ان مزدور وري اڌ کان وڌيڪ راشن پنھنجي گھٽيءَ جي ٻين غريبن کي ورھائي ڏنو انسپيڪٽر شرابي کي ھٿ ٻڌي سڏڪا ڀريندو وڃي موبائل ۾ ويٺو ۽ شرابي کي سندس زال ٻانھن جا ھار وجھي گھر وٺي وئي. اي سنڌ جا ڀوتارو، پير، مير توھان کان ته اھو شرابي ھڪ لحظي ۾ اَمر بڻجي ويو توھان ڀلي ڪورونا جي خوف کان ڪمرن ۾ بند پيا ھجو جڏھن اليڪشن ٿئي ته پوءِ ٻاھر نڪرجو، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سڻڀا ماڻھو ٻرن ۾ لڪي ويھي رھيا آھن پاڪستان ۾ کوڙ سارا سرمائيدار بزنس مين ۽ کوڙ ساريون ڪمپنيون آھن جيڪڏھن اھي ڪورونا متاثرين کان وٺي لاڪ ڊائون ۾ ٿيندڙ بيروزگارن لاء ميدانِ عمل ۾ اچن ته ملڪ ۾ ڪوبه غريب نه رھندو ۽ ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي تي مڪمل عمل ٿي ويندو ۽ ھرڪو پنھنجي گهرن ۾ بند ٿي ويھي رھندو انھن اميرن جي لسٽ ۾ حبيب گروپ، بحريه گروپ، ھائر گروپ،  حب پاور ڪمپني گروپ، نشاط گروپ ، تابا گروپ، فوجي گروپ، شريف گروپ ، زرداری گروپ ، عقیل ڪریم  ڊیڊي عقيل ڪريم ڍيڍي، عارف حبيب ، اسحاق ڊار، شاھد خاقان عباسي ، علي جھانگير صديقي ، جھانگير ترين ، خسرو بختيار ، ھمايون اختر خان ، رزاق دائود، ھارون ، آفتاب صديقي، ڊان، ايڪسپريس، ڪاوش گروپ وغيره ، سپر اسٽار ڪرڪيٽرز ، ٽي وي ھوسٽ، اداڪار، ميڻ بتي مافيا. جيڪڏھن اھي سڀ پاڻ کي مخلص پاڪستاني سمجهن ته نه رڳو ملڪ مان غربت جو خاتمو اچي سگهي ٿو پر اسان جو نالو مقروضن جي لسٽ مان به نڪري سگهي ٿو ڇوته اسان وٽ نه وسيلن جي کوٽ آھي ۽ نه اميرن جي کوٽ آھي اسان جي ماڻھن جا اڪائونٽ پوري دنيا جي بئنڪن ۾ ڪشاڪش ڀريل آھن پر اسان وٽ مخلصي ڪانھي اسان صابڻ جي ھڪ چڪي ڏيئي ڦوٽو ڪڍي سچ پچ غريب جي تذليل ڪندا آھيون اڄ ڪورونا جي بھاني دنيا ڪيتري ترقي ڪري ڇڏي ڪھڙيون ڪھڙيون ايجادون ڪيون پوري دنيا حيران آھي پر اسان پاڪستان وارا ته دنيا کان وڌيڪ دنيا جي ايجادن تي حيران ٿي ويا آھيون ڇو جو اسان اڄ تائين ڪو اھڙو تجربو ڪيو ئي ناھي نه وري ڪو خواب ۾ ئي تجربو ڪيو ھوندو ڇو جو اسان کي ڪو اھڙو موقعو ئي نصيب نه ٿيو ان ۾ اسان جي ڪرپٽ حڪمران پھرين نمبر تي آھن انھن پنھنجي پيٽ پالنا ۾ رڳو پنھنجو ئي سوچيو ڪڏھن اھڙو سوچيو ئي ڪونه ته اھڙي حالت ٿيندي انھن سوچيو ھڪڙو پر ٿيو ڪجھه ٻيو آھي انھن وٽ ته پئسا جام آھن بس ٽڪيٽ وٺي ڪنھن وڏي ملڪ تي اڏام ڪندا، ان ڪري انھن کي ضرورت ئي ڪانه پئي ته ڪا سٺي اسپتال ٺاھجي جنھن ۾ غريب لاءِ ڪجھه سھولتون ھجن پر ٺاھن به ڇو؟ اسپتالون يا اسڪول ٺھندو ته شايد سندن نقصان ٿيندو . عوام کي علاج جي سھولت ملندي ۽ پريشاني ختم ٿيندي ۽ صحتمند زندگي گذاريندو ۽ رئيس جي سامھون ٿي بيھندو ائين ئي جيڪڏھن اسڪول ٺھندو ته ٻار پڙھندا شعور وڌندو ۽ رئيس جي سامھون ٿي غريب عوام پنھنجا مطالبا مڃرائيندو ھن وقت عوام انھن جي پيرن جي ھيٺان صرف ووٽ جي لاء ھا ۾ ھا ملائڻ لاء آھي ۽ انڪري حڪمرانن سوچين ٿا ته اھي اسپتالون سندن ڪھڙي ڪم جون آھن جڏھن علاج ئي کين ٻاھران ڪرائڻو آھي پر ان معصوم قوم جي جاھل حڪمرانن کي ھاڻي ڪو احساس ٿيو آھي جڏھن اھي ٻاھريان ديس به انھن کي علاج لاء نو انٽري وارو ڪارو بورڊ ڏيکاريو ويو ۽ چيو ته اسان پھريان ئي پنھنجن مان بيزار آھيون وڃي پنھنجي ملڪ مرو تڏھن صاحبن جون اکيون کليون ته ٻيلي اھا دولت به ڪم نٿي اچي ھاڻي پريشانيءَ جي عالم ۾ اچي غريبن تي ٿورو ڪرڻ لاء ڪٿي اسپتالون قائم ٿين ٿيون ته ڪٿي وري ٺھيل اسپتالن ۾ سھولتون فراھم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آھن بس دير آمد درست آمد واري چوڻيءَ موجب ڪورونا اسان کي گهڻو ڪجھه سيکاريو آھي  ڪورونا کان پوء اسان کي خبر پئي ته دنيا جنھن کي اسان سمجھيو پئي ته ايتري ترقي ڪئي آھي جو  ڪابه وبا يا ڪا مصيبت اچي ڪو فرق نه  پوندو اھو غلط ثابت ٿيو . اڄ اھا سموري دنيا آسمان ڏانھن ڏسي خدا کي ياد پئي ڪري ته شال الله ئي ھاڻي بچائي سگھي ٿو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته الله ئي سڀني جو پالڻ وارو آھي ۽ مصيبتن کان بچائڻ وارو آھي ھن وقت اسان وٽ ڪي اھڙا ريسرچ سينٽر ناھن جو تجربا ڪري ڪا دوا ئي ٺاھن ھان ھتي شاگرد اسڪول ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ بدران ڊگري ڪري ويندا آھن ان کان پوء وڃي ڪا مزدوري ڪندا آھن حڪومت پڇندي به ناھي ته اھي ملڪ ۽ قوم جو سرمايو ڇو ضايع ٿي رھيو آھي انھن کي ليب کولي ڏيون ۽ سھولتون ڏيون ته ملڪ ۽ قوم جي ڪم اچي سگھن توھان زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ وڃي ڏسو اسان کوکلا ٿي ويا آھين اسان جو ڪاروھنوار مڪمل طور تباھه لڳو پيو آھي ايگريڪلچر ريسرچ ڏسو ڪو نئون ٻج تيار ٿيو آھي؟ گھڻن ماڻھن کي اسان روزگار ڏنو آھي؟ ڪورونا جي ڪري جتي مزدور ۽ غريب طبقو تمام گهڻو متاثر ٿيو آھي ھو گهر جي ھڪ جڳھه تي ويھي رھيو آھي  ائين ملڪ جو سڄو سسٽم ويھي ويو آھي ھڪ دڪاندار بيڪري وارو يا گارمينٽس وارو ھر اھو دڪاندار جيڪو پنھنجو سامان وڪڻي ان مان ڪجھه بچت ٿيندڙ رقم مان گھر جو ڪاروھنوار ھلائيندو ھيو اھو به ته بيروزگار ۽ ڪمپنين جو قرضي ٿي ويو آھي ظاھر آھي دڪان بند اٿس ته ڇا وڪڻندو .سڀئي ماڻھو مڪمل طور بيروزگار ٿي ويا آھن سڀ ھڪ ھنڌ لاڪ ڊائون ٿي ويھي رھيا آھن  ان حالت ۾ ان امير طبقي ۽ سياستدانن کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهربو ھو ته ھن موذي مرض مان ته جان نه ٿا ڇڏائي سگهون پر غريب کي ٻن ڏينھن جو راشن ته پھچائي سگهون ٿا پر ائين نه ٿي سگهيو اھا دولت ڪھڙي ڪم جي آھي جيڪا ڪنھن جي ڪم نه ٿي اچي اٽليءَ ۾ اميرن پنھنجي ملڪيت روڊن رستن ۽ واٽن تي اڇلي اعلان ڪيو ته ھيءَ سڄي عمر گڏ ڪيل ملڪيت کڻو بس رڳو اسان جي زندگي بچايو زندگي ھوندي ته ملڪيت وري ٿي اسان وارن اميرن سياستدان  سرمائيدارن کي به اھا روش اپنائڻ گهرجي  حڪومت کي گذارش آھي ته ھن وقت امداد جي ضرورت صرف مزدور طبقي کي نه آھي پر سڀ اھي ماڻھو جيڪي بيروزگار ويھي ويا انھن کي راشن ڏنو وڃي ائين نه سمجھيو  وڃي ته ھي وڏو دڪاندار آھي ان جو حق ناھي اھو دڪاندار ھن مھل بيروزگار آھي ڇو جو سندس دڪان بند آھي کوڙ سارا اھڙا غريب ملازم آھن جن جو گذر پنھنجي پگهار مان مان نه ٿو ٿئي ۽ ھو پنھنجي نوڪريءَ کان پوءِ ڪو ڪاروبار ڪري رھيو ھو پر ھن وقت لاڪ ڊائون سبب ان جو گذر نه ٿو ٿئي ان کي به راشن واري فھرست ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪڏھن فارم ۾ ملازم راشن نه وٺي وارو شرط رائج ڪيو ويو ته اھا نانصافي ھوندي ۽ اھو مجبور ٿي ڪنھن ٻئي جي حق تي ڌاڙو ھڻندو انڪري راشن عيوض ماڻھو نه روليو بلڪه سڀني کي راضي ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ٺاھيو جيڪڏھن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وانگر ماڻھن کي روليندو ته توھان جا ئي بيوروڪريٽ ۽ سرمائيدار سڻڀا ٿيندا ۽ غريب طبقو پنڻ تي مجبور ٿيندو ھن ڪورونا وائرس مان سبق سکو ۽ الله جي آزمائش ۾ نه اچو ھُو وڏو حساب ڪتاب وٺڻ وارو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو