ڪنڌ ڪوٽ گهوٽڪي پل جو ڪم جاري، بلاول جا ٿورا

ڪنڌ ڪوٽ گهوٽڪي پل جو ڪم جاري، بلاول جا ٿورا

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ ظھير وسير ) پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان لنڊ چيو آهي ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جو ٿورائتو آهيان جن گهوٽڪي ۽ ڪنڌ ڪوٽ پُل ڏني، جنهن سان ٻنهي ضلعن جي عوام کي تمام بهترين فائدو ٿيندو، ڪافي وقت جي بچت ٿي پوندي، ڪاروبار ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ پُل ٺهڻ سبب پوري علائقي جي عوام خوشحال ٿيندي، ۽ ڪاروبار ۾ به سٺو اضافو ٿيندو، سنڌ حڪومت جو اهڙو قدم ساراھ جوڳو آهي ۽ حڪومت عوام دوست فيصلو ڪيو آهي، هن پُل جي ٺهڻ سان 151 ڪلو ميٽر مان گهٽجي صرف 30 ڪلو ميٽر جو فاصلو ٿيندو، جنهن سان عوام کي سٺو فائدو ٿيندو. ٻئي پاسي گهوٽڪي ڪنڌ ڪوٽ کي ملائڻ واري پل تي ڪم تيزي سان جاري آهي. ڪجهه ڏوهاري نه پيا چاهين ته اها پل ٺهي پر ٺيڪيدار کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو