ڪراچي (پ ر ) واٽر بورڊ جي ڪنهن بہ صورت ۾ نجڪاري نہ ڪئي پئي وڃي ۽ نہ ئي وري ڪنهن بہ ملازم کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويندو ۽ سي بي اي جي سمورن عهديدارن سان سومر جي ڏينهن گڏجاڻي ڪري واٽر بورڊ ملازمن جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز اڳيان متحده ورڪرز فرنٽ الائنس جي طرفان نجڪاري جي خلاف احتجاج دوران مظاهرين کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پڻ موجود هو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ واٽر بورڊ جي سمورن ملازمن لاءِ منهنجا دروازا هميشہ کليل آهن، هن چيو مون کي جڏهن خبر پئي تہ سروس دوران فوت ٿيل ملازمن جي وارثن کي جنازي جي خرچ ۽ مالي امداد وقت تي ادا نہ ڪئي پئي وڃي تڏھن مون کي گھڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو، ان سلسلي ۾ مون ملازمن جو هي اهم مسئلو فوري طور حل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون، ان حوالي سان ڊي ايم ڊي فنانس واٽر بورڊ پاران ڪالھ ھڪ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب سروس دوران فوت ٿيندڙ ملازمن جي وارثن کي فوري مدد فراهم ڪرڻ لاءِ جنازي جا اخراجات ۽ مالي امداد 15 ڏينهن اندر ادا ڪئي ويندي، ان کان علاوه واٽر بورڊ جي ملازمن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل ڊپارٽمينٽ ۾ بھتري ۽ وڌيڪ سڌارا آندا پيا وڃن، سي اي او واٽر بورڊ وڌيڪ چيو تہ ملازمن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، واٽر بورڊ ملازمن جي بقايائن جي حوالي سان هن چيو تہ لينڊ روينيو جي وصولي ذريعي ملازمن کي ادائگيون ڪيون وينديون، ان موقعي تي متحده ورڪرز فرنٽ الائنس جي اڳواڻن پاران واٽر بورڊ جي نجڪاري نہ ڪرڻ واري اعلان ڪرڻ تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جو شڪريو ادا ڪندي مظاهرو ختم ڪيو.










