ڪشمورويگن باهه، فوت ٿيلن جي آلين اکين سان تدفين، ماحول سوڳوار

ڪشمور/ ڪنڌ ڪوٽ(ن س) ڪشمور ۾ ٽول پلازا وٽ ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور طرف ايندڙ مسافر وين کي اوچتو باهه لڳڻ سبب ٽن عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا ٿڏي تي زنده سڙي فوت ٿي ويا. وين جو ڊرائيور لهي ڀڄي ويو، دروازا بند هئڻ ڪري ماڻهو نڪري نه سگهيا ۽ سندن سڙيل لاش سيٽن سان چپڪي ويا، جڏهن ته 5 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي ڪشمور پوليس ۽ فائر برگيڊ گاڏي واقعي واري هنڌ پهچي مسافر وين کي لڳل باهه وسائي پر تيسين ڦاٿل ماڻهو سڙي چڪا هئا.

فوتين ۾ 35 سالن جي مسمات منظوران چاچڙ پنهنجي ننڍڙي پٽ ھزار خان چاچڙ سميت سڙي فوت ٿي وئي، معصوم عنائتان چاچڙ فوت ۽ وقار چاچڙ سڙي زخمي ٿيو، جيڪو اسپتال داخل آهي. جڏهن ته بهلڪاڻي خاندان سان تعلق رکندڙ لعل خاتون ۽ مسمات مرادان بھلڪاڻي سڙي فوت ٿي ويون. ڪنڌ ڪوٽ مان سنڌيار جي نمائندي شعبان بلوچ موجب چاچڙ برادري جي فوت ٿيل مسمات منظوران، هزار خان ۽ ڪائنات جي سوين آلين اکين سان تدفين تنگواڻي لڳ سندن اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي. جڏهن ته زخمي وقار به اسپتال مان گهر پهتو آهي. نمائندي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته بهلڪاڻي خاندان جو پاڻ م جهيڙو هو۽ عورتون منٿ ميڙ جي سلسلي م آيل هيون ۽ واپس ويندي حادثي جو شڪار ٿيون.  فوتين جو تعلق ڪنڌڪوٽ تعلقي سان آهي. حادثي ۾ 5ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين مان مائي گلان کي وارث سول اسپتال ڪشمورکڻائي آيا جڏهن ته وڌيڪ سڙيل جسم وارن عبدالمجيد چاچڙ۽ زاھد عارباڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار نيو ويو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي رپورٽ طلب ڪئي آهي. سندس ترجمان موجب سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي وئي آهي ته گاڏي م لڳل سلينڊر جي انسپيڪشن ۽ رجسٽريشن جا تفصيل  فراهم ڪيا وڃن.
هوڏانهن غالب بلوچ موجب واقعي جو ڊي سي ڪشمورمنورعلي مٺياڻي نوٽيس وٺندي ڪنڌڪوٽ۔ڪشمور کان سکرويندڙ سڀني مسافر ويگنن ۾ لڳل سي۔اين۔جي ڪٽ لاھڻ جوحڪم ڏيندي کين خلاف ورزي ڪندڙ خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو